اسلام آباد
-
نون صوبن جي رجحان کي جمهوريت وسيلي روڪي سگهجي ٿو : صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته نون صوبن جي رجحان کي جمهوريت وسيلي روڪي سگهجي ٿو، ادارن ۾ جيڪڏهن ڪي اختلاف آهن اهي ارتقائي عمل جو حصو آهن، اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي، ججن جي پگهارن ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪيو آهي ته جيئن قابل ماڻهو ان طرف اچن، مستقبل ۾ آمريت جو رستو صرف جمهوريت وسيلي ئي روڪي سگهجي ٿو، جمهوريت جي استحڪام لاءِ سڀني سياسي قوتن کي ذميواري نڀائڻي پوندي،
وڌيڪ پڙھو -
جمهوري حڪومت جو پاڪستان ۾ ميڊيا کي سهولتن جي فراهمي لاءِ پختو عزم آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار کان آگاهه آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
اسلام آباد -(اي پي پي) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جمهوري حڪومت جو پاڪستان ۾ ميڊيا کي سهولتن جي فراهمي لاءِ پختو عزم آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار کان آگاهه آهي. هو برطانوي ميڊيا جي وفد سان ڳالهائي رهي هئي جنهن خميس ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن ٻنهي ملڪن کي ميڊيا جي وچ ۾ ٻطرفن رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ميڊيا جي سطح تي لاڳاپن ۾ اضافي سان ٻنهي ملڪن جيو چ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام ۾ وڌيڪ ويجهڙائي آڻي سگهجي ٿي. هن ميڊيا، راندين، واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ماهرن جي مٽاسٽا تي پڻ زور ڏنو ته جيئن گڏيل رابطن سان انهن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جا نوان رستا سامهون اچي سگهن. وفاقي وزير برطانويا ميڊيا وفد جي دوري جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو ته اهڙن دورن سان هڪ ٻئي جي تجربن ۽ رجحانن مان سکڻ جو موقعو ملي ٿو. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو…
وڌيڪ پڙھو -
صوبن ڏانهن اختيارن جي منتقلي جو عمل ڪنهن شخصيت يا اداري جي خلاف نه آهي، ان حوالي سان هڪ خاص "مائينڊ سيٽ ” سرگرم عمل آهي، ارڙهين ترميم تحت اختيارن جي صوبن ڏانهن منتقلي جو عمل جاري رهندو: رضا رباني
اسلام آباد – (اي پي پي) ارڙهين آئيني ترميم تي عملدرآمد لاءِ جوڙيل ڪميشن جي سربراهه بين الصوبائي رابطن جي وفاقي وزير سينيٽر ميان رضا رباني چيو آهي ته صوبن ڏانهن اختيارن جي منتقلي جو عمل ڪنهن شخصيت يا اداري جي خلاف نه آهي، ان حوالي سان هڪ خاص "مائينڊ سيٽ ” سرگرم عمل آهي، ارڙهين ترميم تحت اختيارن جي صوبن ڏانهن منتقلي جو عمل جاري رهندو، ايڇ اي سي جي صوبن ڏانهن منتقلي سان پرڏيهي امداد ۽ وظيفن تي ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وارن جي تعليم متاثر نه ٿيندي، ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ميان رضا رباني چيو ته جون تائين ٽئين مرحلي تحت صوبن کي وزارتن جي منتقلي جو عمل به مڪمل ڪيو ويندو، ڇو ته ارڙهين آئيني ترميم تحت جيڪي وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻون آهن اهي هر صورت ۾ ٿينديون، هن چيو ته هڪ خاص "مائينڊ سيٽ” اختيارن جي منتقلي خلاف آهي، اهڙن ماڻهن جو پهرين چوڻ هو ته ارڙهين ترميمي منظور نه ٿي سگهندي، جڏهن هي معاملو پڄاڻي تي پهتو ته چيو پيو وڃي ته اختيارن جي صوبن ڏانهن منتقلي سان ادارا تباهه ٿي ويندا، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي حوالي سان هن چيو ته ايڇ اي سي جي انتظاميه کي چيو…
وڌيڪ پڙھو -
چين پاران پاڪستان کي پن ۽ هوائي بجلي جي فروغ ۽ بجلي جي فراهمي جي موجوده نظام کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ مالي ۽ فني تعاون، بجلي جي کوٽ جي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ مدد جي آڇ
اسلام آباد (اي پي پي) چين پاڪستان کي پن ۽ هوائي بجلي جي فروغ ۽ بجلي جي فراهمي جي موجوده نظام کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ مالي ۽ فني تعاون ۽ پاڪستان ۾ بجلي جي کوٽ جي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ مدد جي آڇ ڪئي آهي، اها آڇ چين جي ٿري گارجز پراجيڪٽ ڪارپوريشن جي چيئرمين ڪائو گوانگ جنگ اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ بريفنگ دوران ڏني. ڪارپوريشن بلٽ آپريٽ ٽرانسفر جي بنياد تي گهڻ مقصدي هائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبو تيار ڪرڻ جي به آڇ ڪئي آهي. صدر جي ترجمان فرحت الله بابر ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته ٿري گارجز پراجيڪٽ ڪارپوريشن اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ گهڻ مقصدو هائيڊرو ونڊ پاور منصوبي ۾ شريڪ آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪروٽ، تونسه، ڪوهالا ۽ بونجي جا پن بجلي منصوبا شامل آهن. هن ٻڌايو ته 720 ميگاواٽ جي ڪروٽ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور پراجيڪٽ لاءِ دلچسپي ظاهر ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته منصوبي جي فزيبلٽي جي به منظوري ڏني وئي آهي ۽ منصوبو هن وقت ٽيرف پٽيشن جي مرحلي تي آهي. ترجمان چيو ته 120 ميگاواٽ جي تونسه پن منصوبي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿي ويون آهن، جڏهن ته جوائنٽ ڊولپمينٽ جي…
وڌيڪ پڙھو -
صدر آصف علي زرداري پاران مشهور تعليمي ماهر، دانشور ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مشهور تعليمي ماهر، دانشور ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي ان کي قوم لاءِ هڪ عظيم نقصان قرار ڏنو آهي، مرحوم کي خراج تحسين پيش ڪندي صدر چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙي اعليٰ درجي جي شخصيت ۽ دانشور نسلن ۾ هڪ دفعو پيدا ٿيندي آهي، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونيئرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.
وڌيڪ پڙھو -
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آمريت خلاف احتجاج جي صدا بلند ڪئي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جو رستو هموار ڪيو: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني
اسلام آباد : وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آمريت خلاف احتجاج جي صدا بلند ڪئي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جو رستو هموار ڪيو، عظيم اڳواڻ جي ورسي جي موقعي تي جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي حقن جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ڪريون ٿا، پاڪستان کي هڪ اعتدال پسند، ترقي پسند ۽ خوشحال ملڪ بڻائينداسين، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 32 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اڄ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي آهي، 1979ع ۾ اڄ جي ڏينهن تي هن راولپنڊي جيل ۾ شهادت جو جام پيتو، پر آمريت جي آڏو ڪنڌ نه جهڪايو، هن اصول پسندي، عوام دوستي ۽ قومپرستي جي جيڪو شاندار مثال قائم ڪيو اهو هاڻي ملڪ جي عوام لاءِ نه پر سڄي دنيا جي جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند عوام جي لاءِ راهه مشعل جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي غير معمولي ذهانيت، اڻ ڳڻين صلاحيتن، ترقي پسنداڻي طرز احساس ۽ فعال سفارتڪاري سان عالمي سطح تي هڪ اهڙو نقش چٽيو جو جيڪو تاريخ…
وڌيڪ پڙھو -
شوڪت عزيز ڪنهن کي به ياد نه آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هر ڳالهه عوام کي ياد آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريب عوام کي پاسپورٽ ڏئي ٻاهرين ملڪن موڪليو، حڪومت هلائڻ ٽينڪوريٽ جي وس جي ڳالهه نه آهي انهن کي غريبن جي جهڳي جي خبر نه آهي: صدر آصف علي زردار
ڳڙهي خدابخش : صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شوڪت عزيز کي ڪو به ياد نه پيو ڪري پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هر ڳالهه عوام کي ياد آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريب عوام کي پاسپورٽ ڏئي ٻاهرين ملڪن موڪليو جنهن جي ڪري اڄ 11 ارب روپين جو پرڏيهي ناڻو اچي رهيو آهي، حڪومت هلائڻ ٽينڪوريٽ جي وس جي ڳالهه نه آهي انهن کي غريبن جي جهڳي جي خبر نه آهي، معيشتدان غريبن کي سمجهي نٿا سگهن، اسان پنجن سالن ۽ ووٽ وٺڻ خاطر نه پر عوام جي خدمت عبادت سمجهي ڪري رهيا آهيون، ڪالهه هتي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لائيو اسٽاڪ انشورنس اسڪيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته هي اسان جو ڪارنامو ناهي، نه ئي فرزانه راجا جو ڪرشمو آهي پر هي ان شخصيت جو ڪرشمو آهي جنهن کي پاڪستان جو عوام اڄ به 32 سالن کانپوءِ به سندس نالي تي ووٽ ڏئي ٿو، هن چيو ته اسان جڏهن بي آءِ ايس پي پروگرام شروع ڪيو هو ته سڀني چيو ته هي ڪهڙو مذاق آهي پر اڄ ڪلهه هن پروگرام کي سڄي دنيا تسليم ڪيو آهي ۽ ان کي اختيار به ڪيو آهي، هن چيو ته مون فرزانه…
وڌيڪ پڙھو -
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران صدر آصف علي زرداري جي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب
اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب جي موقعي تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، ان موقعي تي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن، عام مهمانن ۽ وزيٽرز کي پاسون جاري نه ٿينديون، پارليامينٽ جي داخلي رستن تي رش گهٽ ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ لاجز کان پارليامينٽ هائوس تائين خصوصي شٽل سروس هلائي ويندي، جيڪا ميمبرن کي پارليامينٽ هائوس تائين آڻيندي، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ترجمان مطابق صدر آصف علي زرداري جي 22 مارچ تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب جي موقعي تي خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي سڀني سيڪيورٽي ادارن کي سخت ترين حفاظتي قدم کڻڻ جي هدايت ڏني وئي آهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس افتخار محمد چوڌري، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اشفاق پرويز ڪياني، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ميان نواز شريف، جماعت اسلامي جي امير سيد منور حسن، پختونخواه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي سميت هٿياربندن فوجن جي سربراهن، آزاد ڪشمير جي صدر، وزيراعظم، گلگت بلتستان جي گورنر ۽ وزيراعلي، چئني صوبن جي گورنرن، وڏن وزيرن، آئيني ادارن جي سربراهن، وفاقي سيڪريٽرين، چئني صوبائي ۽ گلگت بلتستان…
وڌيڪ پڙھو -
اتحادي پارٽين جو احترام ڪريون ٿا، ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کنيا ويندا: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي مفاهمت تي يقين رکي ٿي ۽ سمورين اتحادي پارٽين جو تمام گهڻو احترام ڪريون ٿا، ايم ڪيو ايم جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ مناسب قدم کنيا ويندا. هن اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن ڊاڪٽر فاروق ستار جي اڳواڻي ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيندي چئي. وفد ۾ سينيٽر بابر غوري، سيد حيدر عباس رضوي، عادل صديقي ۽ رضا هارون شامل هئا. ان موقعي تي گهرو وزير رحمان ملڪ، قانون ۽ پارلياماني معاملن جو وفاقي وزير ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ صدر جو ترجمان فرحت الله بابر به موجود هئا. ملاقات دوران سنڌ ۾ اتحادي معاملن ۽ ايم ڪيو ايم بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هڪ ڪلاڪ جاري رهندڙ ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ايم ڪيو ايم وفد پنهنجي ڳڻتي جي معاملن کي صدر آصف علي زرداري تي ڇڏيندي چيو آهي ته کين صدر آصف علي زرداري تي ڀرپور اعتماد آهي.
وڌيڪ پڙھو -
صدر آصف علي زرداري پاران ڪوهاٽ ۾ حجم جي دڪان تي خودڪش حملي جي سخت مذمت
اسلام آباد – (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوهاٽ ۾ حجم جي دڪان تي خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. اربع ڏينهن پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ صدر انهي بزدلاڻي ڪارروائي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙي قسم جي ڪاررواين سان دهشتگردي خلاف حڪومتي عزم کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي. صدر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي دهشتگردي جي اهڙن واقعن جي روڪٿام ۽ عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻن.
وڌيڪ پڙھو