حيدر آباد
سماجي اڳواڻ ويرجي ڪولهي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت
16 جون ، 2011
سماجي اڳواڻ ويرجي ڪولهي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت
جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي (عوامي حق) جو هڪ اجلاس اربع ڏينهن قاسم آباد ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ سماجي اڳواڻ ۽ سنڌ هاري پورهيت ڪائونسل جي جوائنٽ سيڪريٽري ويرجي ڪولهي تي مبينه طور بااثر شخصيتنڏسوصفحو3 نمبر45 جي چوڻ تي ڪوڙ تي ٻڌل قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ان موقعي تي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي (عوامي حق) جي اڳواڻن پنهل ساريو، جبار ڀٽي،مولچند ڪولهي، شوڪت ميمڻ، جاويد سوز هالائي ۽ ٻين چيو ته ننگرپارڪر پوليس ويرجي ڪولهي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري قانون ۽ انصاف جو مذاق اڏايو آهي. هنن چيو ته ويرجي ڪولهي عورتن ۽ اقليتن جي انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي سندس خلاف پروپيگنڊه ڪندڙ وڏيرن ۽ رياستن جا ايجنٽ ٿي سگهن ٿا. هنن چيو ته انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪو شخص قتل نه ٿو ڪري سگهي
طارق عالم ابڙو جي علاج جون 70 سيڪڙو گهرجون سنڌ حڪومت پاران پوريون ڪيون ويون هيون: عقيلي
19 مارچ ، 2013
طارق عالم ابڙو جي علاج جون 70 سيڪڙو گهرجون سنڌ حڪومت پاران پوريون ڪيون ويون هيون: عقيلي
سنڌ جي ثقافت کاتي واري سيڪريٽري جناب عبدالعزيز عقيلي چيو آهي ته سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ طارق عالم ابڙو جو انڊيا ۾ علاج ڪرڻ واسطي 70 سيڪڙو گهرجون سنڌ حڪومت پاران پوريون ڪيون ويون هيون پر بدقسمتي سان وقت کيس زنده رهڻ جو موقعو نه ڏنو .اها ڳالهه هن اڄ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ مرحوم طارق عالم ابڙو جي رهائشگاهه وٽ مرحوم جي خاندان سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ ثقافت کاتي واري صوبائي سيڪريٽري چيو ته مرحوم طارق عالم ابڙو جو ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ لاءِ درخواست ملڻ شرط ئي ثقافت کاتي پاران امدادي (اينڊومينٽ ) فنڊ مان 15 لک روپين جي گرانٽ منظور ڪري 16 اپريل 2011 تي مرحوم جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪري ڇڏي هئي
سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ زرعي گريجوئيٽس جي ڊگري جي مارڪيٽ ۾ گهرج تي ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو
11 جون ، 2011
سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ زرعي گريجوئيٽس جي ڊگري جي مارڪيٽ ۾ گهرج تي ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي تعاون سان زرعي گريجوئيٽس جي ڊگري جي مارڪيٽ ۾ گهرج توڙي ان جي جوڙجڪ بابت هڪ اهم سيمينار ٿيو، جنهن جي صدارت ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ڪئي، جڏهن ته ان بابت آيل ماهر ڊاڪٽر نصير عالم پنهنجو خصوصي مقالو پڙهيو، تقريرون ڪندي ڊاڪٽر شمس الدين تنيو چيو ته زرعي گريجوئيٽس ملڪ جي اهم غذائي ضرورتن توڙي ماحوليات، زراعت ۽ پاڻي جي حوالي سان اهم ڪم سرانجام ڏين ٿا ان ڪري انهن جي مارڪيٽ۾ گهرج ۽ ان جي اهميت کي انڪاري نه ٿيڻ گهرجي ۽ انهن جي لاءِ خانگي توڙي سرڪاري ادارن ۾ مقرري توڙي انهن کي پنهنجن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن
سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ اوورسيز اسڪالرشپ جي تاريخ ۾ واڌارو
11 جون ، 2011
سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ اوورسيز اسڪالرشپ جي تاريخ ۾ واڌارو
ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اسڪالرشپ بابت انچارج پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته اهڙا اميدوار جن اوورسيز اسڪالرشپ جي لاءِ درخواست جمع ڪرائڻ کان رهجي ويا آهن، ان جي سهولت خاطر فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 20-جولائي 2011 تائين واڌارو ڪيو ويو آهي، پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي، ته صرف اهي اميدوار درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا، جن جي آر اي جو امتحان گهربل نمبرن ۾ پاس ڪيو آهي. پريس رليز
ايڊوانسڊ اسٽڊيز جو اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل جي صدارت هيٺ گذريو
11 جون ، 2011
ايڊوانسڊ اسٽڊيز جو اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل جي صدارت هيٺ گذريو
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ايڊوانسڊ اسٽڊيز جو اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل جي صدارت هيٺ گذريو، جنهن ۾ ڊائريڪٽر اڊوانسڊ اسٽڊيز ڊاڪٽر محمد عمر ملاح، ڊاڪٽر اميربخش ڪلهوڙو، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، ڊاڪٽر محمد صفر ميرجت، ڊاڪٽر ڪي بي ميربحر ۽ ٻيان ميمبر شريڪ ٿيا، ان موقعي تي اجلاس ۾ يونيورسٽي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ داخلائن، تدريسي معاملن ۽ اعليٰ تدريسي معاملن تي بحث ۽ فيصلا ڪيا ويا، وائيس چانسلر اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اعليٰ تدريسي سرگرمين تي وڌيڪ زور ڏئي، يونيورسٽي ۾ پي ايڇ، ايم فل ۽ ماسٽرس ڊگرين جي ڪلاسن ۽ تحقيقي ڪم تي عالمي معيار مطابق ماهر پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻين.
جونيئر وڪيل پنهنجي سينيئر وڪيلن جي رهنمائي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا: انور ظھير جمالي
19 مارچ ، 2013
جونيئر وڪيل پنهنجي سينيئر وڪيلن جي رهنمائي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا: انور ظھير جمالي
سپريم ڪورٽ جي جسٽس ، جناب جسٽس انور ظهير جمالي ۽ جناب جسٽس غلام رباني ، وڪيل برادري تي زور ڀريو آهي ته اهي پنهنجي سينيئر وڪيلن جي رهنمائي ۾ سخت محنت ڪن ۽ پنهنجي پيشورانه صلاحيتن کي وڌيڪ اجاگر ڪن ته جيئن بينچ ۽ بار جي سهڪار سان عوام کي ملندڙ تڪڙي ۽ سستي انصاف فراهم ڪرڻ واري عمل کي وڌ کان وڌ تيز ڪري سگهجي. هنن اهڙو اظهار اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن طرفان سپريم ڪورٽ جي جج صاحبن جي هڪ وفد جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو . سنڌ هاءِ ڪورٽ اينڪسي بلڊنگ جي مين آڊيٽوريم ۾ رٿيل تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي جج صاحبان جي وفد ۾ جناب جسٽس انور ظهير جمالي، جناب جسٽس غلام رباني ۽ جناب جسٽس امير هاني مسلم شامل هئا.آجياڻي کي خطاب ڪندي جناب جسٽس انور ظهير چيو ته جونيئر وڪيل پنهنجي سينيئر وڪيلن جي رهنمائي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن فزڪس (مرد) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ ڪامياب اميدوارن جا نالا پڌرا ڪري ڇڏيا
10 جون ، 2011
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن فزڪس (مرد) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ ڪامياب اميدوارن جا نالا پڌرا ڪري ڇڏيا
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي امتحانن واري ايڊيشنل ڪنٽرولر جي پڌرائي موجب سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار فزڪس (مرد) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ مئي 2011 ۾ ورتل اهل اميدوارن کان انٽرويو ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نالا پڌرا ڪيا ويا آهن .
صحت کاتئي سامونڊي طوفان کي منھن ڏيڻ لاءِ ھنگامي سيل قائم ڪري ڇڏيا
19 مارچ ، 2013
صحت کاتئي سامونڊي طوفان کي منھن ڏيڻ لاءِ ھنگامي سيل قائم ڪري ڇڏيا
سنڌ جي صحت کاتي واري وزير ڊاڪٽر صغير احمد جي خاص هدايتن تحت سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن ڪراچي ،ٺٽو ۽ بدين ضلعن ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي صحت کاتي پاران سامونڊي پٽي وارن ضلعن ۾ هنگامي سيل قائم ڪيا ويا آهن جيڪي ڏينهن رات ڪم ڪندا. تفصيل موجب اهي قائم ڪيل هنگامي سيل سنڌ جي صحت کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري (ايڊمن) ڊاڪٽر خالد شيخ جي نگراني ۾ ڪم ڪندا
بدين ضلعي ۾ مڪاني طوفاني حالتن کي نظر ۾ رکندي ضلعي حڪومت فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو
9 جون ، 2011
بدين ضلعي ۾ مڪاني طوفاني حالتن کي نظر ۾ رکندي ضلعي حڪومت فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو
بدين ضلعي ۾ امڪاني طوفاني حالتن کي نظر ۾ رکندي ضلعي حڪومت بدين پاران ضلعي آفيسر روينيو بدين فياض حسين عباسي کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي ، سندس آفيس ۾ ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو فون نمبر 0297862384 ۽ سندس سيل نمبر03003602941 آهي جڏهن ته بدين ضلعي جي پنجن ئي تعلقن جي ڊي ڊي او روينيو جي آفيسن ۾ ايمرجنسي سينٽر پڻ قائم ڪيا ويا آهن جنهن جا انچارج ڊي ڊي اوز مقرر ڪيا ويا آهن
ديني مدرسن جي مستحق شاگردن ۾ مورا اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا
8 جون ، 2011
ديني مدرسن جي مستحق شاگردن ۾ مورا اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا
چيئرمين ضلعي زڪوات حيدرآباد پاران ديني مدرسن جي مستحق شاگردن ۾ مورا اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا.تفصيل موجب 10 ديني مدرسن کان علاوه مختلف اسڪولن جي غريب شاگردن ۾ 14لک 44 هزار 5 سئو رپين جي رقم ورهائڻ واري تقريب ۾ پيپلزپارٽي ضلعي حيدرآباد جي قائم مقام صدر امان الله سيال، پ پ اڳواڻ عبدالجبار خان ۽ مختلف مدرسن جي محتمن ، استادن ۽ ٻين معززن شرڪت ڪئي . ان موقعي تي پ پ ضلعي حيدرآباد جي قائم مقام صدر امان الله سيال، مورا اسڪالرشپ وارن چيڪن جي منصفاڻي ورهاست واري عمل کي ساراهيندي چيو ته ان عمل سان شاگردن جي حوصلاافزئي ٿئي ٿي.