ٺٽو
-
سنڌ پنج هزار ورهين کان وٺي هن مهل تائين تاريخي ۽ ثقافتي طور تي سنڌي قوم جو ملڪ رهيو آهي: حمد علي شاهه
ضلعي ٺٽي سان تعلق رکندڙ مختلف ڍنڍن ، ڍورن، تڙن ۽ مياڻين تي آباد مهاڻن جي هڪ سئو کان مٿي راجن جي چڱن مڙسن سميت سوين مهاڻن سنڌ کي انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري حڪومتي اعلان کي سنڌ جي ڪروڙين سنڌين پاران ڏنل ووٽ جي توهين سڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهو اعلان واپس وٺي سنڌ کي ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين هڪ ئي حيثيت ۾ برقرار نه رکيو ويو ته سخت مزاحمت ڪئي ويندي ان ڏس ۾ مڪلي تي ضلعي ٺٽي جي مختلف پاڻين ڪينجهر، سونڊا، ٽنڊوحافظ شاهه ، راجو ڳوٺ، سنڌو درياهه ، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ، شاهبندر، جاتي، سجاول سميت ٻين هنڌن تي آباد مهاڻن جي هڪ سئو کان مٿي راجن جي چڱن مڙسن ۽ مهاڻن شرڪت ڪئي ، ميڙاڪي کي خطاب ڪندي فشرفوڪ فورم جي مرڪزي چيئرمين محمد علي شاهه چيو ته سنڌ پنج هزار ورهين کان وٺي هن مهل تائين تاريخي ۽ ثقافتي طور تي سنڌي قوم جو ملڪ رهيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
نڌ ۾ ٻه طرفو بلدياتي نظام مڙهڻ سنڌ جي ورھاڱي طرف پهريون قدم آهي: سيد نوازشاهه
جيئي سنڌنيشنل ڪانگريس جي مرڪزي چيئرمين سيد نوازشاهه ڀڏائي ۽ ٻين اڳواڻن جيئي سنڌ تحريڪ طرفان ڏنل (اڄ) هڙتال واري سڏ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته جيئي سنڌ ڪانگريس جا ڪارڪن (اج)واري هڙتال ۾ ڀرپور حصو وٺندا هن چيو ته پ پ سرڪار طرفان سنڌ ۾ ٻه طرفو بلدياتي نظام مڙهڻڻ سنڌ جي ورحاڱي طرف پهريون قدم آهي لساني ٽولي کي خوش ڪرڻ لاءِ پ پ سنڌ جي تاريخي وحدت تي وار ڪيو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
داٻيجي ٿاڻي جي وڏي منشي خلاف زوري زنه ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل. گرفتاري عمل ۾ نه آئي
عدالتي حڪم تي داٻيجي ٿاڻي جي وڏي منشي خلاف زوري زنه ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل. گرفتاري عمل ۾ نه آئي. فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو جي حڪم تي داٻيجي پوليس داٻيجي جي رهواسڻ هڪ عورت مسمات ثمينه بيبي زال وزير احمد سولنگي سان زوري زنا ۽ ڌمڪين جو ڪيس قلم 376، 342، 506 پ پ سي تحت داٻيجي ٿاڻي جي وڏي منشي عالم خان خلاف داخل ڪري ڇڏيو آهي پر جوابدار نامزد ڪيل وڏي منشي جي گرفتاري اڃان تائين عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت لاءِ شروعات سروي جو ڪم باقاعده شروع ٿي ويو
صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي ٺٽي جي ساحلي علائقن ۾ جديد طرز تي اعلانيل ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت لاءِ شروعات سروي جو ڪم باقاعده شروع ٿي ويو آهي جنهن تحت ذوالفقار آباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي پاران مقرر ڪيل ڪنسلٽنٽس جي خصوصي ٽيم ٺٽي پهچي ويئي جنهن روينيو کاتي جي مختيارڪارن ۽ تپيدارن جي مدد سان شاهبندر ، جاتي، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ جي ساحلي علائقن ۾ ذوالفقار آباد شهر لاءِ مخصوص ڪيل 3 لک 28 هزار زمين ايراضي جي حدبندي واضح ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي ۽ فيلڊ ۾ ٽيم پهچي حد نشان واضح ڪري انهن تي نشان لڳايا پيا وڃن. ضلعي ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد جعفر عباسي پاران ذوالفقار آباد شهر لاءِ بنيادي سروي جي ڪم جي مانيٽرنگ لاءِ ڊي او روينيو ٺٽو آغا شاهنواز کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
هاڻي غريب ماڻهن کي ڪيش جي صورت ۾خيرات امداد ڏيڻ بدران غريب بي پهچ ۽ لاچار مريضن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو ويندو
پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو چيو آهي ته هاڻي غريب ماڻهن کي ڪيش جي صورت ۾خيرات امداد ڏيڻ بدران غريب بي پهچ ۽ لاچار مريضن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو ويندو ۽ ڪينسر ۽ گردن جي بيماري ۾ مبتلا في مريض تي 6 لک رپين تائين خرچ سرڪار ڀريندي مڪلي سرڪٽ هائوس ۾ زڪوات عشر کاتي پاران غريب بيواهه عورتن ۽ معذور ماڻهن ۾ زڪوات عشر جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو چيو ته پ پ حڪومت غريب ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ مختلف قسمن جا پروگرام شروع ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان بيت المال ذريعي هر غريب ماڻهو جو خرچ سرڪار ادا ڪندي ان موقعي تي پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ارباب وزيرميمڻ چيو ته زڪوات جا چيڪ کليل نموني ورهائڻ جو مقصد حقدار ماڻهن تائين معاوضي جي رقم حقدار ماڻهن تائين پهچ کي يقيني بنائڻ آهي
وڌيڪ پڙھو -
الخدمت فائونڊيشن ٺٽي ضلعي جي ٻوڏ سٽيل ماڻهن لاءِ ٺٽي ۾ مفت ايمبولنس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
جماعت اسلامي جي الخدمت فائونڊيشن ٺٽي ضلعي جي ٻوڏ سٽيل ماڻهن لاءِ ٺٽي ۾ مفت ايمبولنس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ٺٽو ۾ منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ الخدمت فائونڊيشن ٺٽو جي صدر الطاف ملاح ايمبولنس سروس جي فراهمي واري پروگرام جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي جي امير مولانا عطاالرحمان بلوچ ، الخدمت فائونڊيشن جي صدر الطاف ملاح، مولانا اسماعيل گندرو خطاب ڪندي چيو ته ٺٽي ضلعي جي غريب ٻوڏ متاثر ماڻهن کي ايمبولنس جي مفت سروس سان گڏ آسان قسطن تي قرض جي سهوليت به ڏني پئي وڃي، ۽ معذور غريب ماڻهن ۾ وهيل چيئر تقسيم ڪيون ويون آهن جڏهن غريب متاثر ڳوٺاڻن کي 120 گهر پڻ تعمير ڪرائي ڏنا ويا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
واجد دراني کي سنڌ جو آئي جي بنائي مظلوم ماڻهن ۽ ڀٽو جي پيروڪارن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو ويو آهي: پ پ شهيد ڀٽو
پ پ شهيد ڀٽو ضلعي ٺٽي ۽ ٺٽو سٽي پاران شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار واجد دراني کي آئي جي سنڌ بنائڻ، سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، بيروزگاري، مهنگائي، لوڊشيڊنگ ، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ گهارو ۾ شهيد ڀٽو اڳواڻ گل بقا ڀٽ سان گهارو پوليس جي ڪيل بدتميزي خلاف ٺٽو ۾ ضلعي صدر ابن خاصخيلي ، لالا ساگر شيخ ۽ خدابخش سمون جي اڳواڻي ۾ هڪ ڏينهن جي علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي جنهن ۾ پرويز ساٽي، صدام بروهي، عيسيٰ لاشاري، علي احمد لاشاري، علي احمد ڀنڀرو، گل بقا ڀٽ، پيربخش سمون، مشتاق بروهي، جعفر اوٺو، عقيل ابڙو، حسن ڪنڀار، الطاف شيخ، جاويد ملاح ، اڪبر ميمڻ، امدادي بروهي، شهزاد دايو، غلا م مصطفيٰ ملاح، حنيف بروهي، ڪريم بخش جاکرو سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽي ۾ هڪ شخص پئٽرول هاري نوجوان کي باهه ڏيئي ڇڏي
جهمپير لڳ هڪ ڳوٺ ۾ هڪ شخص پئٽرول هاري نوجوان کي باهه ڏيئي ڇڏي، نازڪ حالت ۾ حيدرآباد اسپتال داخل، جهمپير لڳ ڪوهستاني ڳوٺ خميسو شورو ۾ گذريل رات شراب جي نشي ۾ دت هڪ شخص امين شورو 20 ورهين جي نوجوان لقمان شورو تي پئٽرول هاري کيس باهه ڏيئي ڇڏي جنهن سبب سندس جسم جو 60 سيڪڙو حصو سڙي ويو ، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد داخل ڪرايو ويو آهي جڏهن ته واقعي جو ڪيس جهمپير ٿاڻي تي درج ڪرايو آهي پر جوابدار فرار ٿي ويو باهه سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان جي مائٽ اڳوڻي يوسي ناظم غلام رسول شورو ٻڌايو ته ٺري (ڪچو شراب) جي نشي ۾ دت جوابدار امين شورو کي ڇيڙڇار کان منع ڪرڻ تي جوابدار سندس نوجوان لقمان شورو تي پئٽرول هاري کيس باهه ڏيئي ساڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
ڊاڪٽر واسديو لوهاڻو ٺٽي کان پنهنجي گهر ويندي گلشن حديد واري علائقي مان اغوا
ٺٽي جي مشهور چيسٽ اسپيشلسٽ ۽ ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر واسديو لوهاڻو ٺٽي کان پنهنجي گهر ويندي گلشن حديد واري علائقي مان اغوا، هندو برادري سميت ڊاڪٽرن ۾ ڳڻتي ڇانيل صحت کاتي جي مرڪزن ۾ ٽوڪن هڙتال جو سڏ. رپورٽ. موجب ٺٽي ضلعي جي مشهور چيسٽ اپيشلسٽ ۽ صحت کاتي ٺٽو جي ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر واسديو جي لوهاڻا گذريل رات پنهنجي ٺٽي ۾ ڪلينڪ بند ڪري بس ذريعي گلشن حديد ۾ پنهنجي گهر روانو ٿيو جيڪو گلشن حديد جي مين اسٽاپ تي لهڻ کان پوءِ گهر نه پهتو، ۽ سجي رات گهر وارن پاران انتظار ڪرڻ کان پوءِ ڪالهه صبح جو سندس موبائيل فون ذريعي اغوا ڪندڙن سندس گهر فون ڪري ڊاڪٽر کي اغوا ڪرڻ جو اطلاع ڏنو، جنهن کان پوءِ سندس گهرڀاتين توڙي ڊاڪٽر برادري ۾ سخت ڳڻتي ۽ پريشاني ڦهلجي ويئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
فشرفوڪ فورم پاران شهر ذوالفقار آباد لاءِ زمينون خالي ڪرائڻ خلاف مزاحمت جو اعلان
ضلعي ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ اعلانيل نئون شهر ذوالفقار آباد جي اڏاوت خلاف فشرفوڪ فورم پاران سامونڊي علائقي ۾ مهم شروع، کاروڇاڻ ۾ مقامي رهواسين جو ميڙاڪو پنهنجون اباڻيون زمينون نه ڇڏڻ ۽ ڌارين جي امڪاني طور تي سامونڊي پٽي ۾ زمينون خريد ڪرڻ خلاف احتجاج جو چتاءُ. ضلعي ٺٽي جي سامونڊي پٽي جي تعلقي ڪيٽي بندر ، کاروڇاڻ، شاهبندر ۽ جاتي جي 3 لک 28 هزار زميني ايراضي تي اعلانيل نئين جديد شهر ذوالفقار آباد کي سرڪار پاران جوڙائڻ جي ڪيل تيارين کان پوءِ سامونڊي پٽي جي رهواسين پاران پنهنجي پاڻ کي امڪاني طور تي بيدخل ڪرڻ جي سازشن کي سامهون رکندي ان عمل خلاف سخت مزاحمت ڪرڻ جو اعلان ڪيو
وڌيڪ پڙھو