مختصر خبرون
-
سنڌ جي نالي واري اديب عبدالجبار جوڻيجو جي وفات تي ڏک جو اظھار
سنڌ جي نالي واري اديب عبدالجبار جوڻيجو جي وفات تي روهڙي جي شاعرن ۽ اديبن شمس صابر، جاويد بلوچ، پرويز شمس ۽ ٻين سنڌ جي ناليواري اديب عبدالجبار جوڻيجو جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي دعا گهري آهي الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر ڪرڻ جي تلقين عطا فرمائي.
وڌيڪ پڙھو -
نساسڪ شهر ۾ صفائي سٿرائي ۽ پاڻي جي سپلاءِ توڙي سيوريج سرشتي کي بهتر بنائڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي: فياض احمد ميمڻ
تعلقه ميونسپل ايڊمسٽريشن سکر سٽي جي ايڊمسٽريٽر فياض احمد ميمڻ ڪالهه سکر شهر جو دورو ڪندي شهر اندر صفائي جو جائزو ورتو ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته نساسڪ شهر ۾ صفائي سٿرائي ۽ پاڻي جي سپلاءِ توڙي سيوريج سرشتي کي بهتر بنائڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي جيڪڏهن هو پنهنجي نگراني ۾ شهر مان صفائي نه ڪرائي ها ته گند جا ڍير نظر اچن ها ان ڏس ۾ نساسڪ آفيسرن کي خط به لکيا ويا آهن ته هو شهرين جي مفاد لاءِ پهتر انداز ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائين جيئن عوام کي تڪليف جو منهن ڏسٽو نه پوي
وڌيڪ پڙھو -
سکر پوليس پاران 2 1 سالن جي نينگر فياض جانوري سميت 4 ڄڻن کي مبينه طور ڌاڙيل قرار ڏئي مارڻ کان پوءِ وارثن جو احتجاج جاري
سکر پوليس پاران ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي شير جانوري ۾ 2 1 سالن جي نينگر فياض جانوري سميت 4 ڄڻن کي مبينه طور ڌاڙيل قرار ڏئي مارڻ کان پوءِ جانوري برادري جي عورتن ۽ مردن قرآن پاڪ کڻي انصاف لاءَ ڪالهه ٻئي ڏينهن به سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ٻاهران احتجاج ڪيو.جنهن دوران ٽريفڪ معطل ٿي وئي پوليس کين عدالت اندر وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ان موقعي تي مقتولن جون وارث عورتون ۽ مردن الزام لڳائيندي پوليس کي قتل جو ذميوار قرار ڏيندي سندن خلاف ايڪشن کڻڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا هنن چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته هو پوليس جي ان وحشياڻي ڪاروائي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن.
وڌيڪ پڙھو -
حيدرآباد جي سال 2005 کان اڳ واري حيثيت ۾ بحالي سان عام ماڻهن کي نقصان نه پر فائدو پهچندو: ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد
ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد آصف علي ميمڻ ضلعي جي سمورن سب ڊويزنل مئجسٽريٽن ، تعلقي ايڊمنسٽريٽرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو حڪومت پاران ڪمشنري نظام جي بحالي بعد ماڻهن کي بهترخدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائين ته جيئن عوام کي ڪمشنري نظام ذريعي وڌ کان وڌ فائدو پهچڻ سميت کين گهربل سهولتون پڻ مهيا ٿي سگهن . اهڙي هدايت هن اڄ شهباز هال حيدرآباد ۾ حڪومت پاران تازو صوبي ۾ بحال ڪيل ڪمشنري نظام جي سلسلي ۾ حيدرآباد ضلعي جي مختلف کاتن جي عملدارن جي سڏايل هڪ تعارفي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪئي. ان موقعي تي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي موجوده حڪومت پاران بحال ٿيل ڪمشنري نظام جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي پهرين ڊپٽي ڪمشنر آصف علي ميمڻ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو روزاني جي بنياد تي هنگامي بنيادن تي ٿيندڙ خرچن لاءِ انگ اکر فراهم ڪن ته جيئن ضلعن جي ڀڃ ڊاهه ۽ نئين سرجوڙجڪ ۾ ڪا پريشاني پيش نه اچي
وڌيڪ پڙھو -
انجنيئر عبدالعليم خانزاده راجپوت لاءِ تعليمي بورڊ حيدرآباد جي چيئرمين جي عهدي جو چارج سنڀالي ورتو
حيدرآباد: تعليمي بورڊ حيدرآباد جي هڪ نوٽيفڪيشن موجب مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي بي پي ايس 20 جي آفيسر انجنيئر عبدالعليم خانزاده راجپوت، ڊيپيوٽيشن جي بنياد تي ٽن سالن واري عرصي لاءِ تعليمي بورڊ حيدرآباد جي چيئرمين جي عهدي جو چارج سنڀالي ورتو آهي. سندس آفيس جو فون نمبر 0229260271 آهي.
وڌيڪ پڙھو -
سکر ۾ پوليس جي ڪاروائي، ھڪ ڦور زخمي ٻه فرار
سکر(بيورورپورٽ)سکر جي علاقي واريٽر ۾ 3 هٿياربدن محمد يوسف شيخ جي گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي 4 تولا سونا زيور،0 5 هزار روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته پاڙي وارن ترت ئي پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن پهچي ڪاروائي ڪندي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦوري درمحمد مهر کيزخمي حالت ۾ گرفتار ڪري کائنس ٽي ٽي پسٽل برآمد ڪري جڏهن ته ٻه ڦورو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
وڌيڪ پڙھو -
سکر ۾ پ پ پ طرفان ڪمشنري نظام جي بحالي حمايت ۾ ريلي
سکر(بيورو رپورٽ) پ پ پ سکر سٽي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد مغل جي اڳواڻي پپلز پارٽي جي ڪارڪنن سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي جي حمايت ۾سکر جي ڦوهاري چوڪ کان سعيد سرهندي روڊ تائين ريلي ڪڍي مٺايون ورهايون جن ۾ يوسير جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري نعرا هنيا.
وڌيڪ پڙھو -
جيئي سنڌ محاذ پاران ڪراچي ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ٺٽو ۾ مظاھرو
جيئي سنڌ محاذ پاران ڪراچي ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ۽ بيگناهه شهرين جي قتلام توڙي ڌارين جي آبد ڪاري خلاف ضلعي ٺٽي جي صدر محبوب ميمڻ، جنرل سيڪريٽري نعمان علي شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺٽو ۾احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ هڪدم قتل عام بند ڪري دهشتگردي جي وارداتن ۾ ملوث دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
وڌيڪ پڙھو