ٺٽو
-
ماهيگير تنظيمن ڍنڍن ۽ ڍورن تي بااثر ماڻهن جي قبضن ۽ ملاحن کي روزگار جا موقعا فراهم نه ڪرڻ خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو
ٺٽي ضلعي جي ماهيگير تنظيمن ڍنڍن ۽ ڍورن تي بااثر ماڻهن جي قبضن ۽ ملاحن کي روزگار جا موقعا فراهم نه ڪرڻ خلاف احتجاجي تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ رمضان شريف دوران دستخطي مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته هزارين ملاحن جي صحيحن سان درخواست تيار ڪري صدر آصف زرداري ۽ وزير اعلي سنڌ قائم علي شاهه کي اماڻي ملاحن سان ٿيندڙ نا انصافي بابت آگاهي ڏني ويندي، مڇي مارڪيٽ ٺٽو ۾ ڪينجهر فشرمين ويلفيئر سوسائٽي ٺٽو جي چيئرمين آدم گندرو جي صدارت هيٺ ملاح اتحاد تحريڪ، ماهيگير ايڪشن ڪميٽي ۽ ڪينجهر فشرمين ويلفيئر سوسائٽي جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٺٽي ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۽ سنڌو درياهه جي مياڻين، سونهري مياڻ، دولت پور، مٽڪا، جهمپير، فقير جو ڳوٺ، هڏيرو ڍنڍ، سانول پور، سونڊا، جهرڪ ، گهوڙاٻاري ۽ ٻين علائقن جي ملاحن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
جوڊيشل پاليسي کان پوءِعدالتن جي ڪارروائي ۾ تيزي آئي آهي: جسٽس حسن اظهر رضوي
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي جي اڳواڻي ۾ هڪ انسپيڪشن ٽيم ٺٽي پهتل آهي جنهن گذريل ڏينهن ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ٺٽو ۽ ان جي ماتحت عدليه جي ڪاڪردگي جو جائزو وٺي انسپيڪشن ڪئي جڏهن ته ساڳئي ٽيم گهارو، سجاول ۽ ميرپوربٺورو جي سول ڪورٽس جو دورو ڪري ڪورٽن پاران گذريل سال دوران ڪيسن جي حوالي سان ڪيل ڪارگذاري ۽ ڪيسن جي اڪلاءِ جو جائزو ورتو ۽ انسپيڪشن ڪئي ان کان اڳ ٺٽو ڊسٽرڪٽ بار جي بار روم ۾ مقامي وڪيل برادري کي خطاب ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته جڊيشل پاليسي کان پوءِعدالتن جي ڪارروائي ۾ تيزي آئي آهي پر ان کي وڌيڪ مئوثر ۽ فعال بنائڻ جي ضرورت آهي
وڌيڪ پڙھو -
پاڪستان هلال اهمر سنڌ پاران ٺٽي جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي رهواسين جي امدادي ساهائتا ڪرڻ لاءِ دورو
پاڪستان هلال اهمر سنڌ جي سيڪريٽري ڪنور وسيم ، مسٽر نگال ايجي، ياپ ٽائمر، مس پولا بيزان ۽ مظهرالاسلام تي مشتمل هڪ وفد پاڪستان هلال اهمر جي تعاون سان ضلعي ٺٽي جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي رهواسين جي امدادي ساهائتا ڪرڻ لاءِ هلندڙ لائيولي هوڊ پراجيڪٽ ۽ کين پائلٽ پراجيڪٽ ذريعي شيلٽر تعمير ڪري ڏيڻ واري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ ڳوٺ سونا خان جماري ۽ ڳوٺ سليما خاصخيلي جو دورو ڪيو ، بعد ۾ ڊسٽرڪٽ برانچ آفيس ۾ هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي ويئي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ حڪومت سياحت جي اهم مرڪز ڪينجهر ۽ گورک کي ترقي وٺرائڻ جو جو اعلان ڪري ڇڏيو
سنڌ حڪومت سياحت جي اهم مرڪز ڪينجهر ۽ گورک کي ترقي وٺرائڻ جو ڪم شروع ڪرائڻ ۽ ڪينجهر جي نوري ريسٽورينٽ ۽ شاهجهان جامع مسجد ٺٽو جي ريسٽورينٽ کي پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت خانگي ماڻهن حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سياحت کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي سياحت جي سيڪريٽري دلاور منگي ۽ گورک هل جي ڊي جي نظير احمد جکراڻي سان گڏجي ڪينجهر ڍنڍ جي دوري دوران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪينجهر ڍنڍ تي بهترين سياحتي مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ پرائيويٽ پارٽنر شپ پاليسي تحت 6 ارب رپين جي لاڳت سان 7 سئو 50 ايڪڙ ايراضي زمين مختص ڪري پلان تيار ڪيو ويو آهي ، جنهن ۾ ميوزيم، ڪنوينشن سينٽر، رهائشي هٽس سميت مختلف سهوليتون شامل هونديون، صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيوته ابتدائي مرحلي ۾ ڪينجهر جي پڪنڪ پوائنٽ تي سياحن ۽ پڪنڪ ملهائڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن جي سهوليت لاءِ فوري منصوبن تي ڪم شروع ڪرايو ويندو ، هن چيو ته 1985 ۾ ٺهيل هٽس جي پڻ مرمت ڪئي پئي وڃي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ اندر الڳ صوبو ٺاهڻ ناممڪن آهي ۽ اها اڻ ٿيڻي سوچ آهي: سسئي پليجو
صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي ته سنڌ اندر الڳ صوبو ٺاهڻ ناممڪن آهي ۽ اها اڻ ٿيڻي سوچ آهي، ڪنهن به جيڪڏهن الڳ صوبي جي ڳالهه ڪئي آهي ته ان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه پاڪستان جي سالميت جو دفاع ڪيو آهي ۽ دفاع ڪندي رهندي. اها ڳالهه هن ڪوٽ عالمون لڳ ايم ايس بچاءُ بند جي هلندڙ تعميراتي ڪم جي معائني بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پ پ جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ بچاءُ بندن جي مرمت ۽ انهن کي اصل ليول کان 6 فوٽ بلند ڪرڻ جو ڪم تمام معياري ۽ تسلي بخش ٿيو آهي جنهن بعد هاڻي ٺٽي سميت سموري سنڌ جي ماڻهن کي ٻوڏ جو ڪو به خاطرو ناهي. هن چيو ته بچاءُ بندن جو ڪم 31 جولاءِ تائين هر صورت ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ آبپاشي عملدارن ۽ ٺيڪيدارن کي پابند بنايو ويو آهي ته جيئن وقت سر بندن جو ڪم مڪمل ٿي سگهي. هن چيو ته بندن جي مرمت واري ڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئ ويندي ۽ ڪوتاهي ڪندڙ عملدارن توڙي ٺيڪيدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي
وڌيڪ پڙھو -
هندستاني جيلن مان آزادي ماڻيل ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقي جا 13 ماهيگير پنهنجي ڳوٺن ڏانهن پهچي ويا
هندستاني جيلن مان آزادي ماڻيل ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقي جا 13 ماهيگير پنهنجي ڳوٺن ڏانهن پهچي ويا ، سندن علائقي ۾ خوشي جي لهر، 9 ماهيگير اڃان تائين هندستان جي جيلن ۾ قيدي بڻيل ، فشرفوڪ فورم سميت ملاح تنظيمن پاران سيرڪريڪ جي حد بندي وارو تڪرار فوري طور نبيرڻ جو مطالبو. تازو پاڪستان ۽ هندسستان جي حڪومت پاران گرفتار ڪيل ملاحن کي مٽا سٽا واري پاليسي تحت آزاد ڪرڻ کان پوءِ ٺٽي ضلعي سان تعلق رکندڙ کاروڇاڻ تعلقي جي ساحلي علائقي آٿرڪي جا رهواسي 13 ملاح آزادي ماڻڻ بعد ڪراچي پهچڻ کان پوءِ گذريل رات ديرسان پنهنجي ڳوٺن ڏانهن پهچي ويا آهن ڪراچي پهچڻ تي ڪاتيار ۽ سولنگي برادري جي 13 ماهيگيرن جو ڪراچي ۾ سندن مائٽن استقبال ڪري سندن آجيان ڪرڻ بعد کين جلوس جي صورت ۾ پنهنجي ماڳن ڏانهن وٺي آيا، جتي جشن جو سماءُ نظر اچي رهيو هو
وڌيڪ پڙھو -
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو عباسي رمضان المبارڪ دوران ضلعي ۾ عام واهپي جي 52 شين جي اگهن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو محمد جعفر عباسي رمضان المبارڪ دوران ضلعي ۾ عام واهپي جي 52 شين جي اگهن جي لسٽ جاري ڪندي واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن تي زور ڀريو آهي ته هو رمضان جي مهيني جو پورو احترام ڪن ۽ عام واهپي جي شين جو وڪرو ضلعي انتظاميا پاران مقرر ڪيل اگهن تي ڪري پنهنجو اخلاقي ۽ قانوني ذميواريون نڀائين اها ڳالهه هن دربار هال مڪلي ۾ ضلعي پرائس ڪنٽرول ڪميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪئي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران رمضان شريف دوران عام واهپي جي شين جي مقرر ڪيل اگهن کان وڌيڪ اگهه وٺندڙ ۽ ذخيره اندوزي ۽ منافي خوري ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، ۽ اهڙن واپارين توڙي دڪاندارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هن سب ڊويزنل مئجسٽريٽن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي ته هو رمضان دوران عام واهپي جي شين جي وڪري تي ڪڙي نظر رکن
وڌيڪ پڙھو -
نجي ٽي وي چئنل خلاف ٺٽو ۾ مظاھرو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران نجي ٽي وي چئنل خلاف ٺٽو ۾ ناٿو خان بروهي، نوشاد خميسو چانڊيو، عطا محمد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان نجي چئنل سنڌ جي ورهاڱي لاءِ جيڪا مهم هلائي رهيو آهي ترقي پسند پارٽي ان جي سخت مذمت ڪري ٿي ۽ چئنل کي چتاءُ ڏيندي چيو ته فوري طور سنڌ دشمن مهم بند ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سجي سنڌ ۾ تحريڪ هلائي ويندي.
وڌيڪ پڙھو -
سيڪريٽري پاران ٺٽي ضلعي جي 4 سئو کان مٿي پرائمري اسڪولن جي استادن کي رهيل پگهارون فوري طور ادا ڪرڻ خاطري
سنڌ جي چيف سيڪريٽري راجا محمد عباس ٺٽي ضلعي جي 4 سئو کان مٿي پرائمري اسڪولن جي استادن کي رهيل 8 – 8 مهينن جون پگهارون فوري طور ادا ڪرڻ ۽ ضلعي اندر سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ غير مقامي ماڻهن جي ڀرتين واري معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي ، ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت بابت ڊي سي او آفيس مڪلي تي ضلعي انتظاميا سان گڏجاڻي بعد ڊي سي او آفيس ٻاهران احتجاج ڪندڙ پگهارن کان محروم پي ايس ٽي ٽيچرز سان وڃي ملاقات ڪئي ۽سندن مسئلو ٻڌڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ صحت کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته 8 مهينا اڳ ڀرتي ٿيل پرائمري ٽيچرز کي پگهارون فوري طور ڏياريون وڃن ان موقعي تي بيروزگار نوجوان پڻ احتجاج ڪندي چيف سيڪريٽري آڏو دانهيون ته سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏيئي سندن حق تلفي ڪئي پئ وڃي
وڌيڪ پڙھو -
ذوالفقار آباد شهر جو تعميراتي ڪم پهرين مرحلي ۾ شروع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي: راجا محمد عباس
سنڌ جي چيف سيڪريٽري راجا محمد عباس چيو آهي ڪراچي ۾ وڌندڙ آبادي کي گهٽائڻ لاءِ صدر جي خاص هدايتن تي ٺٽي ضلعي جي چئن ساحلي تعلقن جي 3 لک 28 هزار ايڪڙ ايراضي زمين تي مشتمل ذوالفقار آباد شهر جو تعميراتي ڪم پهرين مرحلي ۾ شروع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ سيپٽمبر مهيني ۾ ذوالفقار آباد ايڪسپريس وي جو سنگ بنياد رکيو ويندو، ذوالفقار آباد اٿارٽي جي ايم ڊي رٽائرڊ جنرل افتخار احمد سان گڏجي ذوالفقار آباد شهر لاءِ تجويز ڪيل ڪيٽي بندر ، کاروڇاڻ ، شاهبندر ۽ جاتي تعلقن جي ساحلي علائقن جو هيليڪاپٽر ذريعي فضائي جائزو وٺڻ ۽ ڊي سي او آفيس مڪلي ۾ ضلعي انتظاميا سان گڏجاڻي بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري راجا محمد عباس وڌيڪ چيو ته ذوالفقار آباد شهر ۾ ايئر پورٽ ، بندر گاهه، بس ٽرمينل، يونيورسٽيون ، اسڪول، پڪا روڊ ۽ ونڊ مل سميت ٻيون جديد شهري سهوليتون ميسر هونديون ۽ اڳتي هلي سمنڊ هيٺ آيل زمين کي به قطب آندو ويندو، هن چيو ته هلندڙ سروي دوران ذوالفقار آباد شهر جي تعمير ۾ پرائيويٽ زمينن جا مالڪن کي معاوضو ڏنو ويندو هن چيو ته ذوالفقار آباد شهر جي تعمير کان پوءِ ڪراچي ۾ آبادي جو دٻاءُ گهٽ…
وڌيڪ پڙھو