خبرون
-
پ پ عوامي پارٽي آهي، فيض محمد کوکر
وارهه، نصيرآباد ۽ ڏوڪري تعلقن تي مشتمل صوبائي تڪ پي ايس 41 تي پ پ پاران چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندڙ علائقي جي مشهور شخصيت زميندار فيض محمد کوکر ي چيو آهي ته مون کي اميد آهي پ پ جي قيادت مون کي ان تڪ تي چونڊ وڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ ضرور ڏيندي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: فارم منظور ٿيڻ کان پوءِ سياسي سرگرميون شروع
11 مئي تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اين اي 217 تي فنڪشنل ليگ جي اميدوار پير آف هنڱورجا پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري، پي پي جي پير آف راڻيپور پير سيد فضل علي شاهه جيلاني۽ ٻين جا نامينيشن فارم منظور ڪيا ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: قومي شاهراهه تي مسافر گاڏين کان لکين روپين جي ڦر لٽ
هنڱورجا ۾ بدامني عروج تي پهتل هٿياربندن قومي شاهراهه تي مسافر گاڏين کان لکين روپين جي ڦر لٽ ڪرڻ سان گڏ ميان والي هوٽل ۾ ترسيل ماڻهن ۽ سمورن ملازمن کان ڦر لٽ ڪري فرار، مسافرن پاران ڦر لٽ واقعي خلاف قومي شاهراهه تي 7 ڪلاڪ ڌرڻو
وڌيڪ پڙھو -
مشرف خلاف غداري جو مقدمو ھلائڻ جي درخواست
اين اي 139 حلقي جي ريٽرننگ آفيسر جاويد قصوري ايڊووڪيٽ اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف کي ايندڙ چونڊن لاءِ ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا. ان کان علاوه سپريم ڪورٽ ۾ پرويز مشرف جي خلاف غداري جو مقدمو ھلائڻ جي درخواست جي ٻڌڻي اٺ اپريل تي ٿيندي.
وڌيڪ پڙھو -
پ پ پ فيض گنج ۾ اميدوارن جو اعلان نه ڪري سگھي
فيض گنج ۾ پ پ پ پي ايس 31 ۽ اين اي 216 تي اميدوارن جو اعلان نه ڪري سگھي ڪارڪنن ۾ مايوسي ڇانيل پ پ پ کي ڪيترن ئي اميدوارن جون درخواستون مليون آهن ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ قاعم علي شاه جو دوست ۽ هڪ اڳوڻو اميدوار سيٽ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائي رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
صالح پٽ: مندر مان ڦر ڪندڙ ملزم گرفتار
سکر جي علائقي صالح پٽ جي مندر ۾ ٿيندڙ واردات ۾ قيمتي زيورن جي ڦر ۾ چوڪيدار ملوث، پوليس ڄاڻ ملڻ تي واردات جي مک ڪردار کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان بر آمد ڪري ورتو
وڌيڪ پڙھو -
پنجاپ پوليس جو ڪچي ۾ آپريشن ھڪ ڳوٺاڻو مارجي ويو
پنجاپ پوليس ڪشمور لڳ ماڇڪي ٿاڻي جي حد کروڙ ۾ آپريشن دوران پوليس ۽ هٿياربندن جي وچ ۾ فائرنگ دوران ڳوٺاڻو اسلم سولنگي مارجي ويو عورت سميت 4 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن تازن اطلاعن مطابق زخمين مان ھڪ عورت به فوت ٿي ويئي.
وڌيڪ پڙھو -
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 34 ورسي ٽنڊومحمد خان ۾ ملھائي ويئي
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 34 ورسي لاکاھائوس تي ملھائي ويئي، جنھن ۾ ضلعي اڳواڻ ۽ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ پ ضلعي صدر حاجي امين لاکو، اڳوڻو ايم پي اي عبد الڪريم سومرو، نورمحمد ويسريو، ارشاد ميمڻ، محبوب نوٽڪاڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
ڪشمور: پي ايس 18 جي اميدوارن جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ٿي
اڄ پي ايس 18 جي اميدوارن جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ٿي، جاچ دوران سني تحريڪ جي اميدوار حافظ علي حيدر کوسي جافارم گھٽ عمر ھئڻ ڪري رد ڪيا ويا، جڏھن ته پ پ پ جي احسان مزاري، گل محمد جکراڻي، اسرار احمد کوسو، آزاد اميدوار مير غالب ڊومڪي، فنڪشنل ليگ جي اعجاز سولنگي سميت ٻين جا فارم بحال ٿي ويا.
وڌيڪ پڙھو -
ملڪ جي ڪيترن حصن ۾ 5.9 جي شدت جا زلزلي جا جھٽڪا، 3 ڄڻا زخمي
گاديءَ واري شھر اسلام آباد، راولپنڊي، لاھور ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف علاقن ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا. موسميات جي محڪمي مطابق زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.9 ريڪارڊ ڪئي ويئي
وڌيڪ پڙھو