اسلام آباد

  • رينجرز جي ھٿان نوجوان جو قتل، سپريم ڪورٽ ۾ سماعت جاري

    سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ رينجرز جي ھٿان نوجوان جي قتل جي ازخود نوٽس جي سماعت شروع ٿي ويئي آھي. عدالت عظميٰ جي لارجر بينچ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراھي ۾ ڪيس جي سماعت ڪري رھي آھي. سماعت جي دوران سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ رينجرز جي مقرري جو نوٽيفيڪيشن گھرائي ورتو. چيف جسٽس پڇيو ته رينجرز جو ڪراچي ۾ مقرري جو ڪھڙو مقصد آھي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته رينجرز کي ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو ھيو. تنھن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ھي ته الٽو ٿي رھيو آھي، روڪڻ جي بجاءِ ٽارگيٽ ڪلنگ جاري آھي. ان موقعي تي گھرو وفاقي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته رينجرز تي انتظامي ڪنٽرول ته وفاق جو آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • پاڪستان جاپان سان پنهنجن خوشگوار لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انڊس هاءِ وي سميت مختلف وڏا منصوبا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي تعاون جا مثال آهن: صدر آصف علي زرداري

    صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان پنهنجن خوشگوار لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انڊس هاءِ وي سميت مختلف وڏا منصوبا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي تعاون جا مثال آهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه خميس ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ جاپان جي نائب پرڏيهي وزير ڪورو بيشو سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ جاپان جو سفير هيروشي ۽ ٻيا جاپاني عملدار به موجود هئا، جڏهن ته صدر جي مدد سيڪريٽري جنرل سلمان فاروقي، پرڏيهي سيڪريٽري سلمان بشير، جاپان ۾ پاڪستان جي سفير نور محمد جدماني ۽ صدارتي ترجمان فرحت الله بابر ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس، فوجي امداد عام ماڻهو لاءِ استعمال ڪرڻ جي سفارش، منفي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي:پاڪ فوج

    ) آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني حڪومت کي فوجي امداد کي عام ماڻهو جي معيشت جي بهتري لاءِ استعمال ڪيو وڃي، پاڪستان لاءِ عسڪري بجاءِ اقتصادي امداد وڌيڪ ضروري آهي، اتر وزيرستان ۾ آپريشن جي حوالي سان پاڪ فوج جامع سوچ ويچار ڪري رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه 139هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جي صدارت ڪندي ڪيو، آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل بيان موجب ڪور ڪمانڊرڪانفرنس ۾ اندروني سيڪيورٽي، دهشتگردي خلاف ڪارروائين جي معاملن، آمريڪا سان فوجي لاڳاپن، رابطن ۽ ميڊيا جي ڪردار تي به بريفنگ ڏني وئي، آءِ ايس پي آر موجب آمريڪا سان لاڳاپن ۾ عوامي خواهشن کي نظر ۾ رکيو ويندو، ايبٽ آباد آپريشن ۽ پارلياماني قرارداد جي روشني ۾ آمريڪا سان لاڳاپن جو نئين سر جائزو ورتو ويندو

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪلفٽن ۾ رينجرز هٿان نوجوان مارجڻ تي سڄي قوم کي ڳڻتي آهي، واقعي جي جاچ جي پاڻ نگراني ڪندس: گيلاني

    وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڪراچي ۾ رينجرز اهلڪارن هٿان نوجوان مارجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو ذاتي طور تي ان معاملي تي ٿيندڙ جاچ جي نگراني ڪندو ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، تنهن هوندي به هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنهن به قسم جي واقعي تي ردعمل جو اظهار اخلاق جي دائري اندر رهي ڪيو وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ڌمڪيون ملي رهيون آهن، هاڻي گاڏيءَ سان حادثو ڪرڻ رهجي ويو آهي: عاصمه جهانگير

    سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عاصمه جهانگير چيو آهي ته مون کي مسلسل ڌمڪيون ملي رهيون آهن، هاڻي رڳو گاڏي سان حادثو پڻ رهجي ويو آهي. احتساب رڳو سياستدانن ۽ عام ماڻهن جو نه ٿيڻ گهرجي. فوج ۽ ڳجهن ادارن جو به احتساب ڪيو وڃي. هن اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته فوجي جنرلن بينظير ڀٽو کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو هو، جيڪڏهن فيض، باچا خان ۽ ٻين محب وطن ماڻهن کي غدار قرار ڏنو ويو. جيڪڏهن اهي غدار آهن ته هوءَ به غدار آهي. هن چيو ته احتساب سياستدانن سان گڏ فوج ۽ ڳجهن ادارن جو به ٿيڻ گهرجي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ھٿيارن جي زور تي شريعت لاڳو نٿي ڪري سگهجي:فضل الرحمان

    جي يو اءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستاني عالمن آپگهاتي حملن کي جائز قرار ناهي ڏنو. اسان غير آئيني هٿياربند جدوجهد خلاف آهيون. هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته هٿيارن جي زور تي شريعت کي لاڳو نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته هٿيارن جي زور تي شريعت جو مطالبو ڪرڻ درست ناهي. ملڪي صفن ۾ پرڏيهي قوتون خطرو بڻجي رهيون آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي جمهوري قوت ايتري مستحڪم ناهي. ملڪ ۾ هٿياربند جدوجهد خطرناڪ ثابت ٿيندي.

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ ۽ پنجاب زرعي ٽيڪس لڳائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

    سنڌ ۽ پنجاب زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته صوبن مطالبو ڪيو آهي ته سندن آمدني جا انگ اکر پڌرا ڪيا وڃن،دفاع جي خاص ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختون خواهه جي ناڻي وارين وزيرن ، سيڪريٽرن ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ذوالفقار کوسا شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ملڪ ۾زعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو جنهن جي سنڌ ۽ پنجاب سخت مخالفت ڪئي اجلاس ۾ سروسز تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ ۽ آزاد واپار جي معاهدي جي فوري ضرورت آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني

    وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان جي ترجيح واپار آهي امداد نه آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ ۽ گهٽ ترقي يافته ۽ عسڪريت پسندي سبب متاثر علائقن ۾ غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آزاد واپار جي معاهدي جي فوري ضرورت آهي، پاڪستان ۾ آمريڪا جي موجودگي امن ۽ خوشحالي جو ذريعو هجڻ گهرجي. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ڊوگ ليم بارن جي قيادت ۾ آمريڪي ڪانگريس جي هڪ وفد سان ڳالهائي هريو هو، جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن ۾ هڪ ٻئي جي باري ۾ مثبت پيغام رسائي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪجهه واقعن سان آمريڪا ۾ پاڪستان جي باري ۾ منفي تاثر پيدا ٿيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • مولانا عبدالغفور حيدري سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر چونڊجي ويو، نواز ليگ ۽ جماعت اسلامي جو شديد احتجاج، هنگامو

    سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي چونڊن ۾ جي يو آءِ (ف) جو مولانا عبدالغفور حيدري 19 ووٽ کڻي اپوزيشن ليڊر چونڊجي ويو آهي. جڏهن ته نواز ليگ جي اسحاق ڊار کي 15 ووٽ مليا. ڪالهه سينيٽ جو اجلاس چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿي، جنهن ۾ جي يو آءِ جي سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري کي 19 ووٽ مليا، کيس جي يو آءِ (ف) جي 12 سينيٽرن، فاٽا جي 5 سينيٽرن عبدالرشيد، اويس، حاجي خان، انجنيئر رشيد ۽ عباس خان آفريدي ۽ بلوچستان جي 2 آزاد سينيٽرن عبدالقادر مگسي ۽ ولي محمد ووٽ ڏنا. جڏهن ته نواز ليگ جي اسحاق ڊار کي نواز ليگ جي 7، جماعت اسلامي جي 3، نيشنل پارٽي جي 2 ۽ خيبرپختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي هڪ سينيٽر ووٽ ڏنو. کيس 15 ووٽ مليا، مولانا عبدالغفور حيدري جي اپوزيشن ليڊر چونڊجڻ کان پوءِ سينيٽ ۾ نواز ليگ جي ميمبرن شديد گوڙ ڪيو. ميمبرن سينيٽ فراڊ اليڪشن، سرڪاري چمچا نونو، گوگوگو، شيم شيم، جعلي نوٽيفڪيشن واپس وٺو جا نعرا هنيا

    وڌيڪ پڙھو
  • زرداري سنڌ ڪارڊ کيڏي پيو، عوام کيس ملڪي تباهي جو ٺيڪو ناهي ڏنو:چوڌري نثار

    قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پاران بجيٽ تي بحث شروع ڪيو ويو. ان دوران پ پ ۽ صدر آصف علي زرداري تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي. (ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ليڊر چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته بجيٽ ۾ تعريف لائق ڪا به ڳالهه شامل ناهي. بجيٽ ۾ عوام کي ڪجهه به ناهي ڏنو ويو، ڪجهه قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي تنقيد ڪندي چوڌري نثار علي خان چيو ته بجيٽ لاءِ (ن) ليگ جي هڪ به تجويز تي عمل ناهي ڪيو ويو. ايوان ۾ تاڙيون وڄائڻ وارن جي اڪثريت آهي پر اسان بجيٽ کي جيئن جو تيئن قبول نه ڪنداسين. بجيٽ ۾ سروسز سيڪٽر ۽ زراعت جا شعبا زوال جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ مهانگائي ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال بجيٽ جا هدف گهٽ آهن، گذريل سال حڪمرانن 614 ارب روپين جا قرض ورتا، جيڪي هڙپ ڪيا ويا

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button