پرڏيھي خبرون
-
ممبئي جهڙو حملو ٿيو ته ان جو ڀرپور جواب ڏينداسين: ڀارت
ڀارت هڪ دفعو ٻيهر ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ موجود عسڪريت پسندن ڀارت تي ممبئي جهڙو ڪوئي ٻيو حملو ڪيو ته ڀارت خاموش نه ويهندو ۽ ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو اسان پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه جي ذريعي انهن دهشتگردن جو خاتمو چاهيون ٿا جيڪي نه صرف ڀارت پر خود پاڪستان لاءِ به وڏو خطرو آهن ڀارتي دفاع واري وزير مملڪت ايم ايم پالم راجو گذريل ڏينهن هتي هڪ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ موجود دهشتگردن ڪوئي ٻيو حملو ڪيو ته ڀارت جوابي ڪارروائي لاءِ دٻاءُ وڌي ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ مئچ جمعي تي ٿيندي
لنڊن: انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽن ڪرڪيٽ ٽيسٽ مئچن تي مشتمل سيريز جي ٻي ٽيسٽ 3 جون کان لنڊن جي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ تي شروع ٿيندي. انگلينڊ کي سريلنڪا خلاف سيريز ۾ 0-1 تان برتري حاصل آهي. ميزبان ٽيم 26 کان 30 مئي تائين ڪارڊف ۾ کيڏيل پهرين ڪرڪيٽ ٽيسٽ مئچ ۾ هڪ اننگز 14 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن مئچن جي سيريز ۾ 0-1 تان برتري حاصل ڪئي هئي. انگلينڊ ٽيم جي ڪپتان ايندريو اسٽراس چيو آهي ته هو سريلنڪن ٽيم خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ ڪاميابي تي تمام گهڻو خوش آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اينڊريو اسٽراس چيو آهي ته سندس ٽيم مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ سريلنڪن ٽيم کي ٻئي ٽيسٽ مئچ ۾ شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪندي.
وڌيڪ پڙھو -
آمريڪا اسامه بن لادن جي تصوير جاري نه ٿيندي: اوباما
آمريڪي صدربراڪ اوباما چيو آھي ته اسامه بن لادن جي تصوير جاري نه ڪئي ويندي ڇوته تصويرون ماڻھن جي جذبات کي ڀڙڪائي سگھن ٿيون ۽ اھي اھڙي قسم جي مواد جي ٽرافي جي طور تي نمائش نه ٿيڻ گھرجي
وڌيڪ پڙھو