ٽنڊو محمد خان
-
اين اي 222: ھڪ پولنگ اسٽيشن تي مبينه طور جعلي ووٽ وجهڻ جو انڪشاف
ٽنڊو محمد خان جي اين اي 222 ۽ پي ايس 53 جي گڏيل پولنگ اسٽيشن نمبر 113 ڊسٽرڪٽ اسپتال جي پولنگ اسٽيشن تي مبينه طور جعلي ووٽ وجهڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
ٽنڊومحمدخان ۽ آسپاس جي علائقن ۾ سيڪيورٽي نه هئڻ برابر رهي
ٽنڊومحمدخان جي هڪ قومي اين اي 222 ۽ ٻه صوبائي تڪن پي ايس 53 ۽ پي ايس 54 لاءِ پولنگ جو سلسلو صبح دير سان شروع ٿيو ، ڪل 242 پولنگ اسٽيشنز لاءِ عملو گذريل ڏينهن پهچي چڪو هو ٽنڊومحمدخان ۽ آسپاس جي علائقن ۾ سيڪيورٽي نه هئڻ برابر رهي
وڌيڪ پڙھو -
ٽنڊومحمد خان ۾ پي پي جي اميدوارن کي برتري
آخري اطلاعن تائين ٽنڊومحمدخان ۾ ٻن صوبائي ۽ هڪ قومي سيٽ لاءِ پ پ جو سيدنويد قمر 242 مان 86 پولنگ اسٽيشنز مان 41985 ووٽ کڻي سرسي ۾ آهي سندس مقابلي ۾ فنڪشنل ليگ اميدوار پيرسجاد جان سرهندي 13157 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي
وڌيڪ پڙھو -
تنڊومحمدخان: پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار بس ٽڪر ۾ زخمي
تنڊومحمدخان جي تعلقي شاهه ڪريم بلڙي جي تڪ پي ايس 54 جو پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار نصرالله بليدي گذريل ڏينهن حيدرآباد بدين روڊ تي ڪيٽل ڪالوني ويجهو سامهون ڪريل وڻ کان بچندي سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي ويئي نتيجي ۾ نصرالله بليدي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي زخمي حالت ۾ ڪراچي اسپتال نيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
موجود اليڪشن انجنئيرڊ نظر اچي رهي آهي، سماجي تنظيم جا اڳواڻ
سماجي تنظيم انڊس فيوچر فائونڊيشن جي چيئرمين پنهل ساريو ،ڊائريڪٽر اصغر لغاري ۽ فرحان عباسي چيو ته موجودھ اليڪشن انجنئيرڊ نظر اچي رهي آهي ۽ جيڪڏهن ائين ئي ڪرڻو هو ته پوءِجسٽس رٽائرڊ فخرالدين ابراهيم جهڙي معتبر ماڻهو کي اليڪشن ڪميشن جي اهم سيٽ تي ويهارڻ جي ضرورت نه هئي
وڌيڪ پڙھو -
ٽنڊو محمد خان ۾ اميدوارن ۽ عوام جي وچ ۾ کلي ڪچهري منقعد ڪرائي ويئي
سماجي تنظيم انڊس فيوچر فائونڊيشن پاران ايندڙ الڪيشن 2013 جي سلسلي ۾ اميدوارن ۽ عوام جي وچ ۾ کلي ڪچهري منقعد ڪرائي ويئي، آفيسر ڪلب ٽندو محمد خان ۾ منقعد ڪيل کلي ڪچهري ۾ مختلف تڪن جي اميدوارن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ، سول سوسائٽي جي نمائندن ، وڪيلن ، صحافين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
ٽنڊو محمد خان ۾ اليڪشن مهم ۾ تيزي اچي ويئي
ٽنڊو محمد خان ۾ اليڪشن مهم ۾ تيزي اچي ويئي مختلف تنظيمن جي اميدوارن ۽ آزاد اميدوارن پاران جلسا ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون پيون وڃن انهي حوالي سان پاڪستان ڪنزرويٽو پارٽي جي اين اي 222 ۽ پي ايس 54 تي نامزد اميدوار رحيمان ڀٽي جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڪپور موري ۾ هڪ وڏو جلسو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
ٽرانسپورٽ نه ملڻ سان ووٽ جي شرح گهٽجي ويندي، سيمينار کي خطاب
ٽنڊو محمد خان ۾ سماجي تنظيم انڊس فيوچر فائونڊيشن پاران اليڪشن ڪميشن جي قاعدن ۽ قانونن جي روشني ۾ ووٽر کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جي عنوان سان سيمينار محمد خان غني ادبي تنظيم جي هال ۾ ٿيو،اڳوڻن چيو ته ٽرانسپورٽ جي نه ملڻ سان ووٽ جي شرح گهٽجي ويندي ۽ ٽرن آئوٽ گهٽجڻ جو خدشو آهي ۽ ووٽر کي گهر کان ٻاهر ڪڍڻ مشڪل هوندو ۽ ووٽ جي ڪاسٽنگ وارو تناسب گهٽجي سگهي ٿو
وڌيڪ پڙھو -
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 34 ورسي ٽنڊومحمد خان ۾ ملھائي ويئي
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 34 ورسي لاکاھائوس تي ملھائي ويئي، جنھن ۾ ضلعي اڳواڻ ۽ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ پ ضلعي صدر حاجي امين لاکو، اڳوڻو ايم پي اي عبد الڪريم سومرو، نورمحمد ويسريو، ارشاد ميمڻ، محبوب نوٽڪاڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي ٽنڊو محمد خان جو نوان عھديدار چونڊيا ويا
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف بشير قريشي) ضلعي ٽنڊو محمد خان جي سالياني اليڪشن جساف جي مرڪزي اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين مومن سمون ميمبرن عظيم ڪلهوڙو ۽ نجيب پنهور جي نگراني ۾ ٽنڊو محمد خان جي ڊگري ڪاليج ۾ ٿي
وڌيڪ پڙھو