شڪارپور

  • شڪار ۾ انتظاميه جي نااھلي سبب گندي پاڻي جي نيڪال نه ھجڻ ڪري بيماري پکڙجڻ لڳيون

    شڪارپور شهر جي ساهڙ محلي ۾ انتظاميه جي بي ڌياني سبب گندي پاڻي جو نيڪال نه هئڻ سبب پاڻي ساهڙ محلي جي گهرن ۾ ڪاهي پيو ، علائقي واسين جو ٽي ايم او ۽انتظاميه خلاف سخت احتجاج . تفصيل موجب شڪارپور شهر جي مشهور علائقي اسٽور گنج لڳ مختيارڪار آفيس جي ساهڙ محلي ۾ ڪني تلا۽ جو پاڻي علائقي واسين جي گهرن ۾ ڪاهي پيو پاڻي گهرن ۾ اچڻ سبب علائقي واسين جو ٽي ايم او آغا جلال الدين پٺاڻ ۽ نظير سومرو خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ چيو ته هتي هڪ ننڍو موٽر لڳل آهي جيڪو به خراب پيو آهي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ سبب گندو پاڻي اسان جي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي گندي پاڻي گهرن ۾ اچڻ سبب هڪ ته اسان جو جڳهون ڪري رهيون آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • سلطان ڪوٽ ۾ پٺاڻ برادري ۾ تڪرار ٻه ڄڻا مارجي ويا

    شڪارپور جي شهر سلطان ڪوٽ ۾ پٺاڻ برادري جي تڪرار ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ چار ڄڻا شديد زخمي تفصيل موجب شڪاپور شهر جي نزديڪ سلطان ڪوٽ شهر ۾ آغا مجن ۽ آغا معشوق پٺاڻ جي ملازمن ۾ آغا مجن جي شيل جي پئٽرول پمپ تي معلومي ڳالهه تان جهيڙو ٿئي پيو جهيڙي ۾ جديد هٿيارن جو هڪ ٻئي تي کلي عام استعام ڪيو ويو جهيڙي جي نتيجي ۾ غلام مصفطي بروهي ويٺل سنڌ واه ۽ پپو عرف الاهي بخش ڪاڪيپوٽو ٿڏي تي مارجي ويا ۽ چار ڄڻا شديد زخمي ٿئي پيا زخمين ۾ شانگري لوڊرو ، آغا معشوق پٺاڻ، عبدالحڪيم ، سعيد خان سخت زخمي ٿئي پيا قتل ٿئي ويل لاشن کي رورل هيلٿ سينٽر ۾ آندو ويو جتي سندن لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • بروھي برادري جو شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي

    شڪارپور ۾ قتل ٿيل ٺري مير واه جو ڊي ايس پي عبدلطيف شر جي قتل کان پو۽ سندس وارثن جي فرياد تي پوليس چڙهايون ڪندي مدئجي ، شڪارپور مان گرفتاريون ڪندي بروهي برادري جي عورتن کي گرفتار ڪيو آهي اهڙي عمل خلاف شڪارپور شهر ۾ بروهي اتحاد جي اڳواڻ رفيق جان بروهي جي اڳواڻي ۾ رستم چوڪ کان لکي در تائين ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي رفيق جان بروهي چيو ته پوليس ناجائزي ڪندي بروهي برادري جي ڪجهه عورتن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ انهن جو قاتلن سان ڪو واسطو نه آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • فرسٽ ايئر جو شاگرد حادثي ۾ فوت

    فرسٽ ايئر جو شاگرد نديم گل چنه موٽر سائيڪل تي سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج ويندي تيز رفتار ٽرالر لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت تفصيل موجب ميراڻي محله جو رهاڪو فرسٽ ايئر جو شاگرد نديم گل چنه ولد سليم گل چنه موٽر سائيڪل تي سي اينڊ ڊگري ڪاليج وڃي رهيو هو ته تيز رفتار ٽرالر لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين علائقي جي ماڻهن کيس اسپتال پهچايو جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو سندس لاش گهر پهچڻ تي سندس ماءُ ، پيءُ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا علائقي ۾ سوڳ وارو ڪيفيت ڇانيل رهي

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪرن شريف پوليس اهلڪارن جو پورهيت عبدالقيوم ڀٽي مٿان وحشياڻو تشدد

    ڪرن شريف پوليس اهلڪارن جو پورهيت عبدالقيوم ڀٽي تي وحشياڻو تشدد کيس بي هوشي جي حالت ۾ گهر ٻاهران ڦٽو ڪيو ويو . تفصيل موجب ڪلهه رات جو عبدالقيوم ڀٽي مزودوري ڪري پنهنجي گهر طرف وڃي رهيو هيو ته ڪرن شريف ٿاڻي جي پوليس اهڪارن کيس پڪڙي ڪري سڄي رات وحشياڻي تشدد جو نشانو بنايو کيس بيهوشي جي حالت ۾ سندس گهر ٻاهران اڇلايو ويو کيس علائقي جي ماڻهن سول اسپتال علاج لا۽ پهچايو اهڙي خبر پوندي سندس گهر وارا روڄ راڙو ڪندا سول اسپتال پهتا جتي سندس حالت خطري کان ٻاهر هئي ان موقعي تي عبدالقيوم ڀٽي چيو ته مون کان پوليس اهلڪارن پئسا پڻ ڦريا آهن بعد ۾ سندس ڀاءُ ، سوٽ ۽ سندس امڙ امينه خاتون ايس ايس پي هائوس تي پهچي ڪري قران پاڪ کڻي سخت احتجاج ڪيو سندس اهڙي احتجاج جو ايس ايس پي جنيد احمد شيخ ٿڏي تي نوٽيس وٺندي انڪوائري جو حڪم جاري ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • ڊيوٽي ڊاڪٽر جي غير حاضري ڪري اسڪول پٽيوالو تڙپي تڙپي فوت

    ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جو پٽيوالو سول اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ڊيوٽي ڊاڪٽر غير حاضر ، وارثن جو سول اسپتال جي عملي خلاف احتجاج . تفصيل موجب ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جو پٽيوالو غازي ناپر گورنمينٽ ها۽ اسڪول نمبر 1 ۾ ڊيوٽي دوران بي هوش ٿئي ڪري پيو سندس هم منصبن کيس سول اسپتال (جيڪا هڪ منٽ جي مفاصلي تي آهي ) پهچايو پر آ۽ ، سي ، يو ۾ ڊيوٽي ڊاڪٽر موجود نه هئو هڪ ڪلاڪ جي انتظار باوجود ڊيوٽي ڊاڪٽر سول اسپتال نه پهچي سگهيو غازي ناپر جيڪو اصل ڳوٺ صاد الله ناپر (بوجا ناپر ) جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي ان ڪلاڪ دوران تڙپي تڙپي فوت ٿئي ويو سندن وارثن کي جئين ئي ان فوتگي جو اطلاع مليو ته وارث اوڇانگرون ڏيندا سول اسپتال پهچي ويا بعد ۾ سندن وارثن سول اسپتال جي عملي کي ايمبولينس ڏيڻ لا۽ چيو جيئن مرحوم جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ روانو ڪيو وڃي پر اسپتال انتظاميه بي حسي جي انتها ڪندي چيو ته ايمبولينس ۾ تيل نه آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • صحافي آغا طارق پٺاڻ مٿان لتن مڪن جو وسڪارو ،سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو

    شڪارپور شهر ۾ ڦهليل گندگي جا ڍير ، ڪنو پاڻي ، در در ڪچرو ڊي سي او شڪارپور ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو کي ڏيکارڻ تان نساسڪ آفيسر ڊوالفقار ابڙو مڇرجي پيو صحافي آغا طارق پٺاڻ مٿان لتن مڪن جو وسڪارو ،سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو . تفصيل موجب شڪارپور شهر ۾ وڌندڙ گندگي جي شڪايتن تي ڊي سي او شڪارپور ڊاڪٽر سعيد احمد مڳڻيجو شهر جي مختلف چوراهن ، گهٽين ، روڊن رستن تي گندگي بابت مختلف ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهيو هيو ته شڪارپور شهر جي صحافي آغا طارق پٺاڻ گندگي بابت ڊي سي او شڪارپور کي آگاهي ڏني ۽ گندگي جا ڍير ڏيکارڻ تي نساسڪ آفيسر ذوالفقار ابڙو مڇرجي پيو ڊي سي او جي موجودگي ۾ نساسڪ آفيسر جا صحافي کي گٿا لفظ ڳالهڻ ۽ لتن مڪن جو وسڪارو صحافي کي سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو ان موقعي ته ڊي سي او شڪارپور نساسڪ آفيسر تي ڏمجري پيو کيس پيدل گهر وڃڻ جي هدايت ۽ صحافي سان انصاف ڏيارڻ جو واعدو هوڏانهن اها خبر جيئن ئي صحافي برادري کي پئي ته صحافي برادري ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
  • افغانستان ويندڙ نيٽو جا آئل ٽينڪرن تي شڪارپور جي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ

    ڪراچي کان افغانستان ويندڙ نيٽو جا آئل ٽينڪرن تي شڪارپور جي ڀرسان ڳوٺ لوڊرا وٽ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻن آئل ٽينڪرن کي باه لڳي وئي ۽ وري انهن آئل ٽينڪرن جي باه جي نتيجي ۾ ٻن ٻين آئل ٽينڪرن کي پڻ باه لڳي وئي آئل ٽينڪر باه لڳڻ سبب سڙي رک ٿئي ويا جڏهن ته ٽئي آئيل ٽينڪرن کي معمولي قسم جو نقصان پهتو ٽينڪرن جا ڊرائيور پنهجي فرار ٿئي ويا اهڙي خبر پوندي ئي فائر برگيڊير جو عملو باه تي قابو پائڻ لا۽ پهچي ويو آخري اطلاعن تائين باه تي قابو نه ٿئي سگهيو جڏهن ته پوليس ۽ رينجرس جا اهلڪار موقعي تي پهچي ويا رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي شڪارپور جنيد احمد شيخ ٻڌايو ته اڪٽر تيل جا ٽينڪر پراڻا هوندا آهن تيل جي ٽينڪرن جا مالڪ تيل ۽ ٽينڪرن کي باه لڳائي ڪري انشورنس ڪمپنين کان ٽينڪرن جا پئسا ڀرائڻ لا۽ اهڙا واقعا ڪرائيندا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • مڙس ۽ سھري جو تشدد کان تنگ، عورت ووميڻ ٿاڻي تي پھتي

    ڪنڌڪوٽ واسڻ فرزانه بالڪاڻي زال راجه بالڪاڻي پنهنجي مڙس ۽ سهري جي تشدد کان تنگ اچي ڪري پاڻ کي شڪارپور وومين پوليس وٽ پيش ڪيو آهي رابطو ڪرڻ تي فرزانه بالڪاڻي چيو ته مون جي شادي چار مهينه اڳ راجه بالڪاڻي سان ٿئي هئي مون جي ماءَ پيءُ بدلي ۾ هڪ لک ٽيه هزار روپيه ۽ ٻه پيٽ پڻ ڏيڻ جو لکرايو هيو هاڻي راجه بالڪاڻي ۽ مون جو سهرو روز مون کي تشدد بڻائيندا آهن مون اها دانهن پنهنجي ڀائرن کي پڻ ڏني مون جو ڀاءُ محمد فاروق ۽ محمد حسين پڻ دانهن جو نه ورجايو مان بيوس ٿئي ڪري پاڻ کي وومين پوليس حوالي ڪيو آهي مون کي اهو ڀئو هيو ته مون کي مون جو مڙس ماري ڇڏيندو

    وڌيڪ پڙھو
  • غريب ۽ بيواه عورتن جي مالي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ شهيد بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام کي اڳتي وڌائيندي: آفتاب شعبان ميراڻي

    پ پ پ ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي ڪالھ جنرل پوسٽ آفيس گرائونڊ ۾ شهيد بي نظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي تحت جاري ڪيل پاورٽي ڪور (غربت جي خاتمي جي مهم ) جي اسڪيم جو افتحاح ڪيو ان موقعي ته ان اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته غريب ۽ بيواه عورتن جي مالي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ شهيد بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام کي اڳتي وڌائيندي حڪومت پاڪستان پ پ پ جي چئرپرسن جناب آصف علي زرداري صاحب جي قيادت ۾ پاورٽي ڪور اسڪيم جو افتحاح ڪيو آهي جنهن ۾ خاص طور تي عورتن جي مالي مدد ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ مسٽر ميراڻي وڌيڪ ٻڌايو ته شڪارپور ضلعي ۾ هن وقت 69462 بيواه عورتن کي تيرنهن ڪروڙ اٺٽيه لک روپيا مني آرڊر جي ذريعي انهن جي گهرن تائين پهچايا ويندا

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button