حيدر آباد
عبدالعزيز عقيلي گذريل ڏينهن ريجنل ڊائريڪٽوريٽ اطلاعات حيدرآباد جوتفصيلي دورو ڪيو
5 دسمبر ، 2010
عبدالعزيز عقيلي گذريل ڏينهن ريجنل ڊائريڪٽوريٽ اطلاعات حيدرآباد جوتفصيلي دورو ڪيو
حيدرآباد :طلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالعزيز عقيلي گذريل ڏينهن ريجنل ڊائريڪٽوريٽ اطلاعات حيدرآباد جوتفصيلي دورو ڪيو جتي هن ڊائريڪٽوريٽ جي مختلف شعبن جو معائني ڪري عملدارن جي ڪارڪردگي جو پڻ جائزو ورتو – بعد ۾ اطلاعات کاتي حيدرآباد جي عملدارن سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي هن کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي حڪومتي ترقياتي رٿائن ،منصوبن ۽ ڪارڪردگي بابت عوام کي بروقت آگاه ڪن ته جئين عام ماڻهن کي حڪومتي رٿائن ۽ پاليسين بابت ڄاڻ ملي سگهي- هن چيو ته اطلاعات کاتو حڪومت ۽ عام ماڻهن ۾ رابطي جو اهم ذريعو آهي – هن عملدارن تي زور ڀريو ته اهي پريس سان سٺا لاڳاپا قائم ڪن ۽ هر وقت ساڻن ويجهي رابطي ۾ رهن – ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد امداد علي ڪيريو، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات سنڌ عبدالعزيز عقيلي کي ريجن جي ڪم بابت تفصيلي آگاهي ڏني، ان موقعي تي ريجن جا عملدار ڊپٽي ڊائريڪٽر زاهد مصطفيٰ ميمڻ، اطلاعات آفيسر ظفر علي منگي ، اطلاعات آفيسر دادو فدا حسين بالادي، اطلاعات آفيسر بينظير آباد عبدالطيف واٽيو ، اطلاعات آفيسر ٽنڊو محمد خان محمد صابر ڪاڪا، اطلاعات آفيسر ڪلثوم کوسو، اطلاعات آفيسر نائلا شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا
محرم الحرام دوران ماتمي جلوسن کي گهٽ نه ڪيو ويندو
22 مارچ ، 2013
محرم الحرام دوران ماتمي جلوسن کي گهٽ نه ڪيو ويندو
حيدرآباد : صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي چيو آهي ته محرم الحرام دوران ماتمي جلوسن کي گهٽ نه ڪيو ويندو ۽ هميشه وانگر هن ڀيري به ضلع ۾ ماتمي جلوس ۽ مجلسون منعقد ڪيون وينديون جڏهن ته حڪومت پاران دهشتگردي جي واقعن جي خطري کي نظر ۾ رکندي عوام جي جان ۽ مال جي تحفط کي يقيني بنائڻ لاءِ هر ممڪن اپاءُ اختيار ڪيا پيا وڃن هو اڄ شهباز هال حيدرآباد ۾ منعقد امن ڪميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو هو – صوبائي وزير گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ پ آمرن وانگر فوج جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار ۾ نه آئي پر اها عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ آئي آهي ۽ حڪومت عوام کي سندن مذهب ۽ عقيدن مطابق زندگي گذارڻ جي آزادي کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي – هنن چيو ته حيدرآباد ڪافي وقت کان پر امن رهيو آهي – هن مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ عالمن تي زور ڀريو ته اهي امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪري ڀائيچاري واري ماحول کي هٿي وٺرائين ته جئين اسلام دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ڌوڙ ۾ ملائي سگهجي –هن لاڳاپيل عملدارن کي…
پوسٽ آفيس جي ملازمن ثقافتي ڌينھن تي ريلي ڪڍي
5 دسمبر ، 2010
پوسٽ آفيس جي ملازمن ثقافتي ڌينھن تي ريلي ڪڍي
حيدرآباد : سنڌ جي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان جنرل پوسٽ آفيس حيدرآباد جي پوسٽ ماسٽر ماجد برفت ۽ ٻين عملدارن ۽ عملي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي پائي پريس ڪلب کان حيدرآباد تائين ريلي ڪڍي – ريلي کي خطاب ڪندي ماجد برفت چيو ته هر قوم پنهنجي ثقافت وسيلي سڃاتي وڃي ٿي ۽ زنده قومون پنهنجي ثقافت کي جيئرو رکڻ لاءِ ان قسم جا ڏهاڙا ملهائينديو آهن – هن چيو ته هو اڄ هن ڏينهن ملهائڻ تي سنڌ جي نوجوانن ۽ سموري عوام کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو جيڪي ان ثقافتي ڏهاڙي کي وڏي پرجوش طريقي سان ملهائي رهيا آهن
سنڌ جي وستين واھڻن ۾ ثقافتي ڏينھن ملھايو ويو
22 مارچ ، 2013
سنڌ جي وستين واھڻن ۾ ثقافتي ڏينھن ملھايو ويو
حيدرآباد (نمائندن وٽان) عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي سڏ تي سنڌ ميڊيا ڪلچرل فورم جي سڏ تي 4 ڊسمبر تي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ پوري سنڌ ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو، پورو ملڪ سنڌ جي ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويو، سنڌ جي شهرن، ڳوٺن، واهڻ وستين، گهٽي گهٽي ۾ هزارين ماڻهن جون ريليون، هر سال سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان. ڪراچي مان اسان جي نمائندن ضياءُ قريشي، جي ايم خاصخيلي ۽ راهب ڳاهو موجب 4 ڊسمبر سنڌ جي ثقافت ڏهاڙي تي ڪراچي ۾ لکين سنڌ واسي اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، روڊن، گهٽين ۽ رستن کي جرڪائي ڇڏيو، پيپلزپارٽي طرفان صوبائي صلاحڪار شرميلا فاروقي، صوبائي صلاحڪار راشد رباني، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا، صوبائي وزير رفيق انجنيئر ۽ پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر نجمي عالم جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا پريس ڪلب تي پهچڻ تي وڏي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي، ثقافت طرفان صوبائي وزير سسئي پليجو، ڊي جي ڪلچر ڊاڪٽر سڪندر پنهور ۽ ڊائريڪٽر محمد علي مانجهي جي اڳواڻي ۾ مزار قائد کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، اتان ريلي سي ويو تي پهتي، جتي ثقافت مليو ۽ ڪلچرل شو منعقد ڪيو ويو،…
تعليم ۽ خواندگي کاتي حيدرآباد پاران پڻ ان ڏينهن جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن
22 مارچ ، 2013
تعليم ۽ خواندگي کاتي حيدرآباد پاران پڻ ان ڏينهن جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن
حيدرآباد: سنڌ حڪومت پاران سڀاڻي 4 ڊسمبر 2010 تي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي اعلان کانپوءِ تعليم ۽ خواندگي کاتي حيدرآباد پاران پڻ ان ڏينهن جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن _ اڄ هتي تعليم کاتي پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سڄو ڏينهن مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن جي شروعات صبح جو 9 وڳي کان عملدارن، استادن ۽ شاگردن جي تقريرن واري تقريب کان ڪئي ويندي جنهن بعد ساڍين 10 وڳي اي ڊي او ايجوڪيشن حيدرآباد نياز احمد لغاري، ڊي او خواندگي غلام مصطفيٰ ساند، ڊي او اسپورٽس الياس ڀٽي، ڊي او سيڪنڊري / هائير سيڪنڊري فريد احمد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ نيول راءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد کان پريس ڪلب تائين ثقافتي ريلي ڪڍي ويندي جڏهن ته پريس ڪلب پهچڻ بعد صبح جو 11 وڳي ريلي جا اڳواڻ سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جي عنوان تي روشني وجهندا جڏهن ته ڏينهن جي پڄاڻي تي هڪ ميڊيا بريفنگ پڻ منعقد ڪئي ويندي