خبرون
-
شهدادڪوٽ ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي ويئي
شهدادڪوٽ ۾ ايڇ آر ڊي ايس ۽ سائيٽ سيوَرز اسلام آباد پاران ڳوٺ سيلرا،ڪُورَ ڏاتو ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ لاڳائي وئي
وڌيڪ پڙھو -
دبئي: مقصد ۽ منزل تي پهچڻ ۾ ڪير به روڪي نٿو سگهي،سنڌ يونائيٽيڊ سوشل فورم
سنڌ يونائيٽيڊ سوشل فورم جو اجلاس فورم جي چيئرمين ممتاز علي بروهي جي صدارت هيٺ 15 مارچ 2013ع تي دبئي ۾ ٿي گذريو. اجلاس جي ڪارروائي جون ذميواريون فورم جي سيڪريٽري جنرل صدرالدين پنهور ادا ڪيون.
وڌيڪ پڙھو -
دادو: پاڪستان مسلم ليگ(ن) پاران يوم نجات ملهايو ويو
پاڪستان مسلم ليگ(ن) پاران يوم نجات ملهايو ويو، هزارين ڪارڪنن مسلم ليگ(ن) سنڌ جي اڳواڻ لياقت جتوئي،حامد ڀنڊ، انور لغاري، ڊاڪٽر بنده علي لغاري، سيد ظفر شاهه جي اڳواڻيءَ ۾مردن توڙي عورتن ريلي ڪڍي، رقص ڪيو ۽ مٺائي تقسيم ڪئي وئي.
وڌيڪ پڙھو -
دادو ۾ جمھوريت جي 5 سالن جي خوشي ۾ ريلي
سپاف، پ پ يوٿ، پ پ هاري ڪاميٽي دادو پاران سوين ڪارڪنن جمهوري حڪومت جا پنج سال پورا ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ گل حسن قمبراڻي، ايم عمر پنهور عدنان جويو، امير سولنگي جي اڳواڻيءَ ۾ ميونسل پارڪ کان ايس پي چوڪ تائين ريلي ڪڍي، خوشيءَ ۾ فائرنگ ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
پوليس جو شھري تي تشدد، چيف جسٽس کي اپيل
شهر جي ذڪريا ڪالوني جي رهواسي ريلوي ملازم روشن علي چانڊيو پنهنجي رهائش تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 4 ڏينهن اڳ آئون پنهنجي گهر ۾ ويٺو هئس ته اوچتو ڊي ايس پي ڏوڪري شوڪت شاهاڻي ۽ ايس ايڇ او باڊهه خالد سرڪي پوليس اسٽالن سميت چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي منهنجي گهر ۾ ڌاڙيلن جيان گهڙي آيا
وڌيڪ پڙھو -
حسينيت جي راهه تي هلندي ڀٽن عوام لاءِ جانيون ڏنيون، سيد نويد قمر
وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته شهيد راڻي جو اڃان رت نه سڪو آهي ۽ اسان سدائين سينن تي گوليون کائڻ وارن مان آهيون ڪڏهن به پٺي نه ڏني آهي ، حسينيت جي راهه تي هلندي ڀٽن عوام لاءِ جانيون ڏنيون آهن
وڌيڪ پڙھو -
اسيمبلي جي مدت ختم، وزيراعظم جو قوم کي الوداعي خطاب
وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته چئني صوبن جي وڏن وزيرن ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي منهنجي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن تي ڪرائڻ جي تجويز سان اصولي طور تي اتفاق ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
وفاقي حڪومت 16 مارچ رات 12 بجي تائين تحليل ڪئي ويندي، خورشيد شاهه
وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت 16 مارچ رات 12 بجي تائين تحليل ڪئي ويندي، جڏهن ته اسيمبلين جون الڳ الڳ تاريخون آهن، نگران وزير اعظم جو اعلان جلد ڪيو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
لاھور: 19 مارچ تي پنجاب اسيمبلي ختم ڪرڻ تي اتفافي ناھي ٿيو، شھباز شريف
پنجاب جي وڏي وزير شھباز شريف چيو آھي ته وزير اعظم سان ملاقات دوران ھڪ ئي ڏينھن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ٿيو آھي 19 مارچ تي پنجاب اسيمبلي ختم ڪرڻ تي نه. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته نگران سيٽ اپ لاءِ سڀن پارٽين سان مشورو ڪيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: اتر سنڌ ۾ ڪڻڪ جي لاباري لاءِ تياري
اتر سنڌ جي ضلعي خيرپور ، نوشهروفيروز ۽ سکر ۾ لکين ايڪڙ زمين تي پوکيل ڪڻڪ جي فصل ۾ لابارو شروع ٿيڻ کان اڳ ڪڻڪ جي ڪٽائي ۽ صفائي لاءِ مشينري ۽ ڏاٽا ٺپڻ وارو ڪم تيز ٿي ويو مسترين ۽ لوهارن وٽ رش وڌي وئي سيزن شروع ٿيڻ تي مسترين ۽ لوهارن اگهه وڌائڻ سان گڏ اگهه وڌائڻ سان گڏ ناز ۽ نخرا ڪرڻ لڳا.
وڌيڪ پڙھو