حيدر آباد
ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ جي ضرورت نه آهي: سيد قائم علي شاهه
24 جولائی ، 2011
ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ جي ضرورت نه آهي: سيد قائم علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ هنگامن تي قابو پائڻ لاءِ سياسي ۽ انتظامي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته سنڌ پوليس ۽ رينجرز تسلي بخش فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ جي ضرورت نه آهي. اها ڳالهه هن اڄ سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جي 759 هين عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن واري تقريبن جي ٽئين ڏينهن مزار تي چادر چاڙهڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صدرپاڪستان ڪراچي ۾ امن ۽ امان بحال ڪرڻ لاءِ ڪافي سنجيده آهي ۽ ان ڏس ۾ هن گهڻيون گڏجاڻيون منعقد ڪيون آهن . هن چيو ته سمورن واسطيدار ماڻهن کان ڳالهه ٻولهه هلندڙ آهي ۽ سنڌ پوليس ۽ رينجرز جي عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ڪراچي ۾ امن امان واري صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکن.
فنڊز دير سان جاري ٿيڻ جي نتيجي ۾ مختلف ترقياتي اسڪيمون ٻن سالن تائين مڪمل نه ٿيون آهن: ڪمشنر
23 جولائی ، 2011
فنڊز دير سان جاري ٿيڻ جي نتيجي ۾ مختلف ترقياتي اسڪيمون ٻن سالن تائين مڪمل نه ٿيون آهن: ڪمشنر
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احمد بخش ناريجو جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ حيدرآباد ڊيولپمينٽ پيڪيج تحت شروع ڪيل ترقياتي اسڪيمن جو جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته اسڪيمن جو رهيل ڪم مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو ويندو – ڊويزنل ڪمشنر لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي هر هڪ ترقياتي اسڪيم جا تفصيل وٽس جمع ڪرائين- هن عملدارن کي خاطري ڪرائي ته وفاق توڙي صوبائي حڪومت طرفان فنڊز دير سان جاري ڪرڻ جي نتيجي ۾ اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ ۾ تاخير ٿي رهي آهي ۽ سندس اها ڀرپور ڪوشش هوندي ته هو جلد کان جلد فندز جاري ڪرائي ته جئين ترقياتي ڪمن کي پورو ڪري عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي هن عملدارن کي هدايت ڪئي ته ترقياتي ڪمن ۾ اعليٰ معيار تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ان ڏس ۾ڪمن جي اڳڀرائي بابت کيس آگاهه رکيو وڃي
صوفي ازم نه صرف سنڌ پاڪستان ۾ موجود آهي بلڪه ترڪي، چين ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ به موجود آهي: سسئي پليجو
18 جولائی ، 2012
صوفي ازم نه صرف سنڌ پاڪستان ۾ موجود آهي بلڪه ترڪي، چين ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ به موجود آهي: سسئي پليجو
صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي ته دهشتگردي صرف علائقائي ئي نه پر هڪ بين الاقوامي خطرو آهي جنهن کي عوام جي حمايت ۽ بين الاقوامي هم آهنگي پيدا ڪري ئي ان جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو – هن چيو ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جي ويزن تحت شروع ڪيل ڀٽ شاهه ۾ صوفي يونيورسٽي جو قيام هڪ ڊگهي مدي وارو منصوبوآهي جيڪو دهشتگردي جي خاتمي سان گڏوگڏ بين الاقوامي هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ اهم ثابت ٿيندو - هو اڄ حضرت لعل شهباز قلندر جي 759 هين ٽن ڏينهن واري سالياني عرس مبارڪ جي تقريبن جي آخري ڏينهن تي درگاه تي چادر چاڙهڻ بعد صحافين سان ڳالهائي رهي هئي- هن چيو ته حضرت لعٰل شهباز قلندر ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ، شاهه عنايت شهيد ، سچل سرمست ۽ ٻين سنڌ جي صوفي بزرگن جا نظريا صوفي يونيورسٽي آف ريسرچ ۾ نصاب جو اهم حصو هوندا جڏهن ته ڪيل تحقيق جو دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو ويندو.
ڊويزنل ڪمشنر سانوڻي جي امڪاني برساتن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ ضلعي جي مختلف تعلقن جو هنگامي دورو ڪيو
22 جولائی ، 2011
ڊويزنل ڪمشنر سانوڻي جي امڪاني برساتن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ ضلعي جي مختلف تعلقن جو هنگامي دورو ڪيو
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احمد بخش ناريجو سانوڻي جي امڪاني برساتن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ ضلعي جي مختلف تعلقن جو هنگامي دورو ڪندي واسطيدار عملدارن کي تعلقي قاسم آباد، لطيف آباد ۽ سٽي ۾ ايمرجنسي سيل قائم ڪرڻ ۽ شهر جي برساتي نالن توڙي روڊ رستن جي صفائي ۽ سمورين پمپنگ اسٽيشنن کي فعال بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي.ڊويزنل ڪمشنرحيدرآباد احمد بخش ناريجو تعلقي قاسم آباد، سٽي ۽ لطيف آباد جي پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪري انهن جي حالت معلوم ڪئي ۽ سخت هدايت پڻ ڪئي ته پمپنگ اسٽيشن تي اسٽينڊ باءِ جنريٽر جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن امڪاني برساتن دوران لوڊ شيدنگ جي صورت ۾ پاڻي جي نيڪالي ۾ ڪا به رڪاوٽ پيش نه اچي .ڊويزنل ڪمشنر پمپنگ اسٽيشن جي مجموعي حالت تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي پڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو
لال شھباز قلندر رح جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ھر سال قومي سطح تي زرعي صنعتي نمائش منعقد ڪرڻ جي ھدايت
22 جولائی ، 2011
لال شھباز قلندر رح جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ھر سال قومي سطح تي زرعي صنعتي نمائش منعقد ڪرڻ جي ھدايت
ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ناصر عباس سومري حضرت لال شھباز قلندر رح جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ھر سال قومي سطح تي زرعي صنعتي نمائش منعقد ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي ته جيئن تجربي، مھارت ۽ لاڳاپيل شعبي جي ڄاڻ جو تبادلو ٿئي جنھن سان آبادگارن ۽ ھارين کي فائدو پھچائي سگھجي. ھن اھڙو اظھار اڄ سيوھڻ ۾ حضرت لال شھباز قلندر رح جي 759 ھين عرس جي موقعي تي زرعي صنعتي نمائش جو افتتاح ڪرڻ بعد لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ نمائش جي مينيجمينٽ ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالھائيندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو چيو ته زراعت ملڪي معيشت لاءِ ڪرنگھي جي ھڏي جي حيثيت رکي ٿي ۽ اھو شعبو ملڪ جي ٻھراڙين ۾ رھندڙ 80 سيڪڙو افرادي قوت کي روزگار فراھم ڪري ٿو
ثقافت کاتي پاران سيوھڻ ۾ ثقافتي سرگرميون
22 جولائی ، 2011
ثقافت کاتي پاران سيوھڻ ۾ ثقافتي سرگرميون
ثقافت کاتي جي صوبائِي سيڪريٽري حضرت لال شھباز قلندر رح جي عرس جي موقعي تي مختلف ثقافتي پروگرام منعقد ڪيا آھن جنھن جي ذريعي سنڌي ثقافت جي مختلف رنگن کي اجاڳر ڪيو پيو وڃي ۽ ان ڏس 22 جولاءِ تي قومي ادبي ڪانفرنس شهباز آڊيتوريم سيوهڻ ۾ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙچ مان ناميارا اديب ليکڪ ۽ دانشور شرڪت ڪندا جنهن بعد محفل موسيقي منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندي – ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر محمد ايوب جمالي موجب صوبائي وزير سسئي پليجو ثقافت کاتي کي حضرت لعٰل شهبازقلندر ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙن بزرگن جي عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جي مختلف رنگن ۽ پهلوئن جي بهتر طريقي سان عڪاسي ڪرڻ لاءِ خاص هدايتون جاري ڪيون آهن
پوليس طئه ٿيل پلان موجب حضرت لعل شهباز قلندر جي 759 هين سالياني عرس مبارڪ دوران جٽادار حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائي: ڊي سي
22 جولائی ، 2011
پوليس طئه ٿيل پلان موجب حضرت لعل شهباز قلندر جي 759 هين سالياني عرس مبارڪ دوران جٽادار حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائي: ڊي سي
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احمد بخش ناريجو ضلعي انتظاميه ڄامشورو ۽ سنڌ پوليس جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته طئه ٿيل پلان موجب حضرت لعل شهباز قلندر جي 759 هين سالياني عرس مبارڪ دوران جٽادار حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائين. اهڙي هدايت هن اڄ سيوهڻ شريف ۾ عرس مبارڪ جي انتظامن بابت لاڳاپيل عملدارن سان منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني. هن چيو ته ميلي دوران امن امان واري صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ ٽريفڪ جي بنا رنڊڪ روانگي کي يقيني بنائڻ لاءِ 200 پوليس اهلڪارن کان علاوه 3500 پوليس اهلڪارن کي پڻ مقرر ڪيو ويوآهي. هن چيو ته ميلي دوران شرپسند عنصرن تي ڪڙي نظر رکڻ لاءِ مختلف هنڌن تي 56 ڪلوزسرڪٽ ڪيمرائون نصب ڪرڻ کان علاوه انٽليجنس نيٽ ورڪ کي به وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويو آهي ته جيئن ڏوهاري پيشه ماڻهن کي ڪنهن به ڏوهه ڪرڻ کان اڳ گرفتار ڪري سگهجي
هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي بجيٽ گهٽائي ڇڏي
18 جولائی ، 2012
هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي بجيٽ گهٽائي ڇڏي
هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي بجيٽ گهٽائي ڇڏي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مالي مشڪلاتن ۾ ڦاسڻ جو خدشو، خبر موجب هائير ايجوڪيشن ڪيمشن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي هلندڙ مالي سال جي بجيٽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهٽائي ڇڏي آهي، جنهن سان مادرعلمي سخت مالي گهوٽالي جو شڪار ٿي ويندي، ان حوالي سان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي اختيارين کي هڪ کليل خط موڪليو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته هلندڙ مالي سال 2012-2011 لاءِ مادرعلمي لاءِ 608.55 ملين روپيه مختص ڪيا ويا آهن، جيڪي گذريل سال جي بجيٽ 695.508 جي ڀيٽ ۾ 86.958 ملين روپيه گهٽ آهن، اهڙي ريت يونيورسٽي سان سلهاڙيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي بجيٽ هلندڙ مالي سال لاءِ 51.430 ملين روپيه مختص ڪيا ويا آهن
ڪمشنري نظام سنڌ جي ساڍا پنج ڪروڙ ماڻهن جو مطالبو هو : سسئي پليجو
20 جولائی ، 2011
ڪمشنري نظام سنڌ جي ساڍا پنج ڪروڙ ماڻهن جو مطالبو هو : سسئي پليجو
ڪمشنري نظام سنڌ جي ساڍا پنج ڪروڙ ماڻهن جو مطالبو هو ۽ جيڪو ٻين صوبن ۾ رائج آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن جو حق به هو جيڪو هن جمهوري حڪومت پورو ڪيو آهي . ان ڏس ۾ ڪنهن کي به ڪورٽ وڃڻو آهي ته اهو شوق به پورو ڪن . اهڙو اظهار ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو اڄ سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ کاتي جي عملدارن سان گڏجاڻي کانپوءِ مختلف اسڪيمن جي جائزي دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن ڪافي ڀوڳيو آهي ۽ هاڻ اسانجو فرض ٿئي ٿو ته ٻوڏ جي تباهڪارين سميت مختلف مسئلن جي حل لاءِ عوام جي وڌ کان وڌ خدمت ڪريون . هن چيو ته هڪڙا ماڻهو صرف اقتدار جي سياست ڪندا آهن ۽ اپوزيشن جي سياست سکي ناهي انهن کي گهرجي ته پيپلزپارٽِي کان سياست سکن ۽ هن وڌيڪ چيو ته اڪثريتي پارٽِي هجڻ جي حيثيت سان کين قانونسازي ڪرڻ جو پورو جمهوري حق حاصل آهي
مڪاني ادارن جو 2001 وارو قانون غير آئيني ۽ آمرن جو آندل هوجن من پسند سياسي اڳواڻن کي سياسي رشوت ڏيڻ لاءِ هن نظام کي متعارف ڪرايو.، آغا سراج دراني
18 جولائی ، 2012
مڪاني ادارن جو 2001 وارو قانون غير آئيني ۽ آمرن جو آندل هوجن من پسند سياسي اڳواڻن کي سياسي رشوت ڏيڻ لاءِ هن نظام کي متعارف ڪرايو.، آغا سراج دراني
مڪاني ادارن واري صوبائي وزير آغا سراج دراني چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام جا هيٺين سطح تائين مسئلا حل ڪرڻ ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ نومبر 2011 تائين بلدياتي چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي ۽ سندس اها ذاتي خواهش آهي ته سندس ئي وزارت جي مدي دوران بلدياتي چونڊون ڪرايون وڃن . هن اهڙو اظهار اڄ شام ڪينٽونمينٽ پارڪ حيدرآباد ۾ ماهيگيري واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي عذرخواهي ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو . صوبائي وزير آغا سراج دراني وڌيڪ چيو ته مڪاني ادارن جو 2001 وارو قانون غير آئيني ۽ آمرن جو آندل هوجن من پسند سياسي اڳواڻن کي سياسي رشوت ڏيڻ لاءِ هن نظام کي متعارف ڪرايو. هن چيو هن نظام تحت صوبائي حڪومتن جي ڪمن ۾ وڏي مداخلت ٿيندي هئي جنهن جو ڪنٽرول وفاق وٽ هوندو هو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ناظمن کي سياسي رشوت طور وڏي پيماني تي فنڊز جاري ڪيا