ٺٽو
-
هٿياربندن پاران سنڌي اخبارن جا بنڊلن کي باهه ڏيئي ساڙڻ جي ڪوشش
ٺٽي شهر لڳ سنڌي اخبارن جا بنڊل کڻي ويندڙ ڪار کي روڪي هٿياربندن پاران اخبارن کي باهه ڏيئي ساڙڻ جي ڪوشش ، صحافين ۽ ادبي ڌرين ۾ سخت تاءُ پکڙيل ٺٽي ٿاڻي تي ٽن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل. حيدرآباد کان ٺٽي سنڌي اخبارون کڻي ايندڙ وين نمبر جيئن ئي ٺٽي شهر ۾ اخبارن جا بنڊلن لاهڻ بعد سجاول رواني ٿي ته ٺٽي شهر لڳ ٺٽو باءِ پاس موڙ وٽ درگاهه بابو شاهه بودلو جي سامهون موٽرسائيڪل سوار 3 نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ڪار کي روڪي ڪار ڊرائيور سليمان ۽ بلاول کي سخت تشدد بعد يرغمال بڻائي ورتو ۽ سجاول ،جاتي ۽چوهڙجمالي شهرن کڻي ويندڙ اخبارن جا بنڊل ڦر ڪري ورتا بعد ۾ هٿياربندن ڪار کي باهه ڏيئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر بعد ۾ ڊرائيور جي منٿن بعد ڪار کي ڇڏي ڏنو جڏهن ته اخبارن کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن سجاول ۾ ٽينڊر ملي ڀڳت ڪري پنهنجي منپسند ٺيڪيدارن کي الاٽ ڪيا ويا: خلاف متاثر ٺيڪيدار
تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن سجاول ۾ ٽينڊرن ۾ ٿيل بيقاعدگين ۽بغير اوپننگ جي پنهنجي من پسند ماڻهن کي الاٽ ڪرڻ خلاف متاثر ٺيڪيدارن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پٽيشن داخل . 13 جولاءِ 2011 تي ٽي ايم او سجاول پاران ٽينڊر طلب ڪيا ويا جن ۾ حصو وٺندڙ ٺيڪيدارن کي ڪمشنري نظام جي بحالي جو جواز ڄاڻائي ٽينڊر 13 جولائي تي ملتوي ڪري 21 جولاءِ تي اوپن ڪرڻ جو چئي موٽايو ويو ، جنهن بعد ٽينڊر بغير اوپننگ جي پنهنجي مرضي موجب پنهنجي من پسند ٺيڪيدارن کي الاٽ ڪري ڏنا ويا جنهن سبب حصو وٺندڙ ٺيڪيدار محروم رهجي ويا، ان سلسلي ۾ ميسرز سراج احمد ۽ سجاد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان مقرر ڪيل تاريخ 13 جولاءِ تي ٽينڊرن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ٽي ايم او سجاول جي آفيس پهتاسين ته اسان کي موٽا ويو
وڌيڪ پڙھو -
گهوڙاٻاري ۾ قائم ٿيل بوائز ڪاليج ۾ پهرين آگسٽ کان ڪلاسز هلائڻ جو فيصلو
)ٺٽي ضلعي جي ٽن ساحلي تعلقن جي شاگردن جي سهوليت خاطر گهوڙاٻاري ۾ قائم ٿيل بوائز ڪاليج ۾ پهرين آگسٽ کان ڪلاسز هلائڻ جو فيصلو ڪندي ڊائريڪٽر ڪاليجز غيرتدريسي عملي جي پوسٽن تي 12 ٻاهرين ضلعن جا ملازم مقرر ڪري ڇڏيا آهن جنهن خلاف ٺٽي ضلعي جي شاگردن ايڪشن ڪميٽي جوڙي مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف مرحليوار احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪندي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ۽ ٻاهرين ضلعن جي ماڻهن جي مقرري جا آرڊر رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد پاران بوائز ڊگري ڪاليج ٺٽو جي ليڪچرار غلام مصطفيٰ چارڻ کي بوائز ڪاليج گهوڙاٻاري جو انچارج پرنسپل مقرر ڪندي کيس پهرين آگسٽ کان ڪاليج ۾ شاگردن جون داخلائون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
هاڻ ٻوڏ متاثرين جو اهم مسئلو سندن روزگار جو آهي جنهن لاءِ پاڪ نيوي پاران تيار ڪيل ماڊل وليج ۾ تربيتي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن: محمد سرشار
پاڪ نيوي پاران ٺٽي ضلعي جي ٻوڏ متاثر علائقن ٻيلو شهر لڳ ڳوٺ محمد خان ٻجورو ۾ تيار ڪرايل پاڪ نيوي ماڊل وليج جي گهرن جون چاٻيون ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن حوالي ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيل تقريب ۾ اعلان ڪيو ويو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ هٿ جي هنر جي تربيت ڏياري ويندي جنهن لاءِ تيار ٿيل ماڊل وليج جي گهرن ۾ تربيتي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن ان سلسلي ۾ تقريب دوران ٻوڏ سٽيل ڳوٺاڻين عورتن ۽ مردن ۾ گهرن جون چاٻيون ورهائڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي پاڪ نيوي جي ملٽري فنانس سيڪريٽري محمد سرشار چيو ته پاڪ نيوي ٻوڏ متاثرين جي ٻيهر بحالي واري فيز 3 جي پروگرام تحت گهر تعمير ڪرڻ بعد متاثر ڳوٺاڻن کي اهي گهر رهڻ لاءِ ڏنا ويا آهن هن چيو ته هاڻ ٻوڏ متاثرين جو اهم مسئلو سندن روزگار جو آهي جنهن لاءِ پاڪ نيوي پاران تيار ڪيل ماڊل وليج ۾ تربيتي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽي جي نوجوانن سان نا انصافي خلاف بيروزگار نوجوانن ٺٽي ۾ احتجاجي ريلي
ٽي ضلعي جي سرڪاري توڙي سماجي ادارن ۾ غير مقامي ۽ ٻاهرين ضلعن جي ماڻهن جي مقرري ۽ مقامي نوجوانن سان نا انصافي خلاف بيروزگار نوجوانن ٺٽي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ۽ نا انصافي بند ڪريو جا نعرا هنيا، نوجوانن جي بيروزگار ايڪشن ڪميٽي پاران ممتاز شيخ، شاهد عباسي، عنايت شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شيخ فريد چوڪ مڇي مارڪيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي جيڪا شاهي بازار جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽو پهتي ريلي ۾ شامل نوجوان ”روزگار ڏيو نا انصافي بند ڪريو ”جا نعرا هڻي رهيا هئا
وڌيڪ پڙھو -
حيسڪو جي غفلت، بجلي جي تار ڪرڻ سبب ھڪ فوت
ٺٽي لڳ چارڻ ميمڻ ڳوٺ ۾ بجلي جي مين لائين جي تار ڳوٺ مٿان ڪري پئي هڪ ڳوٺاڻو ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت، ڳوٺ جي ٻاهران ڏنل لوڙهي کي باهه وڪوڙي ويئي ڳوٺاڻن جو حيسڪو انتظاميا خلاف احتجاج. ٺٽي لڳ چارڻ ميمڻ ڳوٺ ۾ اوچتو ڳوٺ مٿان گذرندڙ بجلي جي مين لائين ٽٽي پئي جنهن جون تارون ڳوٺ مٿان ڪري پيون ۽ڳوٺ جي هڪ گهر جو مالڪ بچايو ميمڻ جيڪو پنهنجي گهر اڳيان بيٺل هو بجلي جي تارن جي ڪرنٽ لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته بجلي جي تارن مان اٿندڙ شولن سبب ڳوٺ جي ٻاهران ڏنل لوڙهي کي باهه لڳي ويئي ۽ ڳوٺاڻن همٿ ڪري ڳوٺ جي گهرن کي باهه کان بچائي ورتو ان موقعي تي ڳوٺاڻن غلام مصطفيٰ چارڻ ۽ ٻين بجلي جي تار ڪرڻ ۽ ڳوٺاڻي جي موت خلاف حيسڪو اتنظاميا خلاف سخت احتجاج ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽي لڳ سونڊا جو رهواسي نوجوان گهر جي ڇت تان ڪرڻ سبب فوت
ٺٽي لڳ سونڊا جو رهواسي نوجوان گهر جي ڇت تان ڪرڻ سبب فوت، سونڊا شهر جو رهواسي 28 سالا نوجوان حميد ولد رمضان گندرو گهر جي ڇت تان ڪرڻ سبب دماغ ۾ دڪ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو ، جتي زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو
وڌيڪ پڙھو -
ڪريم آباد جو نوجوان موٽرسائيڪل جي حادثي ۾ اجل جو شڪار
ٺٽي لڳ مڪلي تي ٻن مختلف واقعن ۾ ٻه جڻا فوت. مڪلي ورڪشاپ تي ٽائر پنڪچر جي دڪان تي ڪم ڪندڙ مڪلي جي شاهه لطيف ڪالوني جي رهواسي پورهيت جمع خان پٺاڻ ٽرڪ جي ٽائر ۾ هوا ڀريندي ٽائر ڦاٽي پوڻ جي نتيجي ۾مٿي ۾ دڪ لڳڻ ڪري موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته مڪلي لڳ نيشنل هاءِ وي تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري ڪراچي جي ڪريم آباد جو رهواسي 25 سالا نوجوان دانش فوت ٿي ويو جيڪو مڪلي جي درگاهه عبدالله شاهه اصحابي جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيو هو ٻنهي فوتين جا لاش سول اسپتال ٺٽو پهچايا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد سندن لاش وارث گهرن ڏانهن کڻائي روانا ٿي ويا.
وڌيڪ پڙھو -
صدر آصف علي زرداري جي مفاهمتي پاليسي سان سنڌ کي وڌيڪ فائدو رسندو: صوبائي وزير محمد ملڪاڻي
ق ليگ جي حڪومت ۾ شموليت بعد ڳوٺاڻي ترقي بابت سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪيل سيد اعجاز علي شاهه شيرازي ۽ سياحت کاتي جو صوبائي وزير مقرر ڪيل محمد علي ملڪاڻي جي ڪابينا ۾ شموليت بعد پهريون ڀيرو ٺٽي پهچڻ تي شاندار استقبال ، اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاهه شيرازي ، ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي جي اڳواڻي ۾ شيرازين جي حامين هزارين گاڏين جي قافلن جي صورت ۾ اعجاز علي شاهه شيرازي ۽ محمد علي ملڪاڻي جي گهگهر ڦاٽڪ ، ڌاٻيجي ، گهارو، گجو ۽ مڪلي تي استقبال ڪرڻ بعد کين وڏي جشن ريلي جي صورت ۾ ٺٽي آندو ويو ، جتي وڏي جلسي عام کي خطاب ڪندي صوبائي صلاحڪارسيد اعجاز علي شاهه شيرازي ۽ صوبائي وزير محمد ملڪاڻي چيو ته صدر آصف علي زرداري جي مفاهمتي پاليسي سان سنڌ کي وڌيڪ فائدو رسندو هنن چيو ته صدر آصف زرداري ۽ چودري شجاعت مٿن اعتماد ڪندي کين سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌو درياهه جي بچاءُ بندن تي هلندڙ ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف سپنا مظاھرو
سنڌو درياهه جي بچاءُ بندن تي هلندڙ ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف سپنا ۾ شامل قومپرست تنظيمن ايس يو پي ، عوامي تحريڪ ، ايس ٽي پي پاران ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي، ريلي ۾ شامل ڪارڪنن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا پريس ڪلب اڳيان ضلعي اڳواڻن ايس ٽي پي جي ضلعي صدر غياث ميمڻ،ايس يو پي ضلعي صدر حاجي انور ڪرناڻي، عوامي تحريڪ ضلعي صدر گهنور خان زنئور ، صاحب خان کوسو ۽ٻين خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪمران هٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙڻ چاهين ٿا هنن چيو ته حڪمران 15 جولائي تائين بندن جو ڪم مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر هن وقت تائين ڪم مڪمل ناهي ٿيو.
وڌيڪ پڙھو