خبرون
-
يو ايس ايڊ جي تعاون سان مـــلاح عورتن کي ننڍا قرض ڏيڻ جي سلسلي ۾ سيمينار ٿيو
ناري ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مقامي هوٽل ۾ (يو ايس ايڊ) جي تعاون سان منڇر ڍنڍ جي مـــلاح عورتن کي ننڍا قرض ڏيڻ جي سلسلي ۾ سيمينار ٿيو.
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ: ڪارنهن الزام هيٺ ناري قتل، ڪيس داخل نه ٿيو
شهدادڪوٽ ويجھو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي نوجوان زال کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ نبي شاه ۾ جوابدار احسان کوسو پنهنجي 26 ورهين جي زال نور بانو کوسو کي بندوق جا فائر ڪري ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏي
وڌيڪ پڙھو -
صدر آصف علي زرداري بينظير يونيورسٽي جو شاگرد آهي، حاجي امين لاکو
پ پ جي ضلعي صدر ۽ اڳوڻي ايم پي اي حاجي امين لاکو چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان کي ائٽم بم ڏنو شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان کي ميزائيل ڏنو ۽ صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ايران سان تاريخي معاهدو ڪري گئس جي پائپ لائين ڏني جيڪي ملڪي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکيا ويندا
وڌيڪ پڙھو -
جيئي سنڌ تحريڪ ضلعي ٽنڊو محمد خان پاران مذهبي انتهاپسندي خلاف ريلي
اڳواڻن چيو ته سنڌ ڌرتي امن جي ڌرتي آهي ان تي هٿ وٺي دهشتگردي کي زور وٺايو پيو وڃي ۽ امن تباهه ڪرڻ لاءِ روز نيون سازشون سٽيون پيون وڃن
وڌيڪ پڙھو -
سانگھڙ: تعليم جي حق ۾ ريلي ڪڍي ويئي
اڄ تعليم جي حق ۾ ثاقب حسين چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي جنھن ۾ سوين شاگردن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ثاقب چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته يوسي ڪنھڙ ۾ ڇوڪرين لاءِ ڪوبه اسڪول ناھي ۽ مڊل اسڪول تباھ آھي
وڌيڪ پڙھو -
پيپلز پارٽي کي ايندڙ چونڊن ۾ بري طرح شڪست ملندي، پيرصبغت الله شاهه راشدي
مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير صبغت الله شاهه راشدي پير پاڳاري چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ مان بري شڪست نصيب ٿيندي ۽ مسلم ليگ فنڪشنل پيپلز پارٽي کي تاريخي شڪست ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آه
وڌيڪ پڙھو -
دبئي جي شيخ محمد بن احمدان طرفان ڏنل پکي کيرٿرپارڪ ۽ ھاليجي ڍنڍ ۾ ڇڏيا ويا.
دبئي جي امير شيخ محمد بن احمدان طرفان تحفي ۾ ڏنل سوين ناياب پکي سنڌ جي پارڪ ۽ ڍنڍ ۾ ڇڏيا ويا. ان سلسلي ۾ شيخ احمدان جي نمائندي ۽ جنگلي جيوت کاتي جي گڏيل ٽيم نيشنل کيرٿرپارڪ ٿاڻوبولا خان ضلع ڄامشورو جي ايسر پوائنٽ نزد ڪرچات وٽ تقريبن اڍائي سو تَلُور پکي ۽ ھاليجي ڍنڍ ضلع ٺٽو ۾ اٽڪل چار سو بدخون ڇڏيون ويون.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا:اتر سنڌ ۾ مانجهادڻي جي فصل جي پوکائي جو رجهان گهٽجي ويو
اتر سنڌ جي ضلعي خيرپور ، نوشهروفيروز، سکر ،شڪارپور، گهوٽڪي سميت ٻين ضلعن ۾ مانجهادڻي جو هزارين ايڪڙن تي پوکجندڙ فصل جو رجهان هاڻي ڏينهنون ڏينهن گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ۾ انجنيرئنگ،ميڊيڪل ۽ جنرل يونيورسٽين جو ڄار وڇايو ويو، قائم علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته،خيرپور ۾ کوليل مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ڪئمپس سان تر جي نه رڳو تعليمي ترقي ٿيندي پر،سڄي علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي پڻ ٿيندي.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي مان بيحد مطمئن ۽ خوش آهي، قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي دورِ حڪومت کانپوءِ پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت ملڪ جي خوشحالي جي وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون آهن جڏهن گذريل 15 سالن ۾ روزگار نه ملڻ ڪري ماڻهو روزگار لاءِ پريشان هئا
وڌيڪ پڙھو