ٺٽو

  • فقير جو ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بند جي گهاري جي مرمت جو ڪم بند، ٺيڪيدار جي لاپرواهي

    گذريل مها ٻوڏ دوران ٺٽي ضلعي اندر سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسن دريا جي حفاظتي بچاءُ بندن کي پيل گهارن سميت انتهائي حساس قرار ڏنل بچاءُ بندن جي مرمت ۽ مضبوطي وارو ڪم آبپاشي کاتي ۽ ٺيڪيدار جي لاپرواهي سبب رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ فقير جو ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ کي ٻڌڻ سميت ان جي مضبوطي لاءِ هلندڙ ڪم ٺيڪيدار اوچتو بند ڪري مشنري واپس ڪري ڇڏي آهي، مذڪوره انتهائي حساس بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ توڙي سموري بند کي مٿي ۽ گذريل ٻوڏ جي سطح کان 6 فوٽ اوچو ڪرڻ وارو ڪم به رڪجي ويو آهي جڏهن ته پي بي بند جي گهاري واري هنڌ پٿرن سان پيچنگ وارو ڪم به اڃان تائين شروع نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته آبپاشي انتطاميا ۽ هتان جي چونڊيل نمائندن ان معاملي جو ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي جنهن سبب ٺٽو واسي ۽ علائقي جا زميندار توڙي آبادگار ٻيهر سخت خوف و حراس ۾ وٺجي ويا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • اصل سياست عوام جي در تي وڃي سندن مسئلا معلوم ڪرڻ ۽ ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي بيهڻ آهي: ماروي ميمڻ

    ق ليگ ۽ ايم اين اي شپ تان استعيفيٰ ڏيڻ بعد اڳوڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ پنهنجي والد اڳوڻي سينيٽر نثار ميمڻ سان گڏجي ٺٽي ضلعي اندر سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ان سلسلي ۾ ماروي ميمڻ ميرپورساڪرو ، ٻهاڙا، گجو ۽ ٻين علائقن جا دورا ڪري علائقي جي ماڻهن سان ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون جڏهن ته ٻهاڙا ۾ اڳوڻي ايم پي اي غلام قادر پليجو جي ويجهي ساٿي ۽ تر جي اهم شخصيت نواز علي شاهه قدوساڻي اڳوڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ جي مان ۾ ڏنل هڪ آجياڻي ۾ سندس حمايت جو اعلان ڪيو ان موقعي تي خطاب ڪندي ماروي ميمڻ چيو ته اصل سياست عوام جي در تي وڃي سندن مسئلا معلوم ڪرڻ ۽ ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي بيهڻ آهي پر هن وقت ملڪ ۾ ڦر لٽ واري سياست هلي رهي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • حسن بيچين روح هو هن جو جنم ئي شاعري لاءِ ٿيو هو: نواز علي شاهه ڀاڏائي

    سنڌ جي البيلو شاعر حسن درس جي ياد ۾ جسقم (آريسر گروپ) پاران ٺٽو ۾ هڪ تعذيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو ان موقعي تي جسقم آريسرگروپ جي نواز علي شاهه ڀاڏائي چيو ته حسن درس سنڌ جي حسن جو شاعر هو جنهن وٽ پنهنجو نرالو انداز ۽ منفرد لهجو هو، هن چيو ته حسن درس جو اوچتو وڇوڙو دل کي ڏکوئيندڙ آهي جنهن سنڌي شاعر جي اڏارکي گرهڻ هڻي ڇڏي آهي، هن چيو ته حسن بيچين روح هو هن جو جنم ئي شاعري لاءِ ٿيو هو ۽ اهو سچ آهي ته هو ويندي ويندي شاعري کي نئين زندگي ڏيئي ويو ۽ هو پنهنجي جوهر ۾ ارڏو ۽ انقلابي انسان هو مڪمل العين جو شاعر هو

    وڌيڪ پڙھو
  • پڇڙي تائين پاڻي جي فراهمي ۾ رڪاوٽون وجهندڙن خلاف پهرين جولاءِ کان ضلعي انتظاميا کي آپريشن شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري

    ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سسئي پليجو ٺٽي ضلعي اندر ڪچي جي اندر زمينداري بندن کي ڊاهڻ ۽ شاخن ۾ پوڇڙ تائين پاڻي جي فراهمي ۾ رڪاوٽون وجهندڙن خلاف پهرين جولاءِ کان ضلعي انتظاميا کي آپريشن شروع ڪرڻ جون هداتيون جاري ڪندي چيو آهي ته آبپاشي کاتي جي انتظاميا جي ناقص ڪارڪردگي سبب جاتي، شاهبندر، ميرپورساڪرو، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ جي پوڇڙ تائين پيئڻ لاء به واهن ۾ پاڻي نٿو پهچي ۽ ان جو ذميوار واسطيدار عملدار آهن ، جن خلاف هاڻي ڪارروائي ڪئي ويندي، مڪلي تي ضلعي ڪائونسل هال ۾ ضلعي جي حفاظتي بچاءُ بندن تي هلندڙ مرمتي ڪم ۽ پاڻي جي صورتحال بابت سڏايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي سسئي پليجو حفاظتي بچاءُ بندن تي هلندڙ ڪم بابت آبپاشي کاتي کان رپورٽ ورتي ۽ حفاظتي بچاءُ بندن اندر ڪچي ۾ زمينداري بندن توڙي واهن ۽ شاخن کي ڪٽ هڻي پوڇڙ واسي زميندارن جي حصي جو پاڻي حاصل ڪندڙ بااثر زميندارن بابت (اج) تائين آبپاشي کاتي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • حيدرآباد سيوهڻ روڊ تي حادثو، ٽي فوت

    حيدرآباد سيوهڻ روڊ تي حادثي ۾ فوت ٿيل ٺٽي واسي هڪ نوجوان جو لاش ٺٽي ۽ ٻن جڻن جو لاش ڪراچي نيو ويو سندن گهرن ۾ ڪهرام متل ، سيوهڻ جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ لاءِ ويندي حيدرآباد سيوهڻ روڊ تي ٽائرراڊ ٽٽڻ سبب ڪوسٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيل ٺٽو واسي 25 سالا نوجوان دانيال ولد زاهد کٽي جو لاش ڪالهه شام جو ديرسان ٺٽي شهر ۾ آندو ويو جتي رات ديرسان سندس تدفين جون تياريون ٿي رهيون هيون جڏهن ته حادثي ۾ فوت ٿيل دانيال جي مامي وحيد ۽ سئوٽ حماد جو لاش ڪراچي نيو ويو آهي ٽنهي فوتين جو تعلق ٺٽي سان آهي پر دانيال جا مائٽ هن وقت ڪراچي ۾ رهائش پذير آهن حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻين گهرڀاتين کي طبي امداد ڏيڻ بعد ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • قدرتي آفتن کي روڪڻ انسان جي وس ۾ ناهي ،موجوده حڪومت ايندڙ امڪاني ٻوڏ جي خطري جي پيش نظر سمورا وسيلا قطب آڻي رهي آهي: ۾ نويد قمر

    وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي گڏيل ڪميٽي ڪوٽ عالمون لڳ ايم ايس بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ پهچي دورو ڪيو، ۽ هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو، وفاقي سرڪار پاران بندن جي نگراني لاءِ جوڙيل 8 رڪني ڪميٽي پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير نويد قمر جي اڳواڻي ۾ ڪوٽ عالمون ايم ايس بچاءُ بند کي پيل گهاري واري هنڌ جو معائنو ڪري هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو ، 8 رڪني ڪميٽي ۾ نويد قمر سميت وفاقي وزير ميرهزار خان بجاراڻي، وفاقي فلڊ ڪميشن جي چيئرمين اسد امتياز ، آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير جام سيف الله ڌاريجو، سيڪريٽري آبپاشي خالد حيدر ميمڻ، پاڻي بابت ماهر ادريس راجپوت، واپڊا ۾ پاڻي بابت ميمبر راغب عباس شاهه ۽ ٻيا شامل هئا. ڪميٽي جي اڳواڻن گهاري کي بند ڪرڻ واري ڪم جو معائنو ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • حسن درس جو حادثاتي موت سنڌي ادب لاءِ وڏو خال آھي: اديب

    سنڌ جي قلم ڌڻين ، اديبن، شاعرن ۽ صحافين نئين ٽهي جي ڀلوڙ شاعر حسن درس جي حادثاتي موت کي سنڌ ادب لاءِ وڏو خال قرار ڏيندي چيو ته حسن درس جي قومي ۽ ادبي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، مڪلي تي هڪ سماجي تنظيم پاران حسن درس جي ياد ۾ سڏايل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي صوفي حضرو بخش چيو ته حسن درس جي اندر ۾ صوفي ازم جو درس سمايل هو ۽ هو هميشه مذهبي ڪٽرپڻي خلاف اتساهه بنيل هو، هن چيو ته حسن جو وڇوڙو اسان کان ڀلوڙ شاعر ۽ پياري ماڻهو جو ڌار ٿيڻ آهي، مسعود لوهار خطاب ڪندي چيو ته حسن درس سنڌ جو ارڏو عاشق هو جنهن جي خواهش هئي ته سنڌ کي پنهنجو ماضي ۾ موٽائڻ جي جدوجهد ڪجي ۽ هتان جي ماڻهن جي دلين مان نفرتن جو خاتمو آڻي مهمان نوازي واري ڦوڪڻي کي واپس آڪاش ۾ نروار ڪجي ،

    وڌيڪ پڙھو
  • گھوڙا ٻاري لڳ سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي، 3 فوت 32 ڄڻن کي بچايو ويو

    گهوڙاٻاري لڳ ٻيڙي ذريعي ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ ويندڙ ڳوٺاڻن جي ٻيڙي تيز هوائن سبب سنڌو درياهه ۾ اوندي ، 32 جڻن کي بچايو ويو، 3 جڻا ٻڏي فوت، هڪ جڻي جو لاش هٿ ، ٻن جي ڳولا جاري، ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقي گهوڙاٻاري جي ڳوٺ رحيم پنهور جا رهواسي ڳوٺاڻا گهوڙاٻاري ويجهو هڪ ٻيڙي ۾ سوار ٿي شادي جي ڪاج خاطر ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ شاهه بندر طرف وڃي رهيا هئا ته سندن ٻيڙي سنڌو درياهه ۾ اوندي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻيڙي ۾ سوار 35 جڻا ٻڏڻ لڳا ان دوران آس پاس جي ملاحن ۽ ڳوٺاڻن مڙسي ڪري 32 جڻن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو ، جڏهن ته 3 ڳوٺاڻا دين محمد هنڱورو ، محمد پنهور، عبدالرزاق هنڱورو ٻڏي فوت ٿي وي

    وڌيڪ پڙھو
  • مٽلا شاخ کي اوچتو 35 فوٽ گهارو، ڪيترائي ايڪڙ پوکيل فصل ۽ ٻه ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا

    ٻيلو لڳ مٽلا شاخ کي اوچتو 35 فوٽ گهارو، ڪيترائي ايڪڙ پوکيل فصل ۽ ٻه ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا ،آبپاشي کاتي ۽ مقامي ڳوٺاڻن ٽن ڪلاڪن اندر گهارو بند ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو، ٻيلو شهر کان 8 ڪلوميٽر پري مٽلا شاخ کي اوچتو 35 فوٽن تائين گهارو پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ايڪڙن تي پوکيل قيمتي فصل ڪپهه، ڪمند، سبزي ،ٻيو فصل ۽ ڳوٺ لعل محمد درس ۽ ميربحر ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، اطلاع ملندي آبپاشي کاتي جو عملو ۽ مقامي ڳوٺاڻا گهاري واري هنڌ پهچي ٽن ڪلاڪن جي جدوجهد بعد گهاري تي ضابطو آڻي وڌيڪ ڳوٺن ۽ زمينن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، ان ڏس ۾ متاثر ڳوٺاڻن انور درس ، محمد حسن درس ۽ ٻين ٻڌايو ته گهاري واري هنڌ گذريل سال آيل ٻوڏ دوران پڻ گهارو پيو هو ۽ آبپاشي کاتي وارن کي ٻيهر گهاري پوڻ جي خدشي کان آگاهه پڻ ڪيو ويو پر ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو جنهن سبب هي نقصان ٿيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • گجو شهر ۾ چئن ڏينهن کان بجلي بند، شھرين جو مظاھرو

    ٺٽي لڳ گجو شهر ۾ چئن ڏينهن کان بجلي بند هجڻ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف شهرين جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو روڊ بلاڪ نعريبازي ، ٺٽي لڳ گجو شهر ۾ گذريل چئن ڏينهن کان وٺي بجلي بند هجڻ ۽ پاڻي جو بحران پيدا ٿيڻ خلاف گجو جي شهرين احتجاج ڪندي ٺٽو ڪراچي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ واپڊا انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي شهرين دانهيندي ٻڌايو ته گذريل چئن ڏينهن کان وٺـي شهر ۾ بجلي بند هجڻ ڪري شهر جو ڪاروهنوار متاثر ٿيو آهي ۽ بجلي بند هجڻ ڪري شهر ۾ پاڻي جي فراهمي به معطل آهي جنهن سبب پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي، ان موقعي تي واپڊا جي عملدارن پهچي شهر ۾ بجلي بحال ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button