خبرون
-
جسقم ۽ مستوئي برادري پاران ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ مظاھرو
شهدادڪوٽ ۾ جسقم ۽ مستوئي برادري پاران ٻه هفتا اڳ اغوا ٿي ويل ٽن جسقم ڪارڪنن جي بازيابيءَ لاءِ لاڙڪاڻي ۽ سکر روڊ تي ڌار،ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا
وڌيڪ پڙھو -
موجوده حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي،فنڪشنل ليڊيز ونگ
شهدادڪوٽ:شهدادڪوٽ ۾ فنڪشنل ليڊيز ونگ پاران ڪارنر گڏجاڻي ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ يوسي 2 يونٽ جو بنياد وڌو ويو
وڌيڪ پڙھو -
سماجي تنظيم (روز) پاران عورتن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب
شهدادڪوٽ ۾ سماجي تنظيم (روز) پاران عورتن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪري عورتن جي حقن بابت آگاهي ڏني وئي، رورل آرگنائيزيشن فار سوشل امپاورمينٽ ( روز) پاران ڳوٺ رحيم بخش جمالي ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي
وڌيڪ پڙھو -
سکر ڪسٽم انٽيليجنس فورس پاران گنڌارا دور جون 50 قديمي مورتيون ۽ ٻيون نواردرات هٿ
سکر ڪسٽم انٽيليجنس فورس جي ڪاروائي، روهڙي قومي شاهراهه پراڻي ٽول پلازه ويجهو اسلام آباد کان ڪراچي ويندڙ ٽرڪ نمبر JT0493 تي ڇاپو، ڪروڙين روپين جي ماليت جي قيمتي نوادرات برآمد، ڊرائيور گرفتار
وڌيڪ پڙھو -
مخالفن پ پ پ جي طاقت کي تسليم ڪري ورتو، نثارکھڙو
اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار احمد کهڙو چيو آهي ته سنڌ ۾ مختلف جماعتن جو اتحاد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مخالفن پ پ پ جي طاقت کي تسليم ڪري ورتو آهي
وڌيڪ پڙھو -
شيوراتري جو ساليانو ميلو روايتي مذهبي جوش خروش سان ملهايو ويو
سکر ساڌ ٻيلي ۾ شيوراتري جو ساليانو ميلو هر سال وانگر ڪالهه به روايتي مذهبي جوش خروش سان ملهايو ويو جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ هندو مرد ن ۽ عورتن سميت ٻارڙن به شرڪت ڪئي ان موقعي تي نارين پوڄاپاٽ ڪرڻ سان گڏ پرهه شاهه جي ارتي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
ٽائون ڪاميٽي باڊهه جي عمارت ۾ ڪلرڪ سيڪشن جي آفيس کي اوچتو باهه
ٽائون ڪاميٽي باڊهه جي عمارت ۾ ڪلرڪ سيڪشن جي آفيس کي اوچتو باهه لڳي وئي، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي جي اڱڻ تي بيٺل ٽيڪسين جي ڊرائيورن ۽ باڊهه ڏسي دانهون ڪنيون، جنهن تي سوين شهري واقعي واري هنڌ پهچي باهه کي وسائي عمارت کي وڌيڪ سڙڻ کان بچائي ورتو
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ترقي پسند پارٽي سکر پاران ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف ريلي
ڪراچي ۾ ڪارڪنن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻائي شهيد ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي سکر پاران ڊولفن چوڪ کان سکر پريس ڪلب تائين نذير سومرو، وحيد کوسو، نارائڻ داس، سليم ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: معاشري ۾ عورتن مٿان ظلم ۽ بربريت جو سلسلو جاري, خطاب
هنڱورجا ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان هاءِ اسڪول جي آڊيٽو هال ۾ پروگرام ٿي گذريو جنهن ۾ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: قتل ٿي ويل ايس ٽي پي اڳواڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاھرو
باڊهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪراچي ۾ قتل ٿي ويل ايس ٽي پي اڳواڻ محمد علي ڀٽي جي قاتلن جي گرفتاري خلاف ڪامريڊ قادر بروهي، اصغر نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو