حيدر آباد

تعليمي بورڊ پاران 32 ڄڻن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو

تعليمي بورڊ پاران 32 ڄڻن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو

حيدرآباد: تعليمي بورڊ حيدرآباد جي امتحانن واري ڪنٽرولر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي هلندڙ سالياني امتحان 2011 دوران ڪاپي جي روڪٿام ۽ امتحان کي شفاف بڻائڻ سميت معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعليمي بورڊ حِيدرآباد پاران ويجيلينس ٽيمون جوڙيون ويون آهن جن اڄ هلندڙ امتحان دوران مختلف امتحاني مرڪزن تي اوچتاڇاپا هڻي ڪاپي ڪندڙ 32 ڪيس جڏهن ته اصل اميدوار بدران ٻئي اميدوار پاران امتحان ڏيندڙ 3 ڪيس پڻ پڪڙيا آهن
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سئنڊيڪيٽ جو اجلاس ٿي گذريو

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سئنڊيڪيٽ جو اجلاس ٿي گذريو

ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سئنڊيڪيٽ جو اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ يونيورسٽي، ملازمن۽ اداري جي مسئلن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس ۾ ايم پي اي پير امجد حسين شاهه جيلاني. عابد يوسف بچاڻي، ڊاڪٽر آر بي ميربحر، ڊاڪٽر ڪي بي ميربحر، سريش ڪمار واڌواڻي، نعمت الله لغاري ۽ ٻيا ميمبر شريڪ ٿيا
خانگي تعليمي ادارا پهرين جون 2011 کان گرمين جي موڪل ڪن: شاهده پروين ابڙو

خانگي تعليمي ادارا پهرين جون 2011 کان گرمين جي موڪل ڪن: شاهده پروين ابڙو

حيدرآباد: ڊپٽي ڊائريڪٽر آف ريجنل ڊائريڪٽوريٽ ( انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن) پرائيويٽ ايجوڪيشن انسٽيٽيوشن حيدرآباد شاهده پروين ابڙو حيدرآباد جي سمورن خانگي تعليمي ادارن جي انتظاميه کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته اهي سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق تعليمي سال 2012_2011 جي گرمي جون موڪلون پهرين جون 2011 کان 31 جولاءِ 2011 تائين ڪرڻ کي يقيني بڻائين جڏهن ته سمورا خانگي تعليمي ادارا پهرين آگسٽ 2011 تي ٻيهر پنهنجا اسڪول کولين
وفاقي سطح تي صنعتي پاليسي ٺاهڻ لاءِ سياستدان ۽ بيوروڪريٽ سان گڏ سمورين ڌرين کي شامل ڪيو وڃي : وزير رئوف صديقي

وفاقي سطح تي صنعتي پاليسي ٺاهڻ لاءِ سياستدان ۽ بيوروڪريٽ سان گڏ سمورين ڌرين کي شامل ڪيو وڃي : وزير رئوف صديقي

حيدرآباد : صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير رئوف صديقي چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ طرفان صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي ايندڙ مالي سال 2012_2011 جي بجيٽ ۾ وڌ کان وڌ ترقياتي ڪمن لاءِ رقم مختص ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون ويون آهن ته جيئن صوبي ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪرائي هيٺين سطح تي روزگار ۽ خوشحالي جا موقعا پيدا ڪري سگهجن _ هن اهو به چيو ته سندس طرفان اها به تجويز پيش ڪئي وئي آهي ته وفاقي سطح تي صنعتي پاليسي ٺاهڻ لاءِ سياستدان ۽ بيوروڪريٽ سان گڏ سمورين ڌرين کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن هڪ شفاف ۽ ڪاميابي صنعتي پاليسي جوڙِي سگهجي . هن اهڙو اظهار اڄ حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ واقع ايڪسپو سينٽر ۾ ٽن ڏينهن جي صنعتي نمائش جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو _ صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته وفاقي توڙِي صوبائي سطح تي ترقياتي ڪمن لاءِ بجيٽ مختص ڪرڻ سان ترقياتي ڪم شروع ٿيندا ۽ هيٺين سطح تي عوام ۾ خوشحالي ايندي. هن وڌيڪ چيو ته صنعتي پاليسي تي مڪمل درآمد لاءِ سمورين ڌرين کي پابند بڻايو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي جو وڏو بحران جنم وٺي ويو آهي جنهن جي…
سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني ۾ ۾شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چئمپين شپ شروع ٿي وئي

سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني ۾ ۾شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چئمپين شپ شروع ٿي وئي

ٽنڊو ڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني ۾شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چئمپين شپ شروع ٿي وئي، 50-کان وڌيڪ ٽيمون شريڪ، چئمپين شپ 10-ڏينهن جاري رهندي، رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني جي شاهه لطيف گرائونڊ تي شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چيئمپين شپ شروع ٿي وئي آهي
ضلعي ۾ 9 مئي کان 11 مئي 2011 تائين ٽن ڏينهن واري هلندڙ پوليو خلاف مهم جي سئو سيڪڙو ڪوريج لاءِ سمورا اپاءُ ورتا وڃن: کتري

ضلعي ۾ 9 مئي کان 11 مئي 2011 تائين ٽن ڏينهن واري هلندڙ پوليو خلاف مهم جي سئو سيڪڙو ڪوريج لاءِ سمورا اپاءُ ورتا وڃن: کتري

حيدرآباد : ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ضلعي ۾ 9 مئي کان 11 مئي 2011 تائين ٽن ڏينهن واري هلندڙ پوليو خلاف مهم جي سئو سيڪڙو ڪوريج لاءِ سمورا اپاءُ ورتا وڃن ڇاڪاڻ ته اها بيماري ٻارڙن کي معذور بڻائي ڇڏي ٿي تنهنڪري قوم جي نئين نسل جي مستقبل سان ڪنهن کي به کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ڪوتاهي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي .
ڪنهن به علائقي ۾ ڪو به مسئلو هجي ته عملدار تعلقي قاسم آباد ۾ سندس نگراني ۾ قائم ڪيل”گهرشماري واري سيل“ سان لهه وچڙ ۾ اچن: زاهد علي ڀرڳڙي

ڪنهن به علائقي ۾ ڪو به مسئلو هجي ته عملدار تعلقي قاسم آباد ۾ سندس نگراني ۾ قائم ڪيل”گهرشماري واري سيل“ سان لهه وچڙ ۾ اچن: زاهد علي ڀرڳڙي

حيدرآباد: صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي حيدرآباد جو صدرپڻ آهي گهرشماري واري عملي کي هدايت ڪئي آهي ته کين ڪنهن به علائقي  ۾ ڪو به مسئلو هجي ته هو تعلقي قاسم آباد ۾ سندس نگراني ۾ قائم ڪيل”گهرشماري  واري سيل“  سان لهه وچڙ ۾ اچن _ اهڙِي هدايت  هن اڄ  گهرشماري جي حوالي سان ڊي ڊي او روينيو قاسم آباد ۽ گهرشماري واري عملي سان  منعقد ڪيل هڪ  اهم گڏجاڻي ۽ سيد سليم شاهه بخاري، روشن سولنگي، اقبال سومرو، اختر ڀرڳڙي، رياض سولنگي ، عامرقادري ، راجا قادري ۽ پ پ  پي ايس _47 جي سمورين يونين ڪائونسلن جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽري سان گڏجي  پي ايس 47 جي يونين ڪائونسل  2 جي تفصيلي دوري دوران ڪئي _ صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي چيو ته گهرشماري اسان جو قومي فرض آهي ۽ جيڪڏهن  گهرشماري واري ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ڪئي وئي ته  سنڌ ڌرتي اسان کي   ڪڏهن به معاف نه ڪندي _ هن،  يوسي نمبر هڪ قاسم آباد  ۾ قائم ڪيل ماما رند جي آفيس جو پڻ دورو  ڪيو ۽ ماسترن کان تفصيلي ڄاڻ ورتي ۽ کين مارڪر،پينون ۽ رنگ جا دٻا  ڏنا _ ان موقعي تي هن يونين ڪائونسل نمبر…
سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا مهم 2012-2011 لاءِ حيدرآباد جي تعليمي عملدارن، سپروائيزرن، ۽ سينيئر استادن گورنمينٽ نيول راءِ هيرانند هاءِ اسڪول سوسائٽي کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين هڪ ريلي جو اهتمام ڪيو

سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا مهم 2012-2011 لاءِ حيدرآباد جي تعليمي عملدارن، سپروائيزرن، ۽ سينيئر استادن گورنمينٽ نيول راءِ هيرانند هاءِ اسڪول سوسائٽي کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين هڪ ريلي جو اهتمام ڪيو

حيدرآباد: سنڌ جي تعليم کاتي جي انتظاميه  جي خصوصي هدايتن تحت  حيدرآباد ضلعي جي سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا  مهم  2012-2011 لاءِ ايگزيڪيوٽو  ڊسٽرڪٽ آفيسر ايجوڪيشن حيدرآباد نياز احمد لغاري جي اڳواڻي ۾  حيدرآباد  جي تعليمي عملدارن، سپروائيزرن،  ۽ سينيئر استادن گورنمينٽ نيول راءِ  هيرانند هاءِ اسڪول سوسائٽي کان پريس ڪلب حيدرآباد  تائين هڪ   ريلي جو اهتمام ڪيو ويو _ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينرز  ۽ پلي ڪارڊز کنيل هئا جن تي تعليم جي اهميت بابت نعرا لکيل هئا _ ريلي کي خطاب  ڪندي  اي ڊي او  ايجوڪيشن  حيدرآباد نياز احمد لغاري چيو ته ان مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا ۽  اهو هڪ جهاد آهي جيڪڏهن اسان ايمانداري سان  ان مهم کي   ڪامياب  بڻايون ته سرڪاري اسڪولن تي عوام جو اعتماد بحال ٿيڻ سميت  تعليم جي معيار کي  بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي _ هن  ماڻهن تي زور ڀريو ته  اهي پنهنجي ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل  ڪرائي  پنهنجي گهريلو بجيٽ  ۾ گهٽتائي آڻي سگهن ٿا جڏهن ته سرڪاري اسڪولن ۾ اعليٰ تربيت  يافته استاد شآگردن کي بهتر طريقي سان تعليم  فراهم ڪري رهياآهن _ هن چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا ۽ ڪتاب مفت ڏنا پيا وڃن جڏهن ته شآگردياڻين ۾وظيفن سميت…
پاڪستان ائيرفورس ۾ ايجوڪيشن انسٽرڪٽر ۽ ريليجيس ٽيچر( جونيئرڪميشنڊ آفيسر) طور ڀرتي لاءِ رجسٽريشن 15 اپريل 2011 تائين جاري رهندي

پاڪستان ائيرفورس ۾ ايجوڪيشن انسٽرڪٽر ۽ ريليجيس ٽيچر( جونيئرڪميشنڊ آفيسر) طور ڀرتي لاءِ رجسٽريشن 15 اپريل 2011 تائين جاري رهندي

حيدرآباد : پاڪستان ائيرفورس انفارميشن اينڊ سليڪشن  سينٽر حيدرآباد  جي  پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ائيرفورس ۾ ايجوڪيشن انسٽرڪٽر ۽ ريليجيس ٽيچر( جونيئرڪميشنڊ آفيسر) طور ڀرتي لاءِ رجسٽريشن  15 اپريل 2011 تائين جاري رهندي _ ان سلسلي ۾  بي اي / بي ايس سي/ ايم اي / ايم ايس سي/ ميٽرڪ پاس  سميت درس نظامي جي فارغ فاضل  سند/ شهادت العالميه جي  تعليم  رکندڙ مرد  اميداور رجسٽريشن  لاءِ اهل آهن جڏهن ته وڌيڪ معلومات پي اي ايف انفارميشن ايند سليڪشن سينٽر حِيدرآباد جي فون نمبر 0229200936 تي صبح جو 8 وڳي کان منجهند جو 2 وڳي تائين حاصل ڪري سگهجي ٿي
ڊاڪٽر بلوچ اهو اڪابر آهي جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي سنڌ جي تاريخ ، لسانيت ۽ لغت تي جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو اسان سمورن لاءِ املهه خزانو آهي: سرفراز راڄڙ

ڊاڪٽر بلوچ اهو اڪابر آهي جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي سنڌ جي تاريخ ، لسانيت ۽ لغت تي جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو اسان سمورن لاءِ املهه خزانو آهي: سرفراز راڄڙ

حيدرآباد: سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار سرفراز راڄڙ جيڪو پ پ پ ڪلچر ونگ سنڌ جو صدر پڻ آهي تنهن چيو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ ڊاڪٽر بلوچ اهو اڪابر آهي جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي سنڌ جي تاريخ ، لسانيت ۽ لغت تي جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو اسان سمورن لاءِ املهه خزانو آهي جنهن کي سهيئڙڻ جي سخت ضرورت آهي _ اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌي لينگويج اٿارٽِي جي ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾ منعقد ڪيل تعزيتي ميڙاڪي کي پنهنجو صدارتي خطاب ڪندي ڪيو . هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جو سچو عاشق هيو جنهن تحقيق کي نواڻ ڏني ۽ شاهه سائين جي شاعري تي تمام گهڻو ڪم ڪيو جنهن ڪري سنڌ توڙي سنڌ جا ماڻهو ڊاڪٽر بلوچ جهڙي اڪابر تي فخر محسوس ڪن ٿا. هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي سونهن هو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار پنهنجي ماڻهن جي اوني ۾ گذاري ڇڏي . هن چيو ته پ پ پ پنهنجي اهڙن اڪابرن جو قدر ڪري ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪافي اهم…
Back to top button