حيدر آباد
پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن 21 جون تي شاندار نموني سان ملهائڻ جو فيصلو
8 جون ، 2011
پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن 21 جون تي شاندار نموني سان ملهائڻ جو فيصلو
يپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن 21 جون 2011ع تي انتهائي منظم ۽ شاندار نموني سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ان موقعي تي پنهنجي رت جو عطيو پڻ ڏيندا، جنهن لاءِ هر ضلعي ۾ طبي ڪيمپون لڳائڻ لاءِ ڪاميٽيون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه بين الصوبائي رابطن واري صوبائي وزير ۽ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر مخدوم جميل الزمان جي صدارت ۾ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي سرڪٽ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ٻڌائي وئي، اجلاس کان پوءِ پيپلز پارٽي سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج حيدر ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن ۽ سندس جدوجهد بابت هڪ سيمينار جون جي آخر ۾ حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويندو
وڻڪاري انسانن جي لاءِ صحتمند زندگي جي ضمانت آهي: ماحولياتي ماهرن
7 جون ، 2011
وڻڪاري انسانن جي لاءِ صحتمند زندگي جي ضمانت آهي: ماحولياتي ماهرن
ماحولياتي ماهرن ٻيلن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته وڻڪاري انسانن جي لاءِ صحتمند زندگي جي ضمانت آهي تنهنڪري ٻيلن ۽ ماحول جي تحفظ بابت قانونن تي سختي سان عملي ڪندي پنهنجي معاشري ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي بچائي سگهجي ٿو . هنن اهڙو اظهار اڄ سنڌ عجائب گهر حيدرآباد جي ممتاز مرزا هال ۾ ماحول جي تحفظ واري اداري طرفان ماحولياتي تحفظ جي عالمي ڏهاري جي موقعي تي ڪوٺايل هڪ ڏينهن واري سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو .سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي پروفيسر ۽ ناليواري سائنسدان ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ چيو ته آبادي وڌڻ جي ڪري ماحولياتي گدلاڻ ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ماڻهن طرفان صفائي سٿرائي تي ڌيان نه ڏيڻ ، تعليم جو فقدان ، مناسب قانونسازي نه هجڻ ۽ اقتصادي حالتون بهتر نه هجڻ جا ماحول تي هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن جنهن سبب ماحولياتي گدلاڻ معاشري جو ناسور بڻجي پيو آهي .هن وڌيڪ چيو ته ماحول کي صاف سٿرو رکڻ هر شخص جي انفرادي ذميواري آهي تنهن باوجود به حڪومتي سطح تي ماڻهن جي مڪمل رهنمائي ۽ نگراني ڪرڻ گهرجي
پاڪستان ايئر فورس ۾ ڀرتي جاري
7 جون ، 2011
پاڪستان ايئر فورس ۾ ڀرتي جاري
پاڪستان ائيرفورس حيدرآباد پڌرو ڪيو آهي ته پاڪستان ائير فورس جي انجنيئرنگ برانچن (ميڪينڪل ، ميڪاٽرونڪس، ايرواسپيس، سافٽ ويئر، اليڪٽرونڪس، ايوي آنڪس، ٽيلي ڪام، ڪميونيڪيشن، ڪميونيڪيشن سسٽم ، ڪمپيوٽرسسٽم،ڪمپيوٽرانجنيئرنگ، ٽيڪسٽائل ) ايجوڪيشن (سائيڪالاجي، لائبريري سائنس ، ڪامرس) ، ميڊيڪل اسپيشلسٽ (انيسٿيا، ريڊيولاجسٽ) آءِ ٽي ، لاجسٽڪس، اڪائونٽس ۽ ليگل ۾ بطورڪميشنڊ آفيسر ڀرتي لاءِ رجسٽريشن 7 جون کان 14 جون 2011 تائين جاري رهندي .پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته عورتون صرف اسپيشلسٽ آءِ ٽي ، لاجسٽڪس ۽ اڪائونٽس ۾ اپلاءِ ڪري سگهن ٿيون
فيض احمد فيض جي شاعري جي مڪمل سير يز سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻ لاءِ بجيٽ ۾ رقم مختص ڪئي: سسئي پليجو
22 مارچ ، 2013
فيض احمد فيض جي شاعري جي مڪمل سير يز سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻ لاءِ بجيٽ ۾ رقم مختص ڪئي: سسئي پليجو
سنڌ جي ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سسئي پليجو چيو آهي ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جي خاص هدايتن تحت ناليواري شاعر فيض احمد فيض جي شاعري جي مڪمل سير يز سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻ لاءِ مالي سال 2012_2011 جي بجيٽ ۾ رقم مختص ڪئي وئي آهي جڏهن ته سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان سال 2011 جي آخر تائين ملڪ جي شاعرن ۽ اديبن کي فيض ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا .هن اهڙو اظهار گذريل رات دير سان سنڌي ادبي سنگت ۽ ثقافت کاتي پاران سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ فيض احمد فيض جي 100 هين سالگره جي جشن جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو .تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته فيض احمد فيض پنهنجي شاعري ۾ بنا ڪنهن متڀيد جي ڀائيچاري، انسان دوست هجڻ جو درس ڏنو ۽ هو هڪ عالمي سطح جو شاعر هو . هن چيو ته فيض عالم اسلام جي پرچار پڻ ڪئي ۽ جمهوري سوچ رکندڙ هو جنهن سدائين ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪيو . اردو زبان جي اديب ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جي اڳواڻ راحت سعيد چيو ته فيض اسان نه پر سنڌي اديب سنگت جو شاعر آهي ،…
ماحولياتي جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان 6 جون 2011 تي سنڌ عجائب گهر حيدرآباد جي ممتاز مرزا هال ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويندو
3 جون ، 2011
ماحولياتي جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان 6 جون 2011 تي سنڌ عجائب گهر حيدرآباد جي ممتاز مرزا هال ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويندو
حيدرآباد: ماحولياتي جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ماحولياتي تحفظ واري اداري پاران 6 جون 2011 تي صبح جو نوين وڳي سنڌ عجائب گهر حيدرآباد جي ممتاز مرزا هال ۾ سيمينار منعقد ڪيو پيو وڃي . ان موقعي تي سنڌ جي ٻهراڙي جي ترقي وارو وزير زبير احمد خان سيمينار ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو جڏهن ته سيمينار ۾ ماهر ماحوليات پنهنجا ويچار ونڊيندا ۽ سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن کي ماحولياتي مسئلن ۽ انهن جي حل بابت آگاهي ڏيندا
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نالا پڌرا ڪري ڇڏيا
22 مارچ ، 2013
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نالا پڌرا ڪري ڇڏيا
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد پاران سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار پوليٽيڪل سائنس ( مرد ۽ خاتون) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ مئي 2011 ۾ ورتل اهل اميدوارن کان انٽرويو ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نالا پڌرا ڪيا ويا آهن . تفصيل موجب ليڪچرارپوليٽيڪل سائنس ( مرد) جي آسامين لاءِ غلام علي منگي، محمد احد يار خان يوسف زئي، زاهد علي ڀٽي، عبدالرشيد ڪمبوهه ، عرفان عامر کوکر، شاهد حسين عباسي، محمد احمد مسعودعباسي، سيف الله شاهه، ڪيول گوماڻي مينگهواڙ، زوهيب حسين شاهه، عباس علي گبول، عبدالغفار ملاح، نياز محمد قريشي، ذوالفقار علي پنهور، راجا عرفان علي مڱڻهار، ياورحسين راڌڻ، وارث رضا ۽ جميل احمد راجپوت کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي
الطاف حسين مظلوم ماڻهن جي مسئلن تي سياست ڪرڻ پاران ان مسئلن جي حل جي لاءِ عملي قدم کنيا: سيد محمد علي شاھ
2 جون ، 2011
الطاف حسين مظلوم ماڻهن جي مسئلن تي سياست ڪرڻ پاران ان مسئلن جي حل جي لاءِ عملي قدم کنيا: سيد محمد علي شاھ
ملڪ کي آئيل سڀني مسئلن جو حل قائد تحريڪ الطاف حسين جي انقلابي وزن ۾ لڪل آهي. ان خيالن جو اظهار زونل انچارج ايم ڪيو ايم ٽنڊوالهيارسيد محمد علي شاھ مختلف يونٽن جي ذميدارن جي اجلاس سان خطاب ڪندي چيو ان موقعي تي ان سان گڏ جوائنٽ زونل انچارج شاهد عالم قائم خاني ۽ ميمبر زونل ڪميٽي ثاقب احمد خانزادھ به موجود هو. انهن وڌيڪ چيو ته قائد تحريڪ الطاف حسين مظلوم ماڻهن جي مسئلن تي سياست ڪرڻ پاران ان مسئلن جي حل جي لاءِ عملي قدم کنيا. گذريل ٽهٺ سالن جي عرصي ۾ فٽ بال جي طرح حڪمرانن جي ٿوڏا کائيندڙ ماڻهن ان ڳاله کي سمجهي ويا آهن ته ايم ڪيو ايم جوپليٽ فارم ئي ملڪ جي اٺهانوي سيڪڙو ماڻهن جا جائز سڀ مسئلن ۽ حقن جي حصول کي حل ڪري سگهجي ٿو.
گرمين جون موڪلون اڄ کان شروع، هزارين شاگردن کي درسي ڪتاب نه ملي نه مليا
2 جون ، 2011
گرمين جون موڪلون اڄ کان شروع، هزارين شاگردن کي درسي ڪتاب نه ملي نه مليا
سنڌ ۾ تعليمي سال شروع ٿيندي 2 مهينا گذري ويا پر صوبي ۾ هزارين شاگردن کي درسي ڪتاب نه ملي نه مليا، جنهن ڪري اهي اڄ کان شروع ٿيل گرمين جي موڪل جا 2 مهينا واندا ويهي گذاريندا، يادرهي ته تعليم کاتي طرفان سنڌ صوبي ۾ هر سال شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مفت درسي ڪتاب فراهم ڪيا وڃن ٿا، اهي ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان ڏنا وڃن ٿا، پر گذريل ٻن سالن کان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ وڏي پئماني تي ڪرپشن ۽ نيب طرفان ڇاپو هڻي ڪروڙن جي گهوٻين ۾ ملوث ڪامورن کي گرفتار ڪرڻ ۽ روايتي سستي سبب درسي ڪتابن جي ڇپائي متاثر ٿي ۽ سنڌ جي اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وقت تي ڪتاب نه ڏنا ويا، ان سلسلي ۾ عوام ميڊيا سان ڳالهائيندي شاگردن ۽ شاگردياڻين شمائلا، ثمرين، زبير، اڪرام ۽ ٻين ٻڌايو ته 2 مهينا گذري چڪا آهن
سماجي ڪارڪن نثار احمد چانڊيو جي اوچتي لاڏاڻي تي اطلاعات کاتي ڌک جو اظھار
1 جون ، 2011
سماجي ڪارڪن نثار احمد چانڊيو جي اوچتي لاڏاڻي تي اطلاعات کاتي ڌک جو اظھار
سنڌ اطلاعات کاتي حيدرآباد جي عملدارن ۽ عملي جي هڪ تعزيتي گڏجاڻي اڄ ريجنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد جناب امداد علي ڪيريو جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ٿي جنهن ۾ سڪرنڊ تعلقي جي نوجوان زميندار ۽ سماجي ڪارڪن نثار احمد چانڊيو جي اوچتي لاڏاڻي تي سندس ڀاءُ نور احمد چانڊيو سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا گهري وئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي _ گڏجاڻي ۾ سڪرنڊ جي برک صحافي غلام قادر چانِڊيو جي والد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي دعا گهري وئي ته رب پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي .
سانوڻ جي برساتن کان اڳ شهر ۾ نيڪال جي نالن جي صفائي سٿرائي واري ڪم کي هنگامي بنيادن تي اڪلايو وڃي: صوبائي وزير
1 جون ، 2011
سانوڻ جي برساتن کان اڳ شهر ۾ نيڪال جي نالن جي صفائي سٿرائي واري ڪم کي هنگامي بنيادن تي اڪلايو وڃي: صوبائي وزير
صوبائي وزير ٻهراڙي جي ترقي زبير احمد خان ترقياتي اداري حيدرآباد سميت تعلقي ايڊمنسٽريٽرن ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ڪئي آهي ته هو سانوڻ جي برساتن کان اڳ شهر ۾ پاڻي جي نيڪال وارين نالين جي صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام اڳواٽ ڪن ته جيئن برسات دوران شهر ۾ پاڻي گڏ نه ٿئي . اهڙي هدايت هن گذريل رات ضلعي ناظم سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ امڪاني برسات ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ جي سلسلي ۾ سڏايل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني. گڏجاڻي ۾ ايم اين اين اي سيد طيب حسين ، ايم اين اي سيد صلاح الدين ضلعي ، ايڊمنسٽريٽر حِيدرآباد آفتاب احمد کتري، ايم پي اي وسيم حسين، ايم پي اي اڪرم عادل ، چئني تعلقن جي ايڊمنسٽريٽرن، ايم ڊي واسا، ترقياتي اداري حيدرآباد جي واسطيدار عملدارن ۽ آبپاشي کاتي جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي