حيدر آباد
روسپ تحت ڪم شروع ٿيڻ بعد نارا ڪينال، جمڙائو ڪينال، مٺڙائو ڪينال ۽ کپرو ڪينال ۾ پاڻي کڻڻ جي سگهه بهتر ٿي ويندي: اسحاق لاشاري
19 جولائی ، 2011
روسپ تحت ڪم شروع ٿيڻ بعد نارا ڪينال، جمڙائو ڪينال، مٺڙائو ڪينال ۽ کپرو ڪينال ۾ پاڻي کڻڻ جي سگهه بهتر ٿي ويندي: اسحاق لاشاري
سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري اسحاق لاشاري چيو آهي ته واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پراجيڪٽ (روسپ WSIP) تحت ڪم شروع ٿيڻ بعد نارا ڪينال، جمڙائو ڪينال، مٺڙائو ڪينال ۽ کپرو ڪينال ۾ پاڻي کڻڻ جي سگهه بهتر ٿي ويندي ۽ پڇڙي جي آبادگارن کي فائدو ٿيندو. اهڙو اظهار هن سانگهڙ ويجهو منڍ جمڙائو تي واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پروجيڪٽ تحت نارا ڪينال جي هلندڙ ڪمن جي دوري دوران ۽ ايريگيشن ريسٽ هائوس ۾ آبادگارتنظيمن ( فارمرزآرگنائيزيشن ) جي عهديدارن سان گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي ڪيو. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري چيو ته حڪومت سيڊا جوڙِي پاڻي جي ورهاست جا اختيار آبادگارن کي منتقل ڪرڻ شروع ڪيا آهن، هاڻي آبادگار تنظيمن جي عهديدارن کي گهرجي ته اهي پنهنجي آبياني جي وصولي کي بهتر بڻائين ۽ جيڪي شاخون وسپ تحت بحال ڪيون پيون وڃن
صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي سان سندس ڀاءُ محمد علي ڀرڳڙي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو جاري
19 جولائی ، 2011
صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي سان سندس ڀاءُ محمد علي ڀرڳڙي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو جاري
پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ضلعي جي صدر ۽ ماهيگيري کاتي واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي سان سندس ڀاءُ محمد علي ڀرڳڙي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. ساڻس تعزيت ڪندڙن ۾ قانون وارو وفاقي وزير مولابخش چانڊيو، سينيئر صوبائي وزير تعليم پيرمظهر الحق ، صوبائي وزير ڊاڪٽر موهن لال ، ايم اين اي لعل چند، ايم پي اي ڊاڪٽرسڪندر شورو، ايم پي اي غلام رسول انڙ، سنڌ جي وڏي وزير جي خصوصي معاون سرفرازراڄڙ، امان الله سيال، سيد فياض شاهه، ذوالفقار يوسفاڻي، آفتاب احمد خانزاده، حميد سنڌي، سڪندر حيات، احسان ابڙو، غلام مرتضيٰ ميمڻ ، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ الهه بچايو سومرو، ايس ڊِي او آبپاشي امجد علي ميمڻ، ڊي جي غلام اڪبر لغاري، مختيارڪار گدا حسين، مامارند، غلام رسول ڪلهوڙو، ڊاڪٽر فريد شيخ، ڊاڪٽرڪشن چند، ڊاڪٽر انيل ڪمار ، سيد الطاف حسين شاهه ، الطاف گهمڻ ، ڊِي ايڇ او هيلٿ ڊاڪٽر علي بخش پتافي، حاجي جنيد سومرو ،زاهد مرزا، الياس قريشي، اقبال سومرو، آفتاب گهمڻ، ڊاڪٽر جبارشيخ ۽ ٻيا شامل هئا.
بندن جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ۽ مهاجر صوبي جي سازش خلاف سپنا جا مظاهرا ۽ ڌرڻا
18 جولائی ، 2011
بندن جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ۽ مهاجر صوبي جي سازش خلاف سپنا جا مظاهرا ۽ ڌرڻا
سنڌ ۾ بندن جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ۽ مهاجر صوبو ٺاهڻ واري سازش خلاف سنڌ پروگريسو الائنس جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ايس ٽي پي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي. عوامي تحريڪ، ترقي پسند ناري تحريڪ جي ڪارڪنن دودو مهيري ۽ حميد ملاح ، نور احمد ڪاتيار، حاڪم زادي ٿيٻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپ کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سپنا جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ٻوڏ سبب تباهه ٿيل بچاءُ بند جي مرمت ڪرڻ واري ڪم مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي حڪومت جي سست رويي سان لڳي ٿو ته سنڌ کي هڪ دفعو ٻيهر ٻوڙيو ويندو، هنن چيو ته حڪومت جا سڀ ڪيل واعدا ڪوڙا ثابت ٿيا آهن اڄ به سنڌ جو عوام پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو، سنڌ لاءِ پ پ جي اقتداري ويڙهه ۾ ڪراچي ۾ بيگناهه سنڌي ماڻهن جو قتل عام ٿي رهيو آهي
حيدرآباد ۾ پوليو جا 8 ڪيس ظاھر ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظھار
17 جولائی ، 2011
حيدرآباد ۾ پوليو جا 8 ڪيس ظاھر ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظھار
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد آفتاب احمد کتري، ڊويزن ۾ پوليو جا 8 ڪيس رپورٽ ٿيڻ تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن ۽ صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو 18 جولاءِ 2011 کان شروع ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري پوليو مهم دوران سئو سيڪڙو ڪوريج ڪرڻ کي يقيني بڻائين _ هن عملدارن کي چتاءُ ڏنو ته مهم دوران ڪوتاهي ڪندڙ ۽ ڪنهن علائقي ۾ پوليو جا ڦڙا نه پيارڻ جي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙي هدايت هن اڄ پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني. گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ پوليو جي ظاهر ٿيندڙ14 ڪيسن مان 8 ڪيس حيدرآباد ڊويزن ۾ رپورٽ ڪيا ويا آهن جن مان ٽي حيدرآباد ضلعي ، ٻه ضلعي ٺٽي، ٻه بدين ضلعي ۽ هڪ پوليو جو ڪيس ضلعي ڄامشورو ۾ ظاهر ٿيو آهي. ڪمشنر حيدرآباد لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته يونين ڪائونسل سطح تي هڪ منصوبو جوڙي . ان تي عمل ڪن جڏهن ته روينيو، صحت، تعليم ۽ لوڪل گورنمينٽ جي کاتن جي عملي کان علاوه غير سرڪاري تنظيمن سميت سياسي ڪارڪنن کي پڻ مهم ۾ شامل ڪن ته جيئن مهم جا گهربل…
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن باٽني جي ڪامياب اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو
17 جولائی ، 2011
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن باٽني جي ڪامياب اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي پڌرائي موجب سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ باٽني (مرد ۽ عورت) بي پي ايس 17 جي خالي آسامين لاءِ جولاءِ 2011 دوران اهل اميدوارن کان ورتل انٽرويو ۾ غلام علي آريجو، فيصل انصاري، امتيازحسين، منير علي ڀاڳت، عبدالطيف ڪلهوڙو، غلام اصغر، محمد سليم بروهي، عبدالحميد هليو، عبدالستارآرائين، جان محمد،نسيم الله ڦلپوٽو، نثار احمد ميمڻ، احسان مغل، محمد ڪبير جڏهن ته عورتن ۾ قمرالنساءُ ڪلهوڙو، نذهت بيگم، مهتاب ميمڻ، زينت بانو، ريحانه ڀٽي، خورشيد بانو ميمڻ، ڪلثوم بيگم ڏيپر، سروت ناز، زاهده پٺاڻ ۽ رابيعه تبسم کي ڪامياب قرار ڏيندي سنڌ حڪومت کي سندن ڄاڻايل آسامين تي مقرري جي سفارش ڪئي آهي.
گذريل سال واري ٻوڏ تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ هئي: ڄام سيف الله ڌاريجو
16 مارچ ، 2013
گذريل سال واري ٻوڏ تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ هئي: ڄام سيف الله ڌاريجو
سنڌ حڪومت طرفان ٻوڏ کي اثرائتي نموني منهن ڏيڻ لاءِ آبپاشي عملي کي فلڊ فائيٽنگ جي حوالي سان سکيا ڏيڻ واري هدايتن تي عمل ڪندي سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي طرفان سنڌو دريا جي ڄامشورو فرنٽ بند ڏيٿا لانڍي وٽ تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي آبپاشي جي صوبائي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو چيو ته گذريل سال جي ٻوڏ کان اڳ ماڻهو وساري ويٺا هئا ته دريا ۾ ڪا ٻوڏ به ايندي آهي ڇو ته ڪيترن ئي سالن کان ٻوڏ نه آئي هئي، هن چيو ته گذريل سال واري ٻوڏ تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ هئي. ڄام سيف الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته آبپاشي کاتي جي عملي گذريل سال جي ٻوڏ دوران ڏينهن رات محنت ڪري بندن جي نگراني ڪئي، جنهن جي ڪري گهٽ نقصان ٿيو، جيڪڏهن آبپاشي عملو اهڙا قدم نه کڻي ها ته ٻوڏ ۾ وڌيڪ نقصان ٿئي ها .هن آبپاشي جي عملي کي ” آبڪلياڻي ۾ بند تي مقرر عملي لاءِ هدايتون“ جو ڪتاب ياد ڪرڻ جي هدايت ڪئي
ڪشميري عوام پي پي پي جي نمائندن کي ڪامياب ڪري ثابت ڪيو ته رھيل سيٽن تي به پي پي پي ڪامياب ٿيندي: زاهد علي ڀرڳڙي
16 مارچ ، 2013
ڪشميري عوام پي پي پي جي نمائندن کي ڪامياب ڪري ثابت ڪيو ته رھيل سيٽن تي به پي پي پي ڪامياب ٿيندي: زاهد علي ڀرڳڙي
سنڌ جي ماهيگيري کاتي واري وزير زاهد علي ڀرڳڙي چيو آهي ته ڪشمير ۾ ٿيندڙ تازين چونڊن ۾ ڪشميري عوام، پاڪستان پيپيلزپارٽي جي نمائندن کي ڪامياب بڻائي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي 20 جولاءِ 2011 تي ڪشمير جي باقي سيٽن لاءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ پڻ پاڪستان پيپلزپارٽي ئي کي ڪامياب ڪندي جنهن لاءِ هن پنهنجن ڪارڪنن کي اڳواٽ ئي مبارڪباد ون پڻ ڏنيون آهن _ اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ گذريل رات پ پ پ حيدرآباد جي ڪارڪن منٺار جتوئي جي رهائشگاهه تي 20 جولاءِ 2011 تي ڪشمير جي رهيل سيٽن تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ پاڪستان پيپيلزپارٽي پاران حلقي اي ايل 36 ۽ ايل اي 30 لاءِ نامزد ڪيل اميدوار اقبال ڪشميري ۽ سردار مقصود زمان سان گڏ هڪ ڪارنر ميٽنگ جي صدارت ڪندي ڪيو _ صوبائي وزير چيو ته عوام پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ ۾ آزاد آهي ۽ چونڊن ۾ ڪنهن ٻئي پارٽي جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو
زرعي يونيورسٽي ۾ سپليمينٽري امتحان 23-آگسٽ کان شروع ٿي رهيا آهن
5 جولائی ، 2011
زرعي يونيورسٽي ۾ سپليمينٽري امتحان 23-آگسٽ کان شروع ٿي رهيا آهن
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي امتحانن بابت ڪنٽرولر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب تدريسي سال 10-2009 ۽ ڪئلينڊر سال 2011 جي مڙني ڪلاسن جي پهرين کان آخري سال جي سڀني فيڪلٽين جي ٻئي ٽرم جا سپليمينٽري امتحان 23-آگسٽ کان شروع ٿي رهيا آهن، جنهن جي فارمن جي عام رواجي في سان آخري تاريخ 15-آگسٽ ۽ ليٽ في سان 19 آگسٽ مقرر ڪئي وئي آهي.
پوليو مهم کي پنهنجي ڊيوٽي سمجهي نه پر عبادت سمجهي پنهنجو فرض ادا ڪيو وڃي: کتري
5 جولائی ، 2011
پوليو مهم کي پنهنجي ڊيوٽي سمجهي نه پر عبادت سمجهي پنهنجو فرض ادا ڪيو وڃي: کتري
ضلعي ايڊمنسٽريٽرحيدرآباد آفتاب احمد کتري صحت ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته هو پوليو مهم کي پنهنجي ڊيوٽي سمجهي نه پر عبادت سمجهي پنهنجو فرض ادا ڪن جڏهن ته ان قومي فرض کي پورو ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان پوليو جي بيماري خلاف جهاد ڪن ته جيئن ملڪ ۽ قوم جي نون ڄاول ٻارڙن کي ان مهلڪ بيماري کان محفوظ رکي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ضلعي ناظم سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ پوليو مهم جي حوالي سان ڪوٺايل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو .گڏجاڻي ۾ اي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر بخش علي پتافي ، اي ڊي او فنانس ۽ پلاننگ اعجاز الحسن، اي ڊِي او سي ڊي ڊي قربان علي ميمڻ ، اي ڊي او ايجوڪيشن نياز لغاري،ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولس، چيئرمين هلال احمر، مينيجر اوقاف ، يونيسيف ، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي نمائندن ۽ واسطيدار عملدارن پڻ شرڪت ڪئي
پاڻي جي پوزيشن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن وقت ڪا به خطري وارو صورتحال ناهي: آبپاشي واري صوبائي وزير
17 مارچ ، 2013
پاڻي جي پوزيشن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن وقت ڪا به خطري وارو صورتحال ناهي: آبپاشي واري صوبائي وزير
آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام سيف الله ڌاريجو چيو آهي ته سنڌ ۾ گذريل سال جي ٻوڏ جي تباهي ۾ متاثر ٿيل سمورن بندن تي ڪم جاري آهي ۽ 15 جولاءِ تائين 90 سيڪڙو بنيادي ڪم مڪمل ڪيو ويندو. بندن ۽ ڪينالن جو ڪم مڃيل ٺيڪيدارن کي ٽينڊرن جي ذريعي ڏنو ويو آهي، ڪم جي معيار تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، غلط ڪم ڪندڙ ٺيڪيدارن کي بليڪ لسٽ ڪرڻ سان گڏ سندن خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪيا ويندا. ڪچي جي علائقن ۾ ٺاهيل هٿراڌو زمينداري بندن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ بنا متڀيد جي ڪارروائي ڪئي ويندي. ايشيائي ترقياتي بينڪ کان 14 ارب رپين جو قرض ورتو پيو وڃي جنهن ۾ سنڌ جي آبپاشي نظام جي بنيادي ڍانچي، تباهه ٿيل روڊ ۽ مواصلاتي نظام کي بهتر بڻائڻ تي رقم خرچ ڪئي ويندي. هن اهڙو اظهار ڇنڇر ڏينهن سيڊا سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڄام سيف الله ڌاريجو چيو ته سنڌ حڪومت گذريل سال جي ٻوڏ جي وڏي تباهيءَ کي 3 کان 4 مهينن جي مختصر وقت اندر بهتر طريقي سان منهن ڏنو جنهن بعد صوبي اندر بمپر فصل لٿو ۽ ڪڻڪ جي ريڪارڊ پيداوار ٿي آهي.