ٺٽو
-
پ پ سرڪار ۽ نام نهاد عدالتون انصاف کان قاصر آهن: نواز خان زنئور
غلام الله ۾ جسقم آريسر گروپ پاران شهيد قربان کهاوڙ ۽ ساٿين جي ياد ۾ جلسو، شهيد قربان کهاوڙ جي پٽن جي شرڪت. شهيدن جي ڇڏيل مشن کي منزل راهه تائين پهچائڻ جو عهد. جلسي کي خطاب ڪندي جسقم جي وائيس چيئرمين اسلم خيرپوري خطاب ڪندي چيو ته شهيد قومن جي ميراث هوندا آهن جن جي نقش قدم تي هلي قومي آجپو ماڻينداسين. هن چيو ته شهيد قربان کهاوڙ ذاتي مفادن کان مٿي ٿي سنڌ سان عشق ڪيو ۽ پنهنجي قومي مقصد جي حاصلات واري جدوجهد ۽ زندگي ڏيئي ڇڏي. جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سرمد ميراڻي خطاب ڪندي چيو ته رياست قومي ڪارڪنن کي هيسائڻ منزل تان هٽائڻ ٿي چاهي پر سندن ارادا ناڪام بڻايا ويندا ۽ آجپي جي جدوجهد جاري رکنداسين
وڌيڪ پڙھو -
ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ٻئي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن ٻئي پارٽيون سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جون سڄڻ ناھن، عوامي تحريڪ
عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس عوامي هائوس مڪلي تي ضلعي صدر گهنور خان زنئور جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري سردار انور سومرو ۽ مرڪزي اڳواڻ گل حسن ڪيڙانو چيو ته سنڌ انتهائي نازڪ دور مان گذري رهي آهي موجوده حڪمران بوگس آدمشماري ڪرائي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهين ٿا، ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ٻئي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. اهي ٻئي پارٽيون سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جون سجڻ نه آهن هنن ڪوڙا نعرا ڏيئي سنڌ کي مال غنيمت سمجهي لٽيو ۽ ڦڙيو آهي هنن چيو ته هن سال وري به ٻوڏ جو خطرو آهي پر سرڪار اڃان تائين بندن جو مرمتي ڪم مڪمل نه ڪرائي سگهي آهي
وڌيڪ پڙھو -
آبپاشي کاتي جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ پي بي بند جو ڪم ٻيھر شروع ٿي ويو
4 ڏينهن تائين پي بي بچاءُ بند جو ڪم بند ٿيڻ بعد نيٺ آبپاشي کاتي جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ شروع ٿي ويو آهي ٻئي ٺيڪيدار مشنري بند تي لڳائي بند جي مرمت جو ڪم شروع ڪرائي ڏنو آهي. ٺٽي جي فقير جي ڳوٺ ويجهو پي بي بچاءُ بند جو ڪم بلن جي عدم ادائگي جي جواز سبب 4 ڏينهن تائين بند رهڻ کان پوءِ ڪالهه ڇنڇر واري ڏينهن کان ٻيهر شروع ٿي ويو آهي ۽ آبپاشي کاتي جي اختيارين پاران پي بي بچاءُ بند تي ڪم ڪرائيندڙ ٻن ٺيڪيدارن کي نوٽيس جاري ٿيڻ بعد انهن پاران بند تي مشنري لڳائي ڇڏي آهي جڏهن ته پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ اڃان تائين پٿرن جي پيچنگ جو ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي ڪم شروع ڪرائيندڙ هڪ حصي جي ٺيڪيدار ٻڌايو ته بلن جي معاملا هجڻ ڪري مسئلا پيدا ٿيا آهن پر هاڻي وڌيڪ مشنري لڳائي ڪم کي تيز ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
موجوده پ پ جي جهموري حڪومت عوام ۽ جهموريت ۾ ويساه رکندڙ حڪومت آهي: ڊاڪٽر موهن لال ڪوهستاني
سنڌ جي اقليتي معاملن واري صوبائي وزير ڊاڪٽر موهن لال ڪوهستاني چيو آهي ته موجوده پ پ جي جهموري حڪومت عوام ۽ جهموريت ۾ ويساه رکندڙ حڪومت آهي جيڪا عوام جي بنيادي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪرڻ لاءِ محترما بينظير ڀٽو جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار هن چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا سان گڏجاڻي ۽ مختلف مندرن جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته موجوده حڪومت کي اقتدار ملڻ بعد وڏن چئلنجن کي منهن ڏيندي ملڪ مان بيروزگاري جو خاتمو، ترقيتاي ڪم ڪرائڻ ۽ عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات پاڻ تپوڙي رهي آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جو اسان جو ملڪ دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويندو. هن چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ سندس دوري جو مقصد اقليتي برادري کي درپيش مسئلا معلوم ڪري انهن کي حل ڪرڻ آهي.. هن چيو ته ٺٽي ۾ زبون حال چرچ ۽مندرن جي جلد مرمت ڪرائي اتي پوجا لاءِ ايندڙ اقليتي برادري جي ماڻهن کي يقيني بنايو وڃي ۽ سندن مئسلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
ڪراچي ۾ هڪ منظم سازش تحت سنڌي ماڻهن کي بيگناهه قتل ڪري ڪراچي ڇڏڻ جي مجبور بڻايو پيو وڃي: بشير خان قريشي
ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٺٽي جي نوجوان ۽ جسقم جي ڪارڪن سهيل پارهيڙي جو لاش ٺٽي آندو ويو جتي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو فوتي نوجوان جو لاش مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ، تدفين وارين رسمن ۾ جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشي سميت سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي ، بعد ۾ ٺٽو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بشير خان قريشي چيو ته ڪراچي ۾ هڪ منظم سازش تحت سنڌي ماڻهن کي بيگناهه قتل ڪري ڪراچي ڇڏڻ جي مجبور بڻايو پيو وڃي پر ان جي باوجود سنڌي ماڻهن جي ووٽن تي چونڊجي اقتدار حاصل ڪندڙ پ پ حڪومت ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي هن چيو ته لياري ۾ سنڌي ماڻهن کي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي پر حڪمران ڪو به نوٽيس توڙي قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهن هن چيو ته ڪراچي جو امن تباهه ڪندڙن ۾ پ پ ۽ پيپلز امن ڪميٽي ، ايم ڪيو ايم، ايم اين پي برابر جون شريڪ آهن جيڪي نٿا چاهين ته ڪراچي ۾ امن قائم ٿئي
وڌيڪ پڙھو -
پي بي بچاءُ جي مرمت جو ڪم اڃان تائين رولڙي جو شڪار، علائقي واسي پريشان
پي بي بچاءُ بند تي ڪم بند ڪندڙ ٻن ٺيڪيدارن کي نيٺ آبپاشي کاتي ٺٽو جي انتظاميا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، 3 ڏينهن کان ٺٽي جي حدن اندر سنڌو درياهه جي ساجي پاسي گذريل ٻوڏ دوران تباهي جو سبب بڻيل فقير جو ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بند تي مرمتي ۽ مضبوطي وارو ڪم بدستور بند پيل آهي ۽ ٺيڪيدارن پي بي بند تي ڪم روڪڻ بعد مشنري واپس ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب انتهائي حساس پي بي بچاءُ بند تي مرمتي ارٿ ورڪ ، پيچنگ ۽ بند کي 6 فوٽ مٿي ڪرڻ وارو ڪم 50 سيڪڙو به نه ٿي سگهيو آهي پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ کان 6 ميل تائين جو ٺيڪو نياز پهنور کي مليل هو جنهن جو ڪم 3 ڏينهن کان بند پيل آهي جڏهن ته ٻيو حصو 6 ميل کان 15 ميل تائين ٺٽي جي هڪ ٺيڪيدار انور ميمڻ جي نالي ڏنو ويو هو
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽي ۾ مڪاني نوجوانن جي حقن تي ڌاڙا، بيروگار نوجوانن جو مظاھرو
ٺٽي ضلعي جي بيروزگار نوجوانن اين جي اوز سميت سماجي ۽ سرڪاري ادارن ۾ ملازمت نه ملڻ خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ۽ اعلان ڪيو ته غير مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران کين روزگار نه ڏنو ويو ته اهي چونڊيل عيوضين جي آفيسن آڌو احتجاجي ڌرڻا هڻي احتجاج جو سلسلو وڌي تيز ڪندا گذريل ڏينهن ٺٽي شهر سميت ضلعي جي مختلف علائقن جي بيروزگار نوجوانن ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي مظاهرو ڪري اين جي اوز سميت سماجي ۽ سرڪاري ادارن ۾ ملازمت نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻي روزگار ڏيو روزگار ڏيو جا نعرا هنيا ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ممتاز شيخ، عنايت شاهه ۽ ٻين چيو ته ٺٽي ضلعي اندر هڪ سئو کان مٿي غير سرڪاري تنظيمون ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي نالي تي ڪم ڪري رهيون آهن پر انهن ۾ مقامي ماڻهن جو انگ اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي
وڌيڪ پڙھو -
حڪمران هڪ ڀيرو وري سنڌ کي ٻوڙڻ ٿا گهرن: جسقم
جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسرگروپ) جي چيئرمين عبدالواحد آريسر ، مير عالم مري، اسلم خيرپوري، سرمد ميراڻي، نواز خان زنئور، مرتضيٰ چانڊيو، سهيل سمون، عثمان پنهور ۽ مسيح ڪالاڻي چيو آهي ته حڪمران هڪ ڀيرو وري سنڌ کي ٻوڙڻ ٿا گهرن جنهن ڪري سنڌو درياهه جي بندن جو ڪم گهربل وقت اندر پورو نه ڪيو ويو آهي ، جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ هنن چيو ته ٽوڙي بند ۽ ڪوٽ عالمون وٽان ايم ايس بند کي پيل گهارا مڪمل طور تي بند ڪري بندن جي مرمت ڪري انهن کي درست حالت ۾ نه آندو ويو آهي نه ئي وري ٻين هنڌن تي ڪمزور بندن جي مرمت ڪئي ويئي آهي هنن چيو ته سنڌ حڪومت ماٽيلي ماءُ وارو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ وفاق جو سنڌ سان ناروا رويو آهي جنهن ڪري خطرو آهي ته هن سال به پر سال جيان سنڌ کي هٿرادو طور ٻوڙيو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
پي بي بچاءُ بند کي پيل گهاري جي مرمت جو ڪم رولڙي جو شڪار
فقير ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بند کي پيل گهاري واري هنڌ توڙي بند کي مضبوط ڪري پيچنگ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرائيندڙ ٺيڪيدار پاران رقم جي ادائگي نه ٿيڻ ڪري ڪالهه ٻئي ڏينهن به بند تي مرمتي ڪم بند رهيو ۽ ٺيڪيدار پارا ن بند تي مقرر ڪيل سموري مشنري واپس ٿيڻ ڪري بند تي مرمتي ڪم بند پيل آهي جڏهن ته معاملي جو ٺٽي جي ڊي سي او سميت اعليٰ اختيارين سخت نوٽيس وٺندي آبپاشي کاتي جي اعليٰ اختيارين سان رابطا ڪري بند ٿيل ڪم فوري طور شروع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي ، ان سلسلي ۾ مليل جاڻ موجب فقير جو ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بند کي پيل گهاري واري هنڌ ارٿ ورڪ جو ڪم ۽ پيچنگ جي ٺيڪي جو ڪم کڻندڙ ٺيڪيدار کي رقم جي ادائگي نه ٿيڻ ڪري حفاظتي بند تي ڪم بدستور بند آهي جنهن سبب علائقي واسين ۾ ڳڻتي ڇانيل آهي جڏهن ته پي بي بند جي گهاري واري هنڌ هڪ ڪلوميٽر تائين پٿرن جي پيچنگ ۽ بند کي گذريل ٻوڏ جي سطح کان 6 فوٽ مٿي ڪرڻ وارو ڪم به مڪمل ٿي نه سگهيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
پارلياماني جهموريت تي وڏيرا حاوي آهن، پارليامينٽ مان قومي مسئلن جي حل ٿيڻ جي توقع ناهي: ماروي ميمڻ
اڳوڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ چيو آهي ته هو پارلياماني جهموريت ۾ يقين رکي ٿي پر انهي فورم تي موجوده حڪومت ۽ ان جا وڏيرا حاوي آهن پراتان قومي مسئلا حل ٿيڻ جي توقع ناهي ان ڪري هن عدليه ۽ عوام ڏانهن رخ ڪيو آهي ، ڊسٽرڪٽ بار ٺٽو ايسوسيئشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته بجلي ، پاڻي ، صحت ، تعليم ۽ ٽرانسپورٽ هر شهري جو بنيادي حق آهي اهي مهيا ٿيڻ تي ڪنهن سياستدان جو ٿورائتو ٿيڻ جي ضرورت ناهي هن چيو ته هن پنهنجي ننڍري قانونسازي واري عرصي ۾ قومي مسئلن کي اسيمبلي جي فورم تان کنيو جنهن ۾ ٻولي جو مسئلو ۽ پاڻي جو مسئلو شامل آهن پر هن کي موٽ نه ملي ان ڪري هن ماڻهن ڏانهن رخ ڪيو آهي هن چيو ته سندس پارٽي سان ذهني هم آهنگي نه هئڻ ڪري هن انتهائي قدم کڻي استعيفيٰ ڏني
وڌيڪ پڙھو