ٺٽو
-
ٺٽي ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڏي ٻوڏ جو امڪاني خطرو
ٺٽي ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڏي ٻوڏ جو امڪاني خطرو چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج مٺل خان عباسي سپرينٽينڊٽ ڪلر بگاڙ سرڪل عبدالقادر عباسي سان گذريل ٻوڏ ۾ تباه ٿيندڙ پنياري شاخ ۽ ايم ايس حفاظتي بند تي هلندڙ تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ ٺٽي پهچي ويو. هن آبپاشي کاتي لوئر پنياري ۽ اپر پنياري جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي 20 جون تائين هر حالت ۾ ڪم مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. ان ڏس ۾ اين اين آءِ پاران اڳواٽ ئي ان ڳالهه جي نشاندهي ٿي چڪي آهي ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر اپر پنياري سرڪل جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر سهيل بلوچ پاران ايم ايس حفاظتي بند جو ٺيڪو پنهنجي من پسند ٺيڪيدارن کي ڳري ڪميشن جي ڪري ڏنو جن ۾ هڪ ٺيڪيدار نور الدين شيخ مڪمل طور تي نابين آهي اهو ڏسي به نه ٿو سگهي پر ان جي باوجود حساس نوعيت جي ايم حفاظتي بند جي مرمت جو ڪم ان جي حوالي به ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اين اين آءِ کي هي ڄاڻ ملي آهي ته آبپاشي کاتي ڪچي ۾ رهندڙ هزارين ماڻهن کي نوٽس جاري ڪري گهر خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
اياز شاهه شيرازي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
مسلم ليگ (ق) جي مرڪزي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري قومي اسيمبلي ميمبر سيد اياز علي شاهه شيرازي پنهنجي هڪ بيان ۾ پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندي چيو آهي ته هو پنهنجي ذاتي مصروفيتن سبب پارٽي سرگرمين کان عليحده ٿي رهيو آهي. ان ڪري پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪريان ٿو. هوڏانهن مسلم ليگ (ق) ضلعي ٺٽي جي صدر سيد نصير حسين شاهه شيرازي ضلعي جنرل سيڪريٽري امجد سعيد، حيدرآباد ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري سيد سرفراز شاهه، تعلقي ٺٽي جي صدر منور هيجب، سجاول جي صدر حاجي حسين ٻارڻ، بٺورو جي حاجي حبيب ميمڻ، ساڪرو تعلقي جي طفيل احمد ٿهيم، گهوڙا ٻاري جي نظير احمد ڪيهر، يوٿ ونگ ضلعي ٺٽي جي صدر عبدالعزيز ميمڻ سميت پارٽي جي نون ئي تعلقن جي عهديدارن، مسلم ليگ (ق) جي ذيلي تنظيمن يوٿ ونگ، ايم ايس ايف، ليبر ونگ جي عهديدارن احتجاجن پارٽي جي عهدن تان استعيفيٰ ڏيندي چيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
ملڪاڻي شريف ويجهو ناري مبينا طور اغوا، 7 جوابدارن تي ڪيس داخل، 2 گرفتار
ملڪاڻي شريف لڳ ڳوٺ محمد شريف راجپوت ۾ 16 سالن جي نوجوان ناري آمنه ڌيءَ محمد اشرف راجپوت کي مبينا طور گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو ويو، پنگريو ٿاڻي تي ناري جي پيءُ محمد اشرف راجپوت گناهه نمبر 70 تحت 7 جوابدارن مير حسن، الهه بچايو، مبارڪ، الهڏنو، عبدالله، جمعون ۽ خالق ڏنو ڀٽي خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار رات جو گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي ناري کي اغوا ڪري ويا، پوليس ٻن جوابدارن خالق ڏنو ۽ مبارڪ ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، علائقي ۾ اهي چوٻول آهن ته ناري مير حسن ڀٽي سان گهران نڪري فرار ٿي وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو