مختصر خبرون

  • حيدرآباد جيل جو 60 سالن جو پڪو قيدي فتح محمد ولد حاجي ابراهيم ڪيهر دل جي دوري پوڻ سبب فوت ٿي ويو

    سپرنٽينڊنٽ سينٽرل جيل حيدرآباد پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حيدرآباد جيل جو 60 سالن جو پڪو قيدي فتح محمد ولد حاجي ابراهيم ڪيهر دل جي دوري پوڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب فتح محمد کي دل ۾ تڪليف سبب گذريل رات 9 وڳي سول اسپتال حيدرآباد ۾ منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو _ پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته فتح محمد کي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٽندو آدم ڦاهي جي سزا ٻڌائي مٿس 3 لک رپين جو ڏنڊ وڌو هو. جڏهن ته کيس 8 مئي 2007 تي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ آندو ويو هو.

    وڌيڪ پڙھو
  • تر ڪرڻ دوران 9 سالن جو نينگر فوت،گهر ۾ ڪهرام

    سکر(بيورورپورٽ) سکر ۾ دوستن سان سنڌو درياهه ۾ تر ڪرڻ دوران 9 سالن جو نينگر فوت،گهر ۾ ڪهرام خبر موجب ڪالهه صبح سکر جي مڪراڻي مسجد بندر روڊ جو رهواسي 9 سالن جو نينگر ڪريم الله پٽ ڪرامت علي صديقي دوستن سا لب مهراڻ وڃڻ بعد سنڌو درياهه ۾ تڙ ڪرڻ لاءِ لٿو ته هو اوچتو ٻڏي ويو سندس لاش نه ملڻ سبب ان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • نوجوان پاڻ مٿان بندوق جا فائر ڪري زخمي ڪري ڇڏيو

    سکر(بيورورپورٽ) خيرپور لڳ اڀڙي جي نوجوان محمد نواب بگٽي سهرن پاران سندس ڳورهاري گهر واري کي گهر نه ڇڏڻ تي دلبرداشتا ٿي پاڻ مٿان بندوق جا فائر ڪري زخمي ڪري ڇڌيو کيس سکر سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • سکرسيشن ڪورٽ ڏانهن ويندڙ پوليس اهلڪار کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو

    سکرسيشن ڪورٽ ڏانهن ويندڙ پوليس اهلڪار کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، هٿيار بند فرار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. خبر موجب سومر ڏينهن سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد شا ليمار روڊ تي سيشن ڪورٽ ڏانهن ويندڙ پوليس اهلڪار رحيم بخش ڪورائي تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪو نه ٿي سگهيو آهي. جنهن جي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر ۾ نيو ويو آهي.مقتول ڪورٽ جا نوٽيس پهچائڻ جو ڪم ڪندو هو ۽ هو معمول موجب ڪورٽ ڏانهن وڃي رهيو هو ته کيس قتل ڪيو ويو .

    وڌيڪ پڙھو
  • زاهد علي ڀرڳڙي جي ڀاءُ جو ٽيجوٽيجھو اڄ ٿيندو

    حيدرآباد: پاڪستان پيپلزپارٽِي حيدرآباد جي صدر ۽ ماهيگيري واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي جي لاڏاڻو ڪري ويل ڀاءُ جو ٽيجو 19 جولاءِ 2011 اڱاري ڏينهن بعد نماز عصر ڪنٽونمينٽ پارڪ لڳ گورنمينٽ حيات گرلز ڪاليج صدر حيدرآباد ۾ ٿيندو.

    وڌيڪ پڙھو
  • سيد عامر شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو

    پ پ يوٿ سکر سٽي طرفان سيد عامر شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي نعري بازي ڪئي ان موقعي تي محمد پناهه سومرو،عرض محمد،قاضي عبدالسميع،۽ ٻين خطاب ڪيو ٻئي پاسي پ پ سکر سٽي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد مغل سيد عامر شاهه جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان جي قاتلن جي گرفتاري جي گهر ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • پيپلز امن ڪميٽيءَ خلاف جسقم ضلعي سکر جو احتجاجي مظاهرو

    سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ۽ پيپلز امن ڪميٽيءَ خلاف جسقم ضلعي سکر جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌي ماڻهن جو قتل ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪرڻ خلاف ۽ پيپلز امن ڪميٽيءَ جي غنڊن خلاف مظاهري ۾ گهر ڪئي ويئي ته حڪومت پيپلز امن ڪميٽيءَ جي غنڊن کي لغام ڏيئي نه ته تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو. ڀٽا روڊ سکر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف جسقم ضلعي سکر پاران مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ ضلعي جسقم صدر غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو، قمرالدين گهمرو، مظهر عباسي، جساف جي ياسين مهر، قيوم آصف ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • بيمار، لاچار، بي سهارا ۽ ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪرڻ سان خدا راضي ٿيندو آهي: حاجي محمد جاويد

    سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته بيمار، لاچار، بي سهارا ۽ ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪرڻ سان خدا راضي ٿيندو آهي ۽ دلي سڪون به ملندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيوپنڊ شاپ ڪيپرز ايسوسي ايشن جي صدر برڪت علي سولنگي، نائب صدر محمد فياض بٽ، جنرل سيڪريٽري سيد عرفان شاهه ۽ ٻين عهديدارن جي تعاون سان سائبان ويلفيئر ايسوسي ايشن پاران نيوپنڊ جي علائقي ۾ لڳايل هڪ ڏينهن واري فري ميڊيڪل ڪيمپ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي ڊي ايس پي سٽي سيد مشتاق شاهه، حاجي غلام شبير ڀٽو، حاجي شفيع عباسي، شريف ڏاڏا، عبدالرحيم سيٺي، عبدالستار راجپوت، پرويز چنه ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. طبي ڪئمپ ۾ ماهر ڊاڪٽرن ۽ ليڊي ڊاڪٽرياڻين شوگر، دل، بلڊ پريشر ۽ هيپائائيٽس جي 5 سئو کان وڌيڪ مريضن جو معائنو ڪيو ۽ انهن کي مفت دوائون فراهم ڪيو ويون.

    وڌيڪ پڙھو
  • ڊپٽي ڪمشنر مٺڙي لڳ محبت واهه کي پوندڙ گهاري جي جاءِ تي پهچي حالتن جو جائزو ورتو

    ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ڳوٺ مٺڙي لڳ محبت واهه کي پوندڙ گهاري جي جاءِ تي پهچي حالتن جو جائزو ورتو ان موقعي تي ڊي سي خيرپور آبپاشي کاتي جي عملي جي گهاري کي وقت سر بند نه ڪرڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو جڏهن ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙن ايس ڊي او شير محمد ويسر، داروغو مير محمد رِڏ ۽ سب انجنيئر شاهد علي کي معطل ڪرڻ لاءِ ايس اي آبپاشي کاتي ولي محمد نائچ کي هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي علائقي واسين ڊپٽي ڪمشنر جي اهڙي حُڪم جي واکاڻ ڪئي. جڏهن ته ڊي سي ڪمشنر آبپاشي کاتي جي اعلى عملدارن کي ضلعي اندر واهن ۾ پوندڙ امڪاني گهارن کي روڪڻ جي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششن وٺڻ جون هدايتون جاري ڪيون

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪمشنري نظام جي بحالي کان اڳ شروع ڪيل ضلعي حيدرآباد ۾ سمورن ترقياتي منصوبن کي جاري رکيو ويندو: آصف علي ميمڻ

    :ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد آصف علي ميمڻ چيو آهي ته ڪمشنري نظام جي بحالي کان اڳ شروع ڪيل ضلعي حيدرآباد ۾ سمورن ترقياتي منصوبن کي جاري رکيو ويندو ۽ قاسم آباد سميت حيدرآباد ضلعي جي هر تعلقي ۾ وڌ کان وڌ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا ته جيئن شهرين کي گهربل سهولتون مهيا ٿي سگهن. اها ڳالهه هن اڄ قاسم آباد لڳ واڌو واهه جو جائزو وٺڻ دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي . هن چيو ته چوماسي جي برساتن کان اڳ واڌو واهه مان گندي پاڻي کي نيڪال ڪري ان جي تاريخي حيثيت کي بحال ڪيو ويندو جڏهن ته رهواسين کي پاڻي جي نيڪال جو متبادل نظام پڻ فراهم ڪيو ويندو. هن عوام تي زور ڀريو ته هو شهر جي ترقياتي ڪمن جي سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه سان ڀرپور سهڪار ڪن. هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد شهر خاص طور تي قاسم آباد کي خوبصورت بنائڻ ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button