ٺٽو

  • شيرازي برادران کي سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جي خوشي ۾ ٺٽي ضلعي ۾ ريليون

    ٺٽي جي شيرازي برادران کي سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جي خوشي ۾ ٺٽي ضلعي ۾ ريليون ، شيرازي گروپ جي ماڻهن پاران مٺايون تقسيم ڪري مبارڪباد ڏنيون ويون. ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ ق ليگ ۾ شامل شيرازي گروپ جي سرواڻ سيد اعجاز علي شاهه شيرازي کي صوبائي صلاحڪار ۽ شيرازين جي اتحادي ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي کي صوبائي وزير بنائڻ جي خوشي ۾ ٺٽي شهر سميت ضلعي جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍي شيرازين جي حامين پاران مٺايون تقسيم ڪري پنهنجي قيادت تي ڀرپور نموني اعتماد جو اظهار ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • پي بي بچاءُ بندن تي هلندڙ ڪم آخري ڊيڊلائين تائين به مڪمل ڪرڻ نه ڪيو ويو

    ٺٽي ضلعي جي حدن اندر سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي ڪوٽ عالمون لڳ ايم ايس بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ تي هلندڙ مرمتي ڪم مڪمل، جڏهن ته پي بي بچاءُ بندن تي هلندڙ ڪم آخري ڊيڊلائين 15 جولاءِ تائين به مڪمل ڪرڻ نه ڪيو ويو، ڪوٽ عالمون لڳ ايم ايس بچاءُ بند کي گهارو پوڻ سبب سجاول ۽ جاتي تعلقن ۾ مها ٻوڏ جي تباهه ڪارين جو سبب بڻيل ايم ايس بند جي 12 سئو فوٽن تائين پکڙيل گهاري کي آخري ڊيڊلائين واري ڏينهن 15 جولائي تي مڪمل ڪري مضبوط بڻايو ويو هن گهاري کي ٻڌڻ لاءِ 5 مهينن جي لڳاتار ڪوشش بعد ارٿ ورڪ سميت پٿرن سان پيچنگ ڏيئي مضبوط بنائڻ وارو ڪم مڪمل ڪيو ويو، ٻئي طرف ٺٽو لڳ پي بي بچاءُ بند کي فقير جو ڳوٺ ڀرسان پيل اڍائي سئو فوٽ گهاري واري هنڌ پٿرن جي پيچنگ وارو ڪم اڃان صرف 70 سيڪڙو تائين مڪمل ٿي سگهيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • تعلقي ميرپورساڪرو ۾ سرڪاري زمين جعلي کاتن ذريعي وڪرو ٿيڻ لڳي

    ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپورساڪرو ۾ سرڪاري زمين جعلي کاتن ذريعي وڪرو ڪري ڪروڙين رپيا ڦٻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي اينٽي ڪرپشن جعلسازي جو ڪيس داخل ڪري ٻن جڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ وڌيڪ معاملي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي . ان سلسلي ۾ سرڪل آفيسر ٺٽو غلام محمد زرداري ٻڌايو ته تعلقي ميرپورساڪرو جي ديهه ڪلر سرڪاري تپو خيرپور ۾ 836 ايڪڙ سرڪاري زمين جو کاتو بدلائي جعلسازي وسيلي عبدالستار ڪلمتي، رستم ڪلمتي، عبدالڪريم ، عمر ڪلمتي ۽ ٻين جي نالي تي ڪرڻ واري معاملي جو انڪشاف ٿيڻ کانپوءِ تپيدار منظور شاعر جي آفيس تي ڇاپو هڻي سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺڻ بعد تپيدار منظور شاعر کاتيدار عبدالستار ڪلمتي کي گرفتار ڪيو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • ٺٽي ۾ 130 کان مٿي اين جي اوز ڪم پيون ڪن پر پوءِ به نوجون بيروزگار

    ٺٽي ضلعي ۾ آيل ٻوڏ جي تباهڪارين کان پوءِ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا خاطر 130 کان مٿي ملڪي ۽ غير ملڪي اين جي اوز پاران مقامي نوجوانن کي روزگار کان محروم ڪري غير مقامي ماڻهن کي مقرر ڪرڻ تي سجاڻ ڌرين پاران ڳڻتي جو اظهار چونڊيل نمائندن کي تحرڪ وٺڻ جي اپيل، ٺٽي ضلعي اندر 9 مهينا اڳ آيل مها ٻوڏ جي تبهاڪارين کان پوءِ متاثرين جي بحالي ۽ سندن امداد جي نالي تي ڪم ڪندڙ 130 کان مٿي عالمي ملڪي توڙي صوبائي سطح تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز مرلين، يو اين هيبيٽيڊ، اي سي ايف ، هينڊي ڪيپ ، آغا خان سميت اڪثر اين جي اوز ٺٽي ضلعي اندر پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪندي ٻين صوبن ۽ ٻاهرين ضلعن مان عملو مقرر ڪري سوين مقامي نوجوانن کي روزگار کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته اين جي اوز ۾ ڪم ڪندڙ تعليم يافته مقامي نياڻين کي فيلڊ ۾ گاڏيون ڏيڻ بدران پنهنجي خرچ تي وزٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر سنڌ کي لسانيت ڏانهن ڌڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي: عاجز ڌامراه

    ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر سنڌ کي لسانيت ڏانهن ڌڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن کي منهن توڙ جواب ڏنو ويندو، ايم ڪيو ايم سنڌ کي ورهائڻ جي سازش جا الزام پ پ تي هڻي پنهنجي سياسي نابالغي جو ثبوت ڏيئي ڇڏيو آهي ، پيپلز يوٿ ونگ پاڪستان جي ڪوآرڊينيٽر ۽ سنڌ جي صدر عاجز ڌامراه ٺٽو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پ پ حڪومت ڪو به غلط ڪم نه ڪيو آهي پ پ پنهنجي چونڊ منشورتي عمل ڪندي آمر دور جي غلط فيصلن کي رد ڪري نام نهاد ناظمي سرشتي کي ختم ڪري ڪمشنري نظام کي سنڌ ۾ بحال ڪيو آهي هن چيو ته نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي رابطه ڪميٽي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ۾ نه رڳو پنهنجي اصليت ظاهر ڪئي آهي پر سنڌ جي باشعور ڌرين جي ساڃاهه وند ڌرين کي سندن اختيارڪيل نازيبا ٻولي ۽ لهجي تي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ،هن چيوته سنڌ جي عوام جي مفادن وٽان ٿيل حڪومتي فيصلي تي ايم ڪيو ايم ايئن بوکلائجي ويئي آهي جڻ ته سندن خلاف ڪو ڪريڪ ڊائون ٿيو آهي ، هن چيو ته متحده ساڍا 3 سال پ پ سان گڏ رهي پر متحده ڪشمير چونڊ جيڪو نان اشو…

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ ۾ ڪمشنري وارو نظام بحال ڪرڻ واري فيصلي جي حق ۾ ٺٽي ۾ريلي

    سڄي سنڌ جيان ٺٽي ضلعي ۾ پ پ حڪومت پاران آمر مشرف دور ۾ سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي ، حيدرآباد لاڙڪاڻي کي ورهائڻ وارو فيصلو واپس وٺي انهن جي اصل حيثيت ۾ بحالي ۽ سنڌ ۾ ڪمشنري وارو نظام بحال ڪرڻ واري فيصلي جي حق ۾ ريلي. ٺٽي ضلعي جي عوام پاران پ پ حڪومت پاران تازو ڪمشنري نظام کي بحال ڪرڻ ۽آمر دور ۾ متعارف ڪيل ناظمي سرشتي کي ختم ڪرڻ واري اعلان جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي ويئي ۽ عوام پاران ڪراچي، حيدرآباد جي اصل حيثيت ۾ بحالي کي پ پ حڪومت جي ڪاميابي قرار ڏنو ويو آهي . پ پ ضلعي آفيس ٺٽو کان ڪمشنري نظام جي حمايت ۾ پ پ ضلعي صدر ارباب وزير ميمڻ جنرل سيڪريٽري ايم پي اي صادق علي ميمڻ ۽ ضلعي ترجمان امتياز قريشي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي، ريلي ۾ شامل پ پ ڪارڪن ۽ شهري دهلن ۽ شرنائين تي رقص ڪندا ( سنڌ زنده باد ) جا نعرا هڻندي قومي شاهراهه جو گشت ڪيو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ ۾ ڪمشنري وارو نظام بحال ٿيڻ تي پ پ عھديدارن جو خوشي جوا ظھار

    سنڌ ۾ ڪمشنري وارو نظام بحال ٿيڻ تي پ پ ضلعي ٺٽي جي عهديدارن پاران خوشي جو اظهار ان سلسلي ۾ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ارباب وزير ميمڻ جنرل سيڪريٽري ايم پي اي صادق علي ميمڻ، ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ، اطلاعات سيڪريٽري امتياز قريشي ۽ ٻين چيو آهي ڪمشنري نظام جي بحالي کان پوءِ ٻين ضلعن وانگر ٺٽي ضلعي جي عوام ۾ به خوشي جي لهر ڊوڙي ويئي آهي ۽ هنن ڪمشنري نظام جي آجيان ڪندي چيو آهي ته آمر مشرف واري نظام مان ڇوٽڪارو حاصل ٿيو آهي ۽ عوام جا مسئلا هاڻ آساني سان حل ٿيندا .

    وڌيڪ پڙھو
  • ٻوڏ متاثر ڳوٺن جي رهواسين پاران ٺٽو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي

    ٺٽي ۾ سجاول جي مختلف ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتون نه ملڻ ۽ ڳوٺ پڪا نه ڪرائڻ خلاف احتجاجي ريلي، انسٽيٽيوٽ فار سوشل موومينٽ پاران ارشاد لغاري ، محمد حسن خاصخيلي، رحمت الله پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقي سجاول جي مختلف ٻوڏ متاثر ڳوٺن جي رهواسين پاران ٺٽو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي، ان موقعي تي هنن چيو ته گذريل سال آيل مها ٻوڏ سبب سندن سڀ ڪجهه ٻڏي ۽ لڙهي ويو آهي هنن چيو ته سندن ڳوٺن کي رجسٽرڊ ڪرائي پڪو ڪيو وڃي ۽ بنيادي سهولتون ، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي، تعليم ، روڊ ۽ رستا ڏنا وڃن.

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 5 لک ڪيوسڪس کان مٿي پاڻي اچڻ جي صورت ۾ ٺٽي ضلعي اندر ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي: نيشنل ڊزاسٽرمئنجمينٽ اٿارٽي

    نيشنل ڊزاسٽرمئنجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ٺٽي ضلعي جي حفاظتي بچاءُ بندن تي هلندڙ مرمتي واري ڪمن جو معائنو ڪيو ۽ انديشو ظاهر ڪيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 5 لک ڪيوسڪس کان مٿي پاڻي اچڻ جي صورت ۾ ٺٽي ضلعي اندر ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي جنهن لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، نيشنل ڊزاسٽرمئنجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ظفر اقبال پي ڊي ايم اي جي ڊي جي پيربخش جمالي سان گڏجي ٺٽي جي انتهائي حساس قرار ڏنل ۽ گذريل ٻوڏ ۾ تباهي جو سبب بڻيل پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ هلندڙ مرمتي ڪم جو دورو ڪري جائزو ورتو ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي انتظاميا پاران بندن تي هلندڙ ڪم بابت بريفنگ ڏني ويئي ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ظفراقبال چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ٻوڏ واريون حالتون گهٽ نظر اچي رهيون آهن البته ٻوڏن جو دارو مدار برساتن جي لڳاتار پوڻ تي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • هاڻ ٻوڏ نه ايندي، آبادگار پنهنجون زمينون آباد ڪن: حاجي مظفر شجراه

    سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي ٻيهر بحالي واري وزير حاجي مظفر شجراه چيو آهي ته هاڻ ٻوڏ نه ايندي، آبادگار پنهنجون زمينون آباد ڪن پر ان جي باوجود سنڌ حڪومت پنهنجون سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن هن اهڙن خيالن جو اظهار سجاول لڳ سماجي تنظيم پاران ٻوڏ متاثر ڳوٺ اسماعيل ميرجت ۽ پسند مائيسري ۾ تعمير ڪرايل گهرن جي معائني ڪرڻ بعد جيم خانه مڪلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو پاڻي کي روڪڻ لاءِ بندن جي ضرورت هوندي ۽هن وقت بند مضبوط آهن تنهنڪري هن سال پاڻي خير خوڀي سان گذري ويندو ۽ صرف ڪچي جا ڪجهه علائقا ٻڏندا، هن انڪاشف ڪندي چيو ته ته هن ڀيري 8 کان 10 لک ڪيوسڪس تائين ٻوڏ اچي سگهي ٿي پر ان سان بندن تي ڪو اثر نه پوندو ڪراچي جون 144 عمارتون انتهائي خطرناڪ قرار ڏيڻ بعد ماڻهو اتي زبردستي رهائش پذير آهن جنهن لاءِ بڊلنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڪارروائي لاءِ چيو ويو آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button