ٽنڊو محمد خان

  • ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو ويندو، سيد نويد قمر

    بچاءُ جي وفاقي وزير سيد نويد قمر ٽنڊو محمد خان ضلعي جي يوسي ملاڪاتيار جي ڳوٺ اصغر آباد ۾ سوين غريب عورتن ۽ مردن ۾ سلائي مشينون ۽ نلڪا ورهايا ويا، ان موقعي تي هن چيو ته محبت سنڌ ريلي تي ٿيل فائرنگ جي جانچ ڪئي ويئي آهي ۽ ملوث ماڻهن کي سزا ڏني ويندي

    وڌيڪ پڙھو
  • ڀٽائي ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران سيمينار منعقد ڪرايو ويو

    ڪمند جي اگهه ۽ جنس تان آبادگارن ۽ شوگر ملز مالڪان ۾ هر سال هلندڙ تڪرار جي مستقل حل بابت ڀٽائي ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران سيمينار ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ، ڪين ڪمشنر جو ٽيڪنيڪل نمائندو، آبادگار اڳواڻ ۽ سڄاڻ ڌريون شريڪ ٿيون

    وڌيڪ پڙھو
  • ترقي پسند پارٽي پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس جو گهراءُ، ٻه ڪلاڪ طويل ڌرڻو

    ترقي پسند پارٽي پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس جو گهراءُ، ٻه ڪلاڪ طويل ڌرڻو، اڄ کان دستخطي مهم شروع، تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان سيد برڪات رضوي جي مبينه ڪرپشن خلاف ترقي پسند پارٽي پاران اعلانيل جدوجهد جي ٻي مرحلي ۾ داخل

    وڌيڪ پڙھو
  • ٻه صحافي عمري جي سعادت ماڻيندا

    ٽنڊو محمد خان جا ٻه خوشنصيب صحافي هن سال عمري جي سعادت ماڻڻ لاءِ مديني شريف ويندا، پريس ڪلب پاران رٿيل تقريب، ۾ ڊپٽي ڪمشنر برڪات رضوي پکا ڪڍي خوشنصيب صحافين رانا اڪبر ۽ راؤ غلام حسين جي نالن جو اعلان ڪيو، جيڪي جولاءِ ۾ عمري جي سعادت لاءِ روانا ٿيندا

    وڌيڪ پڙھو
  • چونڊيل نمائندا انسان ئي نه ٿا سمجھن، معذور جي دانھن

    معذورن جي بک هڙتال اٺين ڏينهن به جاري، ڪو به چونڊيل نمائندو يا ضلعي عملدار لڙي نه آيو، تفصيل موجب صوبائي سرڪار پاران نوڪرين ۾ معذورن جي ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه پاران معذورن کي امداد نه ڏيڻ خلاف معذور ايڪشن ڪاميٽي پاران مسلسل 08هين ڏينهن به جاري رھي

    وڌيڪ پڙھو
  • ممتاز ڀٽو جا ٽنڊو محمد خان جي ميرن سان رابطا، ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت

    ممتاز ڀٽو جا ٽنڊو محمد خان جي ميرن سان رابطا، امير بخش ڀٽو پيغام کڻي مير عنايت ٽالپر وٽ پهچي ويو، مسلم ليگ ”ن“ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت، ميدان صلاح مشوري لاءِ وقت گهري ورتو، مير گروپ ۾ ٻه لاياب، پ پ يا نواز ليگ ، فيصلو خاندان جا وڏا ڪندا

    وڌيڪ پڙھو
  • معذورن جي بک هڙتال کي هفتو مڪمل، ڪنھن سار نه لڌي

    معذورن جي بک هڙتال کي هفتو مڪمل، ڪو به چونڊيل نمائندو يا ضلعي عملدار لڙي نه آيو، تفصيل موجب صوبائي سرڪار پاران نوڪرين ۾ معذورن جي ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه پاران معذورن کي امداد نه ڏيڻ خلاف معذور ايڪشن ڪاميٽي پاران مسلسل 07هين ڏينهن علامتي بک هڙتال جاري

    وڌيڪ پڙھو
  • گذريل سال جي برساتن ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي نااهلي ڪري محمد خان ٻڏي ويو هو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو الزام

    سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٽنڊو محمد خان جي ڊپٽي ڪمشنر برڪات رضوي جي مبينه ڪرپشن ۽ ايندڙ امڪاني ٻوڏن ۾ ٽندو محمد خان جي ناڪاره ڊرينيج سسٽم خلاف ٻي ڏينهن اياز ڀٽي، عزيز حاجاڻو، فرحان شاهه، سجاد بروهي، ناري تحريڪ جي ضلعي صدر ثمينه خاصخيلي، گلشن خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪن تعلقه ميونسپل آفيس سامهون شاميانو هڻي علامتي بک هڙتال جاري رکي

    وڌيڪ پڙھو
  • ڊي سي او ٽندو محمد خان نئين مالي سال لاءِ بجيٽ پيش ڪري ڇڏي

    ضلعي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او ٽنڊو محمد خان سيد برڪات احمد رضوي پاران مالي سال 2012_2011 لاءِ اڄ ضلعي ڪائونسل جي اسيمبلي هال ۾ ضلعي حڪومت جي 5646 رپين جي بچت سان 2 ارب هڪ ڪروڙ 37 لک 19 هزار 767 رپين جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ خرچ جوتخمينو 2 ارب هڪ ڪرورڙ 37 لک 14 هزار121 رپيا ڄاڻايو ويو آهي . بجيٽ ۾ خرچ جا تفصيل ٻڌائيندي ضلعي ايڊمنسٽريٽر چيوته ملازمن جي پگهار لاءِ هڪ ارب هڪ ڪروڙ 2 لک رپيا ، غير ترقياتي ڪمن جو خرچ 17 ڪروڙ 89 لک 96 هزار 771 رپيا ، مرمت ۽ سارسنڀال وارن ڪمن جي مد ۾ 5 ڪروڙ 40 لک رپيا ، هلندڙ سالياني ترقياتي ڪمن لاءِ 20 ڪروڙ رپيا ، نئين سالياني ترقياتي پروگرام ۽ سي سي بي جي مد ۾ 6 ڪروڙ رپيا، پي پي ايڇ آءِ ملازمن جي پگهارن لاءِ هڪ ڪروڙ 67 لک 84 هزار 431 رپيا، پي پي ايڇ آءِ جي غير ترقياتي ڪمن لاءِ 3 ڪروڙ 17 لک 86 هزار 132 رپيا، ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ هڪ ڪروڙ ، ٻين ترقياتي ڪمن ۽ گرانٽس لاءِ 5 ڪروڙ 49 هزار 996 رپيا، او زيڊ ٽي آڪٽراءِ يونين ڪائونسل شيئر لاءِ 41…

    وڌيڪ پڙھو
  • لنڊن، سعودي ۽ دبئي وارن کان نٿو ڊڄان،آمريت جو مڙس ٿي مقابلو ڪنداسين: ذوالفقار مرزا

    پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته هو لنڊن، سعودي عرب ۽ دبئي وارن کان نٿوڊڄي جنهن ڪري تمام گهڻن ماڻهن کي هن مان تڪليف آهي. هن چيو ته سندس سسي ڌار ته ٿي سگهي ٿي پر ڪنهن جي سامهون جهڪي نه ٿي سگهي. هن چيو ته موجوده حڪومت کي عوام 5 سالن جو مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ ڪنهن ۾ به دم ناهي ته هو 5 سالن کان اڳ پ پ پ جي حڪومت ختم ڪري سگهي. لڪي سازشون ڪندڙ سامهون اچن ۽ اسان جو مقابلو ڪن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي اڳواڻن کي 11 سالن تائين آمر ڊيڄاريندا رهيا پر اسان جي اڳواڻن انهن جو ڄمي مقابلو ڪيو. تقريب کي پ پ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ضلعي نائب صدر محمد علي قريشي ايڊووڪيٽ ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني جي جنرل مئنيجر سهيل عباسي سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button