خبرون
-
سانگھڙ ۾ پولنگ ريشو گھٽ، ڪجھ ھنڌن تي جھيڙا
سانگهڙ جي 3 قومي ۽ 6 صوبائي تڪن تي چونڊ عمل جاري ڪجهه هنڌن تي جهيڙا 2013 جي اليڪشن ۾ پولنگ ريشو گهٽ ڏسڻ ۾ آيو پولنگ اسٽيشن تي آرمي ، پوليس ۽ رينجرز جا جوان الرٽ
وڌيڪ پڙھو -
اين اي 217 جي تڪ تي اليڪشن ڪميشن پاران 149 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار
اين اي 217 جي تڪ تي اليڪشن ڪميشن پاران 149 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏئي ڇڏيو آهي جتي رينجرس کي مقرر ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
اليڪشن جو ميدان سينگارجي ويو سڀاڻي چوٽي جا دنگل ٿيندا.
اين اي 216 ۽پي ايس 31 جو ميدان سينگارجي ويو سڀاڻي چوٽي جا دنگل ٿيندا عوام جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي اين اي 216 تي پ پ پ جي ساجد ٻانڀڻ ، پي ايم ايل ف جي صدر الدين شاه ۽ ٻين اميدوارن ۽پي ايس 31 تي پ پ پ جي زاهد ٻانڀڻ - ف ليگ جي ڊاڪٽر رفيق ۽ ٻين ۾ مقابلو ٿيندو جڏنهن ته اصل مقابلو پ پ پ ۽ف ليگ اميدوارن ۾ چوٽي جو دنگل ٿيڻ جو امڪان آهي.
وڌيڪ پڙھو -
موجود اليڪشن انجنئيرڊ نظر اچي رهي آهي، سماجي تنظيم جا اڳواڻ
سماجي تنظيم انڊس فيوچر فائونڊيشن جي چيئرمين پنهل ساريو ،ڊائريڪٽر اصغر لغاري ۽ فرحان عباسي چيو ته موجودھ اليڪشن انجنئيرڊ نظر اچي رهي آهي ۽ جيڪڏهن ائين ئي ڪرڻو هو ته پوءِجسٽس رٽائرڊ فخرالدين ابراهيم جهڙي معتبر ماڻهو کي اليڪشن ڪميشن جي اهم سيٽ تي ويهارڻ جي ضرورت نه هئي
وڌيڪ پڙھو -
دادو: عورت دارالامان ۾، وارثن پاران اغوا جو شڪ
خيرپورناٿن شاهه ڀرسان ڳوٺ ڪريم داد جي رهواسڻ شادي شده 3 ٻارن جي ماء مسمات مهوش زال اعجاز سيال دادو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرڻ کانپوءِ عدالت کيس دارالامان حوالي ڪيو هو جنهن بعد عورت جي ڏيرن شهزادو سيال،اياز سيال،فياض سيال ڀائرن سليم ۽ وسيم سيال پاران عورت جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي ۽ عورت جي اغواجا ڪوڙا ڊراما ڪري رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
ضلعي مٽِياري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي پر امن ۽ شفاف بنائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن، ڊپٽي ڪمشنر
ڊپٽي ڪمشنر مٽِياري جناب فياض حسين عباسي اڄ پنهنجي آفيس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ضلعي مٽِياري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي پر امن ۽ شفاف بنائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن جنهن تحت ووٽرن کي تحفظ کان علاوه سڀئي گهربل سهولتون فراهم ٿي سگهنديون .
وڌيڪ پڙھو -
اڳوڻن چونڊيل نمائندن عوام جي ووٽ جي توهين ڪئي، بروھي ڀائر
باڊهه پي ايس 41 ۽ اين اي 205 تي آزاد اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي پاران چونڊ مهم جي سلسلي ۾ شهر جي حيدر چوڪ تي جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر توڙي آسپاس جي رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
يوسف رضا گيلاني جو پٽ علي حيدر گيلاني اغوا
ملتان ۾ نامعلوم ماڻھن اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ جي اميدوار کي اغوا ڪري ڇڏيو آھي. تفصيل موجب اڳوڻي وزير اعظم ۽ پ پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جي پٽ ۽ تڪ پي پي 200 جي اميدوار علي حيدر گيلاني ڪارنر ميٽنگ جي سلسلي ۾ ھڪ گھر ۾ ويٺو ھئو
وڌيڪ پڙھو -
پڪا چانگ ۾ پ پ پ جي ريلي سوين ماڻهن جي شرڪت
پڪا چانگ ۾ پ پ پ طرفان ساجد ٻانڀڻ ، فضل شاه ۽ نثار شر جي اڳواڻي ۾ ظفر آباد کان ڪوٽ لالو تائين ريلي سون جي تعداد ۾ ماڻهون شريڪ اڳواڻن جو چوڻ هو ته عوام پ پ پ سان گڏ آهي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ورهائيندڙ ٻيهر چونڊجي آيا ته هُو ڌرتيءَ تي وار ڪندا، نصرت سحر عباسي
شهدادڪوٽ جي پي ايس 40 تڪ تي فنڪشنل ليگ اميدوار ناهيد واجد کهاوڙ جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جلسو ڪوٺايو ويو،پارٽي پاران ڪوٽو موٽو چوڪ تي رٿيل جلسي ۾ سوين مردن توڙي عورتن شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو