خبرون
-
سکر: رٽائرڊ ايس ايڇ او خلاف خلاف مظاھرو
لوڪل بورڊ جي رهواسين سميجا عورتن ارشاد بيگم، مائي خيران، محمد يوسف ۽ ٻين رٽائرڊ ايس ايڇ او خير محمد سميجو جي ڏاڍائين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته خير محمد سميجو پراپرٽي تڪرار تان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي اسان جا ماڻهو گرفتار ڪرايا آهن، ۽ انهن مٿان تشدد ڪرائي رهيو آهي، جڏهن ته پراپرٽي جو ڪيس عدالت اسان جي حق ۾ ڏنو آھي
وڌيڪ پڙھو -
اليڪشن کي صاف شفاف بڻائڻ جي لاءِ ڊائريڪشن ۽ گائيڊلائن ڏني آهي، ڊاڪٽر نياز عباسي
سکر ۾ اليڪشن جي حوالي سان اجلاس، سکر سميت 4 ضلعن م 4 سئو 21 پولنگ اسٽيشن انتهائي حساس ۽ 11 سئو 23 حساس قرار. خبرموجب سکر ۾ اليڪشن جي حوالي سان ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز عباسي جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڊويزن ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ ٿيو جتي ڊي آءِ جي سکر سلطان خواجه، رينجرز جي ڪمانڊر شهباز، ڊويزنل اليڪشن ڪمشنر امير بخش عباسي جي علاوه سکر، گهوٽڪي، خيرپور ۽ نوشهروفيروز جي ضلع جي ڊپٽي ڪمشنرز، ايس ايس پيز سميت ٻين متعلقه ادارن جي ڊويزنل ۽ ضلعي آفيسرن شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
سکر ڊويزن ۾ به اميدوار دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهن ، ڊي آءِ سلطان خواجه
سکر جي ڊي آءِ جي سلطان خواجه چيو آهي ته انٽيليجنس ادارن جي رپورٽس مطابق سکر ڊويزن ۾ به اميدوار دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهن جڏهن انهن کي مڪمل سيڪيورٽي ڏيڻ ۽ اهڙي ڪنهن به واقع کان اڳ منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون
وڌيڪ پڙھو -
مخالف ڌمڪائڻ بند ڪري چونڊن ۾ هارائي ڏيکارين
پي ايس 40 شهدادڪوٽ جي اميدوار ۽ اڳوڻي تعلقي ناظم حاجي سردار علي جروار چيو آهي ته هن کي هٿ کڻائڻ لا مخالف ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ھن چيوته ڌمڪين کان هُو ڊڄڻ واروناهي ۽ غريب عوام جي مفادن خاطر چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي پنهنجي شهدادڪوٽ واري رهائشگاه تي احتجاجن مٿي تي ڪاري پٽي ٻڌي پريس ڪانفرنس ڪندي سردار علي جروار چيو ته هاڻ هُو ڌمڪين کان ڊڄڻ وارو ناهي
وڌيڪ پڙھو -
مولانا محسن شاھ نقوي جي چونڊ مھم تيز
پي ايس 34 جي آزاد اميدوار مولانا محسن علي شاهه نقوي دعوا ڪئي آهي ته 11 مئي تي تعلقي صوڀوديرو ۽ گمبٽ جو عوام روايتي سياسي پارٽين جي اميدوارن کي هر گز ووٽ نه ڏيندو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي ۽ هن ڀيري عوام نيڪ ۽ ديندار اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو.
وڌيڪ پڙھو -
ٽنڊو محمد خان ۾ اليڪشن مهم ۾ تيزي اچي ويئي
ٽنڊو محمد خان ۾ اليڪشن مهم ۾ تيزي اچي ويئي مختلف تنظيمن جي اميدوارن ۽ آزاد اميدوارن پاران جلسا ۽ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون پيون وڃن انهي حوالي سان پاڪستان ڪنزرويٽو پارٽي جي اين اي 222 ۽ پي ايس 54 تي نامزد اميدوار رحيمان ڀٽي جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڪپور موري ۾ هڪ وڏو جلسو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
پ پ پنهنجي 5 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي تباهه ڪيو، ن ليگ اميدوار
پي ايس 41 تي مسلم ليگ (ن) جي نامزد اميدوار امداد چولياڻي چيو آهي ته پ پ پنهنجي 5 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي تباهه ڪيو، بدامني چوٽ چڙهيل هئي ۽ عوام کي بک ۽ بدحالي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو هن ڪالهه باڊهه ۾ اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ پارٽي جي قائم ڪئمپ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پ پ جي حڪمرانن عوام کان ووٽ وٺي عوام سان ئي ويساهه گهاتي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
موجوده پ پ هاڻ شهيد راڻي بينظير ڀٽو واري پارٽي ناھي رھي، ڊاڪٽر صفدر عباسي
اين اي 205 جي آزاد اميدوار ڊاڪٽر صفدر عباسي باڊهه ۾ ڪانڌڙا برادري جي اڳواڻ الهه رکيو ڪانڌڙو پاران سندس مان ۾ ڏنل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده پ پ هاڻ شهيد راڻي بينظير ڀٽو واري پارٽي نه رهي آهي، موجوده پ پ زرداري واري پ پ پارٽي آهي، جنهن وٽ غريب عوام لاءِ ڪو به پروگرام ڪونهي
وڌيڪ پڙھو -
پي پي جي تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي، ڪاظم علي شاهه لڪياري
اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير آف هنڱورجا پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري جا مختلف ڳوٺن ۾ طوفاني دورا منڱڻيجا برادري جي چڱن مڙسن وڏيرو سوائي خان منڱڻيجو، خادم حسين ، علي خان، غلام شبير منڱڻيجو ، حاجي صابل فقير پي پي سان پنهنجو پراڻو ناتو ٽوڙي فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
هن ڀيري تبديلي اڻٽر آهي، پي ايس 33 جي آزاد اميدوار ذوالفقار علي انصاري چونڊ مھم شروع ڪري ڏني
پي ايس 33 جي آزاد اميدوار نوجوان صحافي ذوالفقار علي انصاري پنهنجي چونڊ مهم جو آغاز ڪندي سيٺارجا شهر ۾ ريلوي فاٽڪ وٽان وڏي عوامي ريلي ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪندي دڪاندارن ۽ شهرين کي ووٽ ڏيڻ لاءِ چيو
وڌيڪ پڙھو