مختصر خبرون

  • آل ٺٽو آئي بي اي ٽيچرز ايڪشن ڪميٽي پاران ٺٽو ۾ احتجاجي مظاهرو

    آل ٺٽو آئي بي اي ٽيچرز ايڪشن ڪميٽي پاران ٺٽو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي سوين استادن سخت نعريبازي ڪندي حڪومت کان کين مستقل پڪو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي اڳواڻن محمد علي شر، جلال شورو ، جبار زنئور ۽ پ ٽ الف اڳواڻ اقبال بلوچ خطاب ڪندي چيوته هو ٽن سالن کان ٻارڙن کي تعليم ڏيئي رهيا آهن پر کين هن مهل تائين پڪو ڪري مستقل ناهي ڪيو ويو هنن مطالبو ڪندي چيو ته آئي بي اي استادن کي پڪو ڪرڻ جو جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪري استادن ۾ پکڙيل بيچيني جو خامتو آندو وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • نساسڪ پاران شهرين کي پاڻي جي کوٽ جي تڪليف کان بچائڻ لاءِ 6 2 واٽر ٽينڪرز روزانو 5 8 ڦيرن ذريعي متاثر علائقن جي مختلف هنڌن تي پاڻي فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو: غلام علي لغاري

    سکر شهر جي پنج علائقن ۾ 0 4 سال پراڻي واٽر سپلاءِ لائين تبديل ٿيڻ سبب نارٿ سنڌ اربن سروسز ڪارپوريشن (نساسڪ) متبادل انتظام ڪندي متاثر علائقن ۾ ٽينڪرز ذريعي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو انتظام سکر ۾ نمائش واٽر ورڪس فيز ٿري کان نمائش چوڪي تائين 0 2 انچ جي واٽر سپلاءِ پائپ لائين تبديل ڪرڻ سبب ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ نساسڪ ترجمان غلام علي لغاري چيو آهي ته مٿي ڄاڻايل تعميراتي ڪم ڪرڻ سبب شهر جي پراڻو سکر، نيو پنڊ، قريشي ڳوٺ، آئوٽر سگنل وارن علائقن ۾ واٽر سپلاءِ جي فراهمي هڪ هفتي تائين بند رهندي ۽ پائيپ لائين تبديل ٿيندي ئي پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي ويندي. ترجمان چيو آهي ته نساسڪ پاران شهرين کي پاڻي جي کوٽ جي تڪليف کان بچائڻ لاءِ 6 2 واٽر ٽينڪرز روزانو 5 8 ڦيرن ذريعي متاثر علائقن جي مختلف هنڌن تي پاڻي فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • سکر جي اسلاميا ڪاليج جي ايراضي تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ ترقي پسند اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان احتجاجي مظاھرو

    سکر جي اسلاميا ڪاليج جي ايراضي تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ ترقي پسند اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪارڪنن عرفان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي حڪومت کان قبضن جي خاتمي ۽ شاگردن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو مظاهري کي يامين ميراڻي،طارق وڌيو،فرحان شيخ،هوش محمد ڪٽوهر،آصف ملڪ ۽ ٻين خطاب ڪندي چتاءَ ڏنو ته جيڪڏهن سرڪار نوٽيس نه ورتو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

    وڌيڪ پڙھو
  • قومپرستن جي قول ۽ فعل جي ڪري ئي کين موٽ ناهي ملي رهي: جي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محموسومرو

    سکر(بيورورپورٽ) جي يو آءِ جي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محموسومرو پاران جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر سرڪي طرفان ديني مدرسن ۽ عالمن خلاف غلط زبان استعمال ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته قومپرستن جي قول ۽ فعل جي ڪري ئي کين موٽ ناهي ملي رهي هيئر ڊاڪٽر صفدر سرڪي پنهنجي غريبان ۾ جهاتي پائي ڏسي ته هو ڪنهن جو ايجنٽ ٿي ڪم ڪري رهيو آهي اسان ديني جماعتن خلاد اهڙي زبان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسون.

    وڌيڪ پڙھو
  • حڪمرانن کي ملڪ جي غريب عوام سان ٿيندڙ زيادتين جي ڪا به پرواهه ناهي بلڪه هو رڳو پنهنجي حڪومت بچائڻ جي چڪر ۾ آهن

    سکر جي آل پارٽيز ڪائوسنل پاران بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافي ۽ سکر پاسپورٽ آفيس ۾ وڏي پئماني تي ٿيندڙ ڪرپشن خلاف 7 2 جولاءِ تي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي مولانا عبيدالله ڀٽو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ چيو ويو ته حڪمرانن کي ملڪ جي غريب عوام سان ٿيندڙ زيادتين جي ڪا به پرواهه ناهي بلڪه هو رڳو پنهنجي حڪومت بچائڻ جي چڪر ۾ آهن بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام سخت پريشاني جو شڪار بڻجي ويو آهي حڪمران هوش کان ڪم وٺي تدارڪ ڪن ٻي صورت ۾ عوام کين معاف نه ڪندو ۽ وقت اچڻ تي سخت احتساب ڪندو اجلاس ۾ الله داد بوزدار،ظفر اقبال آرائين،عبدالحق مهر،لالا سهيل پٺاڻ ،جاويد جتوئي،نصير گوپانگ،منور ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪندي فيصلو ڪيو ته سکر پاسپورٽ آفيس خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين.

    وڌيڪ پڙھو
  • صحافي ملڪ منور جي اغوا بعد سندس بازيابي لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو صحافين صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو

    ڪراچي جي صحافي ملڪ منور جي اغوا بعد سندس بازيابي لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو صحافين صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي زمان باجوا،عمر سومرو،پرويز خان،رضوان صديقي ،فريد سومرو ۽ ٻين چيو ته وڏي افسوس جو مقام آهي ته سنڌ جي گادي واري شهر ۾ صحافين سان ٿيندڙ زيادتين جو حڪومت نوٽيس نه پئي وٺي جنهن جو واضع ثبوت صحافي جو اڃان تائين بازياب نه ڪرائڻ آهي لڳي ٿو ته حڪومت دهشتگردن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام پڻجي سندن آڏو بي وس بڻجي وئي آهي هنن اعلي عدالت ۽ سند هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي فوري نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • آءِ جي جي پروٽوڪول ڊيوٽي ڏيندر هڪ ٽريفڪ پوليس اهلڪار گرمي سبب ڦهڪو کائي هيٺ ڪري پيو

    سکر(بيورورپورٽ)سکر ۾ آءِ جي سنڌ واجد دارني جي سکر پوليس هيڊڪوارٽر ۾ درٻار کي خطاب ڪرڻ دوران پروٽوڪول ڊيوٽي ڏيندر هڪ ٽريفڪ پوليس اهلڪار گرمي سبب ڦهڪو کائي هيٺ ڪري پيو کيس چيلهه ۾ ڌڪ لڳڻ ۽ تڪليف وڌڻ ڪري اهلڪار مقامي اسپتال کڻائي ويا سندس نالو ڌڻي بخش ملڪ ٻڌايو پيو وڃي .

    وڌيڪ پڙھو
  • ريلوي پوليس کيسا ڪٽيندڙ کي سوگھو ڪري ورتو

    )ريلوي پوليس سکر گذريل ڏينهن ڪراچي ويندڙ عوام ايڪسپريس ۾ مسافرن جا کيسا ڪٽيندڙ هڪ جوابدار عبدالخالق پنهور کي گرفتار ڪري ان جي قبضي مان 7 2 هزار روپيا هٿ ڪري ورتا جڏهن ته انعام علي کي پوليس ان وقت گرفتار ڪري ورتو جڏهن هو ڪنهن واردات جي ارادي سان بيٺل هوکائنس هڪ ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • مرحوم محمد سعيد جي ياد ۾ هڪ تعزيتي ريفرنس اسٽيٽ لائيف بلڊنگ حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويو

    جنرل سيڪريٽري اسٽيٽ لائيف ايمپلائيز يونين حيدرآباد زون مرحوم محمد سعيد جي ياد ۾ هڪ تعزيتي ريفرنس اسٽيٽ لائيف بلڊنگ حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيٽ لائيف جي زونل سربراهه درمحمد بالادي، اسٽيٽ لائيف آفيسرز ايسوسيئيشن جي صدرحاجي خان بلوچ، اسٽيٽ لائيف فيلڊ ورڪرز ايسوسئيشن جي صدر مير حسن مغيري پنهنجي خطاب ۾ مرحوم محمد سعيد جي اسٽيٽ لائيف لاءِ ڪيل خدمتن تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته مرحوم اسٽيٽ لائيف ايمپلائيز جي هر دل عزيز شخصيت هو. هن چيو ته مرحوم هميشه ڏکويل ماڻهن جي خدمتن ۽ بي سهارا هولڊر خاص طور تي پوڙهن، ٻارن ۽ بيواهن

    وڌيڪ پڙھو
  • تيل ۽ گيس ڪمپني حيدرآباد طرفان ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن بابت هڪ گڏجاڻي

    تيل ۽ گيس ڪمپني حيدرآباد طرفان ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن بابت هڪ گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنرحيدرآباد جناب آصف علي ميمڻ جي صدارت ۾ ڊپٽي ڪمشنر هائوس حيدرآباد ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ او جي ڊي سي جي عملدارن سان گڏ صحت ۽ تعليم کاتي جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي _ گڏجاڻي ۾ او جي ڊي سي جي سهڪار سان پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سيمت تعليم جي شعبن لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو .گڏجاڻي ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت مرڪز سيري ، گورنمينٽ ڊسپينسري اميد علي رند ، گورنمينٽ ڊسپينسري ڏاڙهون پنهور کي فعال بنائڻ سان گڏوگڏ ٽنڊومحمد خان ۽ ٽندو ڄام ۾ ٿيليسميا سينٽر کولڻ کان علاوه ٽنڊو عالم ۾ ماڊل اسڪول کولڻ سميت 20 ڳوٺن کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ رٿابندي ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button