ٺٽو

  • سنڌ گدڙن ناهي کاڌي جو پاڻ کي وائسراءِ سڏائيندڙ رحمان ملڪ سنڌ جا فيصلا ٿو ڪري: سنڌياڻي تحريڪ

    عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران رحمان ملڪ ۽ آبپاشي ۽ ڊرينيج عملي خلاف ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي رحمان ملڪ جي پتلي کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو ان موقعي تي احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ انور سومرو، اشرف پليجو، صاحب خان کوسو، بلاول لاشاري، سنڌياڻي تحريڪ ٺٽي جي صدر سلمي لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ گدڙن ناهي کاڌي جو پاڻ کي وائسراءِ سڏائيندڙ رحمان ملڪ سنڌ جا فيصلا ٿو ڪري ، هنن چيو ته سنڌ جي فيصلي جو ڪنهن کي به اختيار ڪونهي ۽ نه ئي سنڌ دهشتگردن حوالي ڪرڻ ڏني ويندي

    وڌيڪ پڙھو
  • رليف ۽ ميديڪل ڪئمپن ۾ اضافو ڪري برسات متاثرين کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي: سسئي پليجو

    صوبائي وزير ثقافت ۽ ضلعي رليف مانيٽرنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سسئي پليجو چيو آهي ته اسان جي اها ڪوشش آهي ته ڪارو گونگھڙو ۽ ٻين حساس علائقن ۾ اڃا وڌيڪ ھيوي مشينري لڳائي وڃي ته جيئن برسات متاثر علائقن مان بيٺل پاڻي جو جلد نيڪال ڪري متاثرين جي تڪليفن کي گھتائي سگھجي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن اڄ ضلعي انتظاميه ٺٽي کي ھدايتون جاري ڪرڻ دوران صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. هن ضلعي انتظاميه کي اها پڻ هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ رليف ۽ ميديڪل ڪئمپن ۾ اضافو ڪري برسات متاثرين کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي. ان حوالي سان سسئي پليجو ھنگامي طور تي اڄ 6 سيپتمبر 2011ع تي ضلعي انتظاميه جي گڏجاڻي طلب ڪري ورتي آهي جنهن ۾ روينيو، صحت، آبپاشي ۽ ٻين واسطيدار کاتن جي عملدارن کان رليف ڪئمپن، کاڌ خوراڪ جي رسد، صحت ۽ مختلف سم نالن ۽ واهن کي لڳل ڪٽس متعلق بريفنگ ورتي ويندي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ٺٽي ضلعي مان پوليو جي موذي مرض جو مڪمل خاتمو آڻڻ لاءِ جنگي بنيادن تي ڪوششون ورتيون پيون وڃن: ڊي سي او

    ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي چيو آھي ته ٺٽي ضلعي مان پوليو جي موذي مرض جو مڪمل خاتمو آڻڻ لاٰٰءِ جنگي بنيادن تي ڪوششون ورتيون پيون وڃن ته جيئن ضلعي جي ٻارڙن کي مستقبل ۾ معذوري کان بچائي سگھجي. اھا ڳالھه ھن اڄ صبح جو دربار هال مڪلي ۾ 19 کان 21 سيپٽمبر 2011ع تائين شروع ٿيندڙ قومي پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چئي. ڊي سي او ٺٽو خطاب ڪندي چيو ته ضلعي اندر ايندڙ پوليو مهم دوران 100 سيڪڙو حدف حاصل ڪري پوليو مهم کي ڪامياب بنايو وڃي. هن چيو ته هن نيڪ ڪم ۾ ضلعي حڪومت پاران صحت کاتي ٺٽي سان ڀرپور سھڪار ڪيو ويندو ۽ پوليو جي گشتي ٽيمن کي سموريون گھربل سهولتون فراھم ڪيون وينديون ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جا ڦرا پيارڻ کان رهجي نه وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • برساتي تباهڪارين سبب 65 هزار ماڻهو بي گهر ٿي ويا

    ٺٽي جي ضلعي انتظاميا ٺٽي ضلعي اندر برساتي تباهڪارين سبب 65 هزار ماڻهو بي گهر ٿيڻ ۽ 35 ديهون متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته ضلعي اندر سڀ کان وڌيڪ نقصان زراعت جو ٿيو آهي. ڪاروگونگڙو سم نالي تي ڪيمپ قائم ڪري ويٺل ٺٽي جي ڊي سي او محمد جعفر عباسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٺٽي ضلعي اندر برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ ڪري ڪاروگونگڙو سم نالي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌي ويئي آهي ۽ هن سم نالي جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش 1250 ڪيوسڪس آهي جڏهن ته هن وقت 3085 ڪيوسڪس پاڻي سم نالي ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري رهيو آهي هن چيو ته ڪاروگونگڙو سم نالي جي سسٽم کي بچائڻ سان گڏ آسپاس ۾ تباهي جو سبب بڻيل پاڻي جي نيڪال لاءِ هنگامي صورتحال لاڳو ڪري سکر کان ڳريون موٽر مشينون ۽ پائپ ۽ ماهر انجنيئرن کان مدد حاصل ڪري صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي وڌيڪ ٻڌايو ته ٺٽي ضلعي اندر سڀ کان وڌيڪ جاتي ۽ ميرپوربٺورو تعلقن ۾ تباهي ٿي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪاروگونگرو سم نالي جي سطح وڌي ويئي سم جو پاڻي ابتو وهڻ لڳو ڪيترا ئي ڳوٺن ٻڏي ويا

    ٺٽي ضلعي اندر برساتي تباهڪارين جو سلسلو جاري برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ بعد ڪاروگونگرو سم نالي جي سطح وڌي ويئي سم جو پاڻي ابتو وهي ڪيترن ئي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو ٻن صوبائي وزيرن سميت ڊي سي او ٺٽو ڪاروگونگڙو تي پهچي هنگامي صورتحال لاڳو ڪري ڇڏي ماهر انجنيئرن کان مدد طلب، ٺٽي ضلعي اندر برساتن جي تباهڪارين جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي ۽ ڪالهه آچر واري ڏينهن منجهند کان پوءِ برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ڪالهه به ٺٽي سميت ضلعي جي سخت متاثر علائقن ميرپوربٺورو، جاتي، ڪيٽي بندر ۽ سجاول سميت مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو جنهن سبب هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته ٻيهر برساتن جي وسڪاري سبب ٺٽي ضلعي اندر تباهي مچائيندڙ ڪاروگونگڙو سم نالي جي سطح ٻيهر وڌي ويئي آهي ۽ ان جي ابتي وهڻ ڪري سم نالن جي گهارن جو پاڻي ميرپوربٺورو تعلقي جي يوسي درياهه خان سوهو ۽ جهوڪ شريف جي وڌيڪ 20 کان مٿي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • ٺٽي ضلعي اندر برساتن جي تباهڪارين بابت سنڌ حڪومت باخبر آهي: صادق علي ميمڻ

    جيل کاتي جي صوبائي وزير انجنيئر صادق علي ميمڻ چيو آهي ته ٺٽي ضلعي اندر برساتن جي تباهڪارين بابت سنڌ حڪومت باخبر آهي ۽ ضلعي جي متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏيارڻ لاءِ سمري تياري هيٺ آهي ڪاروگونگڙو تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪاروگونگڙو سم نالو برساتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تباهي آندي آهي پر هاڻي هنگامي بنيادن تي ڪاروگونگڙو سم نالي جي اٿل سميت ان جي سسٽم کي بچائڻ لاءِ مختلف پهلوئن کان جائزو وٺڻ بعد هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن ۽ انهن اتي ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي ته جيئن صورتحال کي مانيٽر ڪري سگهجي ۽ ڊرينيج کاتي جي سپرنٽيڊنٽ انجنيئر دنون مل جي اڳواڻي ۾ ڊرينيج انتظاميا کي الرٽ ڪري وڌيڪ مشنري سميت متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪال ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن

    وڌيڪ پڙھو
  • هندو پنچائت جي اڳواڻ جي ڀاءُ تي جهمپير پوليس جي اهلڪارن جو تشدد

    جهمپير ۾ هندو پنچائت جي اڳواڻ جي ڀاءُ تي جهمپير پوليس جي اهلڪارن جو تشدد هندو برادري سميت واپارين جهمپير شهر ۾ هڙتال ڪري ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو احتجاج ۽ نعريبازي جهمپير شهر ۾ هندوپنچائت ضلعي ٺٽي جي صدر ديوان گهنشام ٿانوراڻي جي ڀاءُ لڇمڻ داس ٿانوراڻي تي جهمپير پوليس جي اهلڪارن گذريل ڏينهن نشي جي حالت ۾ سخت تشدد ڪري کيس مارڪٽ جو نشانو بڻايو ۽ کانئس پيسا کسي ورتا اهڙي واقعي خلاف جهمپير جي هندو برادري توڙي شهرين ۽ واپارين ڪالهه جهمپير شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو ۽ احتجاجي جلوس ڪڍي پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو احتجاج ۾ هندو پنچائت جي اڳواڻ ديون گهنشام ٿانوراڻي ، جسقم جهمپير جي اڳواڻ اسد گوپانگ ، ديوان دريانو مل، راجيش ڪمار۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جهمپير پوليس قانوني ۽ اخلاقي ليڪا لتاڙي هڪ شريف ۽ ڪاروباري شخص ديوان لڇمڻ داس کي بيگناهه تشدد جو نشانو بنائي کانئس ڦرلٽ ڪئي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • هٿ وٺي سندن سجاول سب ڊويزن جي تڪ جي برسات متاثر ماڻهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي: اياز علي شاهه شيرازي

    ق ليگ جي ايم اين سيد اياز علي شاهه شيرازي ٺٽي ضلعي اندر برساتي تباهڪارين سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي واهر نه ٿيڻ جا الزام هڻندي چيو آهي ته هٿ وٺي سندن سجاول سب ڊويزن جي تڪ جي برسات متاثر ماڻهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ حڪومتي ادارن متاثرين جي بحالي ۽ امداد لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي ميرپوربٺورو تعلقي جي مختلف متاثر علائقن ڪوٽ عالمون، ابڙال، موالي موري ۽ ٻين علائقن جي دوري دوران ڳوٺاڻن سان ڳالهائيندي ۽ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ايم اين اي اياز علي شاهه شيرازي وڌيڪ چيو آهي ته ٺٽي ضلعي اندر ڊرينيج کاتي جي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن سبب وڌيڪ برساتن دوران تباهي ٿي آهي ۽ هن وقت به ماڻهو بي يارومددگار بڻجي کليل آسمان هيٺ امداد لاءِ وانجهائي رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • ھاڻوڪين برساتن سبب سنڌ کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪيئي سال معاشي طور پٺتي ڌڪي ڇڏيو آھي: سسئي پليجو

    صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي ته ھاڻوڪين برساتن سبب سنڌ کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪيئي سال معاشي طور پٺتي ڌڪي ڃڏيو آھي، فقط ٺٽي، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ ھڪ خرب روپين کان وڌيڪ زرعي نقصان ٿيو آھي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن اڄ منجھند جو ضلعي ٺٽي جي ڪارو گھونگھڙو وٽ پيل واھن جي گھارن جو معائنو ڪرڻ دوران صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن چيو ته جتي قدرتي آفتن ماڻھن جي آبادين ۽ زندگين کي شديد نقصان پھچايو آهي اُتي ايل بي او ڊي جي غلط ڊزائن پڻ اُن نقصان کي اڃا وڌيڪ ٻيڻو ڪيو آهي. صوبائي وزير چيو ته تڏهن ئي اسان اُن غلط رٿابندي ڪيل ايل بي او ڊي جي مخالفت ڪندا آياسين ۽ هاڻ اُن ئي سبب ٺٽي ۾ آر بي او ڊي جي پڻ مخالفت ڪريون ٿا. انهن اينٽي سنڌ منصوبن ڪري ايندڙ سالن ۾ سنڌ ڪنهن گٽر واري ڍنڍ ۾ بدلجي سگھي ٿي.

    وڌيڪ پڙھو
  • حڪومت برسات متاثرين کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي

    صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي ته سنڌ حڪومت برسات متاثرين کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ سندن جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ متاثرين جي هر قسم جي مدد ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ تعلقي ميرپور بٺورو جي يو سي بچل گگو، ديهه ڏاچري جي پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن عارب جانوري، غلام جاکرو ۽ ٻين برسات متاثر ڳوٺن جي متاثرين ۾ امدادي سامان ورهائڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيٿدي چئي. هن چيو ته عواج پ پ جي حڪومت ۾ اُميدون رکي ٿو ان ڪري هن مشڪل وقت ۾ متاثر ماڻهن کي هم گز اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته اسان پي ايم ڊي اي ۽ ريهيبيليٽيشن جي صوبائي وزيرن سان پڻ لڳاتار رابتي ۾ آهيون ته جيئن متاثر ماڻهن جي وقت سر ۽ وڌ کان وڌ مدد ڪري سگھون. هن چيو ته ٺٽي ۽ بدين ضلعن کي اربين روپين جو نقصان پهتو آهي، زراعت مڪمل تباه ٿي چڪي آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button