خبرون
-
پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کان آفرليٽر نه ملڻ جي خلاف انوکو احتجاج
سنڌ يونيورسٽي پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کان آفرليٽر نه ملڻ جي خلاف سکر پريس ڪلب جي آڏوسوره ياسين پڙهي دعا گهري ته حڪمرانن کي ايمان ڏي ۽ انهن جي دلين ۾ اسان لاءِ رحم پيدا ڪرڻ جي دعا گهري وئي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي حڪم جي خلاف وردي ڪرڻ تي چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي حاضري
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي حڪم جي خلاف وردي ڪرڻ تي چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ هائي ڪورٽ سکر بينچ ۾ حاضري، 26 فيبروري تائين ٻڌايو وڃي ته عدالتي حڪم جي خلاف وردي ڪنهن ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
نيب جي چيئرمين ايڊمرل (ر) فصيح بخاري پاران صدر آصف علي زرداري کي خط
قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين ايڊمرل (ر) فصيح بخاري صدر آصف علي زرداري کي خط لکيو آهي جنهن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته عدليه ۽ ميڊيا جي هڪ حصي طرفان قومي احتساب بيورو آرڊيننس (اين اي او) جي خلاف ورزي ڪندي جاچ مڪمل ٿيڻ کانسواءِ ڪجهه سينئر سياستدانن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ هڪ قديم ۽ تاريخي ثقافت رکندڙ خطو آهي، آمريڪي قونصل جنرل
آمريڪي قونصل جنرل مائيڪل جي ڊاڊمين چيو آهي ته سنڌ هڪ قديم ۽ تاريخي ثقافت رکندڙ خطو آهي کيس ڪوٽ ڏجي قلعو گهمي ڪري کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي
وڌيڪ پڙھو -
ٻيلي کاتي ۾ ٿيل اربين روپين جي بدعنوانين خلاف ھڙتال
ٻيلي کاتي ۾ ٿيل اربين روپين جي بدعنوانين ۽ ڪرپشن جي خلاف فاريسٽ ورڪر ايسوسئيشن سنڌ جي احتجاجي تحريڪ سکر پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي پنهنجي مرضي جو ليڊر آف دي اپوزيشن نه اچڻ ڏينداسين، سيد غوث علي شاهه
پاڪستان مسلم ليگ سنڌ جي صدر ۽ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد غوث علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي پنهنجي مرضي جو ليڊر آف دي اپوزيشن نه اچڻ ڏينداسين، اپوزيشن ليڊر جي مقرري جي لاءِ مسلم ليگ فنڪشنل ڪورٽ ۾ وئي آهي ان جي فيصلي جو انتظار آهي
وڌيڪ پڙھو -
جيئي سنڌ محاذ جي پاران ٻٽي نظام خلاف مظاھرو
جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي سنڌ ۾ نام نهاد ٻٽي بلدياتي نظام خلاف سکر پريس ڪلب سامهون پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري خان محمد ڀيو، سيد نواز شاهه ڀاڏائي جي اڳواڻي ۾ زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
حڪومت عوام کي بينادي سهولتون جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، مولا بخش چانڊيو
سياسي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام کي بينادي سهولتون جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته جئين غريبن ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جو معيار زندگي بهتر ٿي سگهي
وڌيڪ پڙھو -
اقتداري ٽولي عوام کي بک، بيروزگاري، مهانگائي، ارڙي ۽ ٻوري بند لاشن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو. ڊاڪٽر معراج الهدى
جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي چيو آهي ته درست ووٽر لسٽون صاف ۽ شفاف چونڊن جي ضمانت آهن. ڪراچي ڌرڻي کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو ته پوءِ ان احتجاج جو دائرو ضلعي سطح تائين وڌايو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
ڪراچي ۾ پوليس پاران نجي ٽي وي ڪيمرامين رحيم داد سميجي تي تشدد خلاف مظاھرو
ڪراچي ۾ پوليس پاران نجي ٽي وي ڪيمرامين رحيم داد سميجي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جي خلاف ڪيمرامين ۽ فوٽو جرنلسٽ ايسو سي ايشن پريس ڪلب سکر پاران وڏي تعداد ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو ا
وڌيڪ پڙھو