لاڙڪاڻو
-
زرداري نئين ديري ۾ تقرير ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ جي توهين ڪئي آهي:ممتاز ڀٽو
سنڌ نيشنل فرنٽ جي چيئر مين نواب ممتاز علي ڀٽو پنهنجي رهائش گاه تي مختلف وفدن سان ڳالهائيندي چيو ته بينظير جي سالگره تي نئون ديري ۾ جيڪا زرداري ڀڳت وڌي اها هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ورزي ۽ توهين آهي جنهن ۾ اها فتويٰ ڏني وئي آهي هي صدارتي ڪرسي تي ويهي سياست نه ٿو ڪري سگهي. زرداري جي ڀڳت نه رڳو ڪورٽ جي توهين آهي پر آئين جي به خلاف ورزي آهي جنهن تي هن کي آئين جي شق 6 تحت سزا ڏئي سگهجي ٿي. رت ڏيڻ واري معاملي تي ممتاز علي ڀٽو چيو ته جن ٽي سال عوام جي رت پيتي آهي انهن فوٽو ڪڍرائڻ خاطر هڪ رت جي بوتل ڏئي جهڙي ترار هئين هوڏانهن اقتصادي ماهرن ظاهر ڪيو آهي ته ملڪ جي عوام مان 7 ڪروڙ ماڻهو روزانو هڪ سئو روپين کان گهٽ رقم تي گذارو ڪرڻ تي مجبور آهن.
وڌيڪ پڙھو -
مولوي نواز شريف پيپلز پارٽي کي فوج سان ويڙھائڻ چاھي ٿو: زرداري
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪي ادارن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. جيڪڏهن ادارن ۾ ٽڪراءُ ٿيو ته ان سان ملڪ جونقصان ٿيندو. اسان فوج، عدليا، ميڊيا ۽ ٻين سڀني ادارن کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا. حڪومت تي ٿيندڙتنقيد تي ڪاوڙناهيون ڪندا پر مخالف اصلاحي تنقيد ڪن. منهنجي فلاسافي سمجهڻ لاءِ مخالفن کي منهنجي ڪمري ۾ اچڻو پوندو. مونمفاهمتي فلاسافي شهيد بينظير ڀٽو کان سکي هئي. مفاهمتي عمل ملڪ لاءِ انتهائي ضروري آهي جيڪو جاري رکيو ويندو. نئون ديرو هائوس ۾ بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف زرداري چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي خلاف جاري جنگ ختم نه ڪنداسين. اڄ اسان انهن ماڻهن لاءِ رت ڏنو جيڪي شهيد يبنظير ڀٽو جي سوچ موجب دهشتگردن خلاف ڏورانهن هنڌن تي جنگ وڙهي رهيا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
صدر آصف علي زرداري پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگرهه جي موقعي تي رت جو عطيو
صدر آصف علي زرداري ڪالهه اڱاري ڏينهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگرهه جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ رت جو عطيو ڏنو. صدر آصف علي زرداري جي صاحبزادي بختاور ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه به ان موقعي تي موجود هئا. قومي مهم تحت گڏ ٿيندڙ رت جو عطيو دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف جنگ ۾ مصروف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن ۽ ضرورتمند ماڻهن جي لاءِ استعمال ٿيندو. صدر آصف علي زرداري عسڪريت پسندي خلاف جدوجهد ۾ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي قرباني جي ياد ڏياريندي
وڌيڪ پڙھو -
صدر آصف علي زرداري آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ڪاليج تي 160.2 ملين رپين جي لاڳت آئي آهي
صدر آصف علي زرداري ڪالهه اڱاري ڏينهن آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي جو افتتاح ڪيو. هي ڪاليج 160.2 ملين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو ويو آهي، جيڪو شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻ جو هڪ ذيلي ادارو آهي، آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڪلاس هن سال سيپٽمبر کان شروع ٿيندا، ميرٽ جي بنياد تي 50 شاگردياڻيون کي داخلا ڏني ويندي. هي اتر سنڌ ۾ پهريون ڊينٽل ڪاليج آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر پروفيسر اڪبر حيدر سومرو صدر کي اداري جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن چيو ته ڪاليج لاءِ استادن جي خدمتن کي حاصل ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي صدر جي صاحبزادي بختاور ڀٽو زرداري به موجود هئي.
وڌيڪ پڙھو -
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس ٻيهر کولڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن ريفرنس موڪلي کيس لڳل داغ ڌوئڻ جو موقعو ڏنو آهي،هو ان مان فائدو حاصل ڪري: صدر آصف علي زرداري
نئون ديرو – (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس ٻيهر کولڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن ريفرنس موڪلي ان کي موقعو ڏنو آهي ته هو پنهنجي منهن تي لڳل داغ ڌوئي ۽ اسان کي داغ ڌوئڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي،عدليه عدالتي قتل کي تسليم ڪري معافي ڏيڻ اسان جو ڪم آهي، عدليه پاڻ جدوجهد دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏسيل واٽ تي هلندي حق وٺڻ لاءِ لانگ مارچ ڪئي، هي قائداعظم جو پاڪستان نه پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پاڪستان آهي، ڪالهه هتي نئون ديرو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 32 هين ورسي جي موقعي تي هڪ وڏي جلسي عام کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀٽو ازم جا مخالف اسان جي خلاف ڪيس ٻيهر هلائڻ چاهين ٿا ان مان ظاهر آهي ته اهي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قبر جو ٽرائيل ڪرڻ چاهين ٿا، ڇو جو آئون پنهنجي حصي جي سزا ڪاٽي چڪو آهيان جيڪا انهن ريفرنسن سزا ملڻي آهي، ان کان ته آئون ٻيڻ ٽيڻ تي ڪٽي چڪو آهيان ۽ اهي اڻ سڌي طرح تي محترمه بينظير ڀٽو جي قبر جو ٽرائيل ڪرڻ چاهين ٿا پر…
وڌيڪ پڙھو -
نئين ديري لڳ اغوا ٿيل نوجوان آزاد نه ٿيو، وارثن جو ڪيٽي ممتاز پوليس خلاف احتجاج
نئون ديرو (نيوز ڊيسڪ) نئين ديري لڳ ڳوٺ ڦلپوٽي جي پورهيت بخت پٽ علي نواز کي پوليس آزاد ڪرائي نه سگهي آهي، جنهن ڪري مغوي جي گهر اندر روڄ راڙو ۽ مايوسي ڇانيل آهي ۽ سندس پيرسن امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، هوڏانهن مغوي جي وارث جوابدارن علي مدد ناريجي، علي ڏني، سڪندر، غلام علي، حڪيم ۽ ٻين مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو آهي. پر ڪيٽي ممتاز پوليس جوابدارن کي هن وقت تائين گرفتار نه ڪيو آهي، ٻئي طرف وارثن پاران انور ناريجي، غلام نبي، امداد، ممتاز ناريجي جي اڳواڻي ۾ نوجوان جي آزادي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن ڪيٽي ممتاز پوليس خلاف نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي صحافين آڏو دانهيندي مغوي جي ڀاءُ انور ناريجي چيو ته ڏيڍ مهينو گذري ويو آهي، پوليس ڀاءُ کي آزاد ڪرائي نه سگهي ۽ نه وري جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. هنن چيو ته آر پي او سکر، ڊي آءِ جي، ڊي پي او لاڙڪاڻي کي اپيل ٿا ڪريون ته نوجوان کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ۽ اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
مرتضيٰ جا قاتل آزاد ٿيڻ کي سال مڪمل، پيپلز پارٽي (ش ڀ) جو سڄي سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن، مظاهرا
ڪراچي (نيوز ڊيسڪ) پيپلز پارٽي (ش ڀ) جي باني چيئرمين شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس 6 ساٿين جي قتل واري ڪيس مان جوابدارن جي بريت خلاف ڪالهه 5 ڊسمبر واري ڏينهن کي سڄي سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو ويو. ان ڏس ۾ پيپلز يوٿ (ش ڀ) جي مرڪزي سڏ تي لاڙڪاڻي ۾ به ڪارڪنن ڪارو ڏينهن ملهائي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي المرتضيٰ هائوس ۽ گهرن تي ڪارا جهنڊا چاڙهيا. جڏهن المرتضيٰ هائوس کان هڪ وڏي احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي يوٿ جي مرڪزي صدر غلام رسول عمراڻي، آصف جتوئي، حاجي خان بروهي، سردار جاگيراڻي، اشفاق عباسي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ريلي ۾ شريڪ سوين ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا، بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شهر جي مختلف رستن جو گشت ڪري حڪومت خلاف سخت نعرا لڳايا ۽ پريس ڪلب اڳيان پهچي ڌرڻو هنيو. جتي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 5 ڊسمبر تي اسان جي قائد شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن کي سزا ڏيڻ بجاءِ ڪيس مان بري ڪيو ويو ۽ اهو ڏينهن تاريخ ۾ ڪاري باب جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ڪري هن ڏينهن تي ڪو به غيرتمند ۽ ڀٽو خاندان جو حقيقي چاهيندڙ خوشي نه ٿو ملهائي سگهي هنن وڌيڪ چيو ته…
وڌيڪ پڙھو