ٺٽو
-
رمضان المبارڪ جي سلسلي ۾ اگهن تي ڪنٽرول لاءِ گڏجاڻي
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو محمد جعفر عباسي ٺٽو رمضان المبارڪ جي سلسلي ۾ اگهن تي ڪنٽرول لاءِ اج واپارين روينيو عملدارن ۽ ڀاڻ يوريا وڪرو ڪندڙن جي هڪ اهم گڏجاڻي دربار هال مڪلي تي سڏائي ورتي آهي جنهن ۾ رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه فڪس ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو ۽ وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائي جا اختيار اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن حوالي ڪيا ويندا.
وڌيڪ پڙھو -
ٻوڏ متاثرين 11 مهينا گذرڻ باوجود اڪثر متاثر ماڻهو وطن ڪارڊ جي سهوليت کان محروم
ٺٽي ضلعي جي ٻوڏ متاثرين کي 11 مهينا گذرڻ باوجود اڪثر متاثر ماڻهو وطن ڪارڊ جي سهوليت کان محروم بڻيل، ٻوڏ متاثرين بدحالي واري زندگي گذارڻ لڳا مخصوص ماڻهن کي روينيو کاتي پاران وطن ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ سفارش ڪرڻ جو سلسلو جاري، گذريل ٻوڏ جي تباهڪارين کي 11 مهينا گذرڻ باوجود ٺٽي ضلعي جي مختلف تعلقن ٺٽو سجاول جاتي ميرپوربٺورو ۽ ٻين تعلقن جي ڪيترن ئي ٻوڏ متاثر خاندانن کي وطن ڪارڊ ذريعي امدادي سهوليت ميسر نه ٿي سگهي آهي، متاثر ماڻهو نادرا ۽ روينيو آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن پر کين مختلف بهانا بنائي وطن ڪارڊ جاري نه پيو ڪيو وڃي جڏهن ته سوين ماڻهن جا نالا وطن ڪارڊ لسٽ ۾ شامل هجڻ ۽ کين وطن ڪارڊ جاري ٿيڻ باوجود گذريل ڪيترن مهينن کان بئنڪن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن پر کين وطن ڪارڊ اڪائونٽ ۾ رقم جي عدم فراهمي جو جواز جاڻائي واپس ڪيو پيو وڃي جنهن سبب ٻوڏ متاثر غريب ماڻهو انتهائي پريشاني ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
ضلعي ٺٽي ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ سبب آبادگار ۽ هارين جي چيلهه چٻي ٿي پئي آهي: آبادگار
ٺٽي ۾ آبادگارن، هارين ۽ مختلف قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن جو زرعي ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ، هٿرادو وڌايل اگهن ۽ سنڌ حڪومت پاران 10 هزار ٻوريون متاثر آبادگارن توڙي هارين ۾ نه ورهائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، سنڌ آبادگار بورڊ، ايس يو پي ۽ عوامي تحريڪ ٺٽو پاران رڪشا اسٽاپ کان ڪڍيل احتجاجي ريلي ۾ شامل ڪارڪنن هارين ۽ آبادگارن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جيڪي مختلف هنڌن تان زوردار نعريبازي ڪندي پريس ڪلب ٺتو اڳيان پهچي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ شفيع ڪرناڻي، سنڌ آبادگار بورڊ جي عبدالرحمان کٽي، حاجي انور ڪرناڻي ، عوامي تحريڪ جي مٺا خان لاشاري، حاجي صاحب خان کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ٺٽي ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ سبب آبادگار ۽ هارين جي چيلهه چٻي ٿي پئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽي ۾ چوماسي جي موسم جو پهريون وسڪارو
ٺٽي جي مختلف علائقن ۾ چوماسي جي موسم جو پهريون وسڪارو ، موسم خوشگوار ٿي ويئي تفريحي ماڳن تي ماڻهن رخ ڪيو ، ٺٽي شهر سميت ضلعي ٺٽي جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن سانوڻي مند جي چوماسي جون برساتون شروع ٿي ويون جيڪي وقفي وقفي مختلف علائقن ۾ جاري رهيون برسات جي هلڪي وسڪاري سبب موسم خوشگوار ٿي ويئي آهي ۽ گرمي پد ۾ گهٽتائي اچڻ کانپوءِ گرمي ۽ لوڊ شيڊنگ جي سٽيل ماڻهن ٺٽي جي تفريحي ماڳن ڏانهن رخ ڪندي ڪينجهر مڪلي ۽ ٻين تاريخي هنڌن تي گهمڻ لاءِ پهچڻ لڳا آهن. چوماسي جي پهرين وسڪاري سبب ماڻهن ۾خوشي جي لهر ڊوري ويئي آهي ۽ تفريحي ماڳن تي رونڪون بحال ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.
وڌيڪ پڙھو -
اردو چئنل شروع کان وٺي سنڌ خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: عبدالله ڀنڀرو
سنڌ نيشنل پارٽي ضلعي ٺٽي جي صدر عبدالله ڀنڀرو ۽ ٻين جاري ڪيل بيان ۾ هڪ نجي اردو چئنل پاران سنڌ ۾ مهاجر صوبي بابت هلاليل پروگرام خلاف سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اردو چئنل شروع کان وٺي سنڌ خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي ۽ وقت به وقت غلط پروگرام نشر ڪري سنڌ جي 5 ڪروڙ عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيو آهي هنن چيو ته اردو چئنل سنڌي قومي کان معافي نه ورتي ته هو سخت احتجاج ڪندي ضلعي سميت سنڌ اندر انهي اردو نجي چئنل جي نشريات جو بائڪاٽ ڪندي ڪنهن به شهر ۾ هلڻ نه ڏيندا، جڏهن ته هنن ٺٽي جي ڪيبل آپريٽرن کان مطالبو ڪيو آهي ته لسانيت تي مشمل اردو نجي ٽي وي چئنل کي فوري بند ڪيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
اردو چئنل پاران سنڌ جي ورهانڱي بابت پروگرام نشر ڪرڻ خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي ريلي
)ايس ٽي پي ٺٽو پاران هڪ اردو چئنل پاران سنڌ جي ورهانڱي بابت پروگرام نشر ڪرڻ خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي ٺٽي جي صدر غياث ميمڻ ۽ مرڪزي اڳواڻ نند لال مالهي جي اڳواڻي ۾ ٺٽو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، ڪارڪنن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جيڪي منفي سوچ رکندڙ مخصوص اردو چئنل جي خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، مظاهري کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نند لال مالهي ۽ غياث ميمڻ چيو ته هڪ نام نهاد اردو چئنل سنڌ جي ورهاڱي بابت منفي سوچ ذريعي پروپئگنڊا شروع ڪري ڪروڙين سنڌين جي دل آزاري ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن ۾ غير مقامي ماڻهن جي ڀرتين خلاف ٺٽي جا تعليم يافته نوجوان روڊن تي
)بوائز ڪاليج گهوڙاٻاري سميت سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن ۾ غير مقامي ماڻهن جي ڀرتين خلاف ٺٽي جا تعليم يافته نوجوان روڊن تي نڪري آيا، مڪلي تي احتجاجي مارچ ڪري ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو ،ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ضلعي جي سرڪاري کاتن ۾ غيرمقامي ماڻهن کي جوائن نه ڪرائڻ جي هدايت، سيڪريٽري تعليم ۽ سيڪريٽري ٻيهر آباد ڪاري سان رابطو ڪري جاچ ڪرائڻ جي سفارش. بوائز ڪاليج گهوڙاٻاري ۾ 12 غيرمقامي ماڻهن جي ڀرتين سميت ضلعي اندر ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ ڪم ڪندڙ ملڪي ۽ پر ڏيهي اين جي اوز ۾ مقامي ماڻهن ۽ نوجوانن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف بيروزگار نوجوان اتحاد ۽ شاگرد ايڪشن ڪميٽي پاران بوائز ڪاليج مڪلي کان سوين نوجوانن احتجاجي مارچ ڪندا سخت نعريبازي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ سميت بند کي اوچو ڪري مٿي ڪرڻ وارو ڪم اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو
ٺٽي ضلعي اندر انتهائي حساس قرار ڏنل پي بي بچاءُ بند جي گهاري واري هنڌ سميت بند کي اوچو ڪري مٿي ڪرڻ وارو ڪم اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو، صوبائي وزير سسئي پليجو پاران بند جو دورو ، آبپاشي کاتي جي انتظاميا کي 30 جولاءِ تائين سمورو ڪم مڪمل ڪرائڻ جي هدايت. ٺٽي ضلعي جي حدن اندر سنڌو درياهه جي حفاظتي بچاءُ بندن تي هلندڙ ڪم سست رفتاري جو شڪار ٿيڻ ڪري اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته فقير جي ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بندکي پيل گهاري واري هنڌ پٿرن جي پيچنگ وارو ڪم به مڪمل نه ٿي سگهيو آهي ان سلسلي ۾ ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سسئي پليجو ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو محمد جعفر عباسي ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن سان گڏجي فقير جي ڳوٺ لڳ پي بي بچاءُ بند تي هلندڙ ڪم جو دورو ڪري معائنو ڪيو ۽ جائزو ورتو جتي گهاري واري هنڌ سست رفتاري سان هلندڙ پٿرن جي پيچنگ واري ڪم تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سسئي پليجو چيو ته هن وقت سنڌ ۾ سانوڻي جي مند جي وسڪارن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
هر ڳالهه کان اتم پهرين پنهنجي ڌرتي آهي جنهن جو هر محاذ تي دفاع ڪيو ويندو: سسئي پليجو
سنڌ جي ثقافت واري وزير سسئي پليجو چيو آهي ته سنڌ هڪ تاريخي خطو آهي جنهن جي پنهنجي عظيم تاريخ تهذيب ، ثقافت ٻولي ۽ تمندن آهي اسان لاءِ هر ڳالهه کان اتم پهرين پنهنجي ڌرتي آهي جنهن جو هر محاذ تي دفاع ڪيو ويندو هن اهڙن خيالن جو اظهار مڪلي تي پليجو هائوس ۾ شاگردن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي چيو ته اسين ڪڏهن به پنهنجي ايندڙ نسل کي ٽڪرن ۾ ورهائي سنڌ ڏيڻ نه ڏينداسين جيڪي به ڌريون اهڙي سنڌ دشمن سوچ کي هٿي ڏين ٿين اهي سنڌ ۽ پاڪستان جي سالميت خلاف ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن پر انهن کي منهن جي کائڻي پوندي. هن چيو ته اسان جي صوفياڻي طبيعت کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي جڏهن جارحيت تي اينداسين ته پوءِ انهن غدار ڌرين کي لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي ، سياستون هلنديون رهنديون آهن پر هن قسم جي ڌرتي دشمن سازش تي سنڌ جي سڀني لبرل ، ترقي پسند ۽ سنڌ دوست ڌرين سان گڏ آهيون
وڌيڪ پڙھو -
مڪلي تي نوجوان گهريلو اڻبڻت تا ڦاهو وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو
ٺٽي لڳ مڪلي تي نوجوان گهريلو اڻبڻت تا ڦاهو وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو ، پوسٽ مارتم بعد لاش مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو ، ٺٽي لڳ مڪلي جي شاهه لطيف ڪالوني جو رهواسي نوجوان 28 ورهين جو فياض ولد حسين خشڪ گهريلو اڻبڻت تان پنهنجي گهر جي ڪمري ۾ ڇت جي پنکي ۾ رسو وجهي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو ، فوتي نوجوان جو لاش سول اسپتال ٺٽو مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو نوجوان جو لاش مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو .
وڌيڪ پڙھو