خبرون
-
باھمٿ عورتون گھر ڀاتين کي پالڻ لڳيون
جمعه حمايتي ڳوٺ جي باهمٿ عورتن بيوسي، غربت ۽ مجبورين کي مات ڏئي ڇڏي، پورهيو ڪري گهر ڀاتين کي پالڻ لڳيون، سماج جا ناخدا دنگ رهجي ويا، سماج سڌارڪ، سرڪاري ادارا، چونڊيل نمائندا ۽ سرندي وارن واهر نه ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
ڪوٽ مير محمد ۾ مينهون، روڪ رقم ۽ قميتي سامان ڦرلٽ
ڪوٽ مير محمد ۾ گهرڀاتي هٿياربندن هٿان يرغمال، 2 مينهون، روڪ رقم ۽ قميتي سامان ڦرلٽ، رپورٽ موجب، ڪوٽ مير محمد شهر ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم هٿياربندن وڏيري حسين بخش ڀنڊ جي گهر ۾ داخل ٿي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي روڪ رقم، سونا زيور توڙي ٻيو قميتي سامان ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ سندن ٻه ڀلوڙ مينهون ڪاهي فرار ٿي ويا.
وڌيڪ پڙھو -
ممتاز علي خان ڀٽو ڪنهن به عهدي جو محتاج نه آهي، سيد آصف علي شاھ جيلاني
مسلم ليگ ن جي صوبائي اڳواڻ پير آف راڻيپور پير سيد آصف علي شاهه جيلاني چيو آهي ته سردار نواب ممتاز علي خان ڀٽو ڪنهن به عهدي جو محتاج نه آهي ۽ عهدا ان جا محتاج هوندا آهن
وڌيڪ پڙھو -
پورهيت اڳواڻ گل محمد بلوچ جي پهرين ورسي ملهائي وئي
شهدادڪوٽ ۾ پورهيتن جي حقن لاء سموري زندگي جاکوڙ ڪري سندن مسئلا حل ڪرائيندڙ پورهيت اڳواڻ گل محمد بلوچ جي پهرين ورسي ملهائي وئي
وڌيڪ پڙھو -
ڪامريڊ غلام رسول سھتي جو وزن گھٽجي ويو
خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي 63 هين ڏينهن به مرڻ گهڙي واري بک هڙتال جاري. بک هڙتالي ڪيمپ تي ڪوبه ڪامورو توڙي حڪومتي ڌر جو چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ ويجھو فائرنگ،3 ڄڻا قتل
شهدادڪوٽ ويجھو ٻن فائرنگ جي ڌار ، ڌار واقعن ۾ هڪ عورت سميت (3) ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
وڏا ماڇيون ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ تان شروع ٿيل خوني تڪرار جو نبيرو
وڏا ماڇيون ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ تان شروع ٿيل خوني تڪرار جو نبيرو ٿي گذريو، ڌرين مٿان 19 لک رپيه ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ
وڌيڪ پڙھو -
پير پاڳاري مونکي عوامي نمائندو بڻائي عوام جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو آهي، محمد راشد شاهه راشدي
حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل ليگ سربراهه پير پاڳاري جي وڏي فرزند فنڪشنل ليگ سنڌ جي نائب صدر سيد محمد راشد شاهه راشدي چيو آهي ته پير پاڳاري مونکي عوامي نمائندو بڻائي عوام جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
ايندڙ عام چونڊون آزادانه، شفاف ۽ غير جانبدار طريقي سان ڪرايون وينديون، زرداري
صدرِ پاڪستان ۽ پيپلز پارٽي جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊون آزادانه، شفاف ۽ غير جانبدار طريقي سان ڪرايون وينديون ۽ پيپلز پارٽي بيڪ ڊور جي سياست تي يقين ناهي رکندي
وڌيڪ پڙھو -
سچل سرمست جي 191 عرس جو انتظام مڪمل، ڊي سي خيرپور
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ چيئرمين سچل يادگار ڪاميٽي محمد عباس بلوچ چيو آهي ته حضرت سچل سرمست رح جي سالياني191 هين عرس جي موقعي تي سالياني ميلي جي حوالي سان سڀ انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن
وڌيڪ پڙھو