مختصر خبرون

  • ٺٽي جي نوجوان گهرو اڻبڻت تان زهريلي دوا پي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

    ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽو لڳ پٺاڻ ڪالوني ڀرسان زمين تي هارپو ڪندڙ ٽنڊو جام جو رهواسي 25 سالا نوجوان بچو ڀاڳڙي پٽ گلاب ڀاڳڙي گهرو اڻبڻت تان زهريلي دوا پي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.سندس لاش سول اسپتال نيو ويو جتي ضروري ڪارروائي کان پوءِ سندس لاش وارث ٽنڊو جام کڻائي ويا.

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ پنجاب پوليس کي گھربل خطر ناڪ ڌاڙيل شريف شر ساٿين سميت گرفتار

    گھوٽڪي: ايس ايس پي گھوٽڪي پير محمد شاھ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دعوا ڪئي ته ھن خفيه اطلاع تي ڏھرڪي ويجھو ڳوٽ ريتي ۾ آپريشن ڪيو جتي ھڪ ڳھر ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو ان مقابلي ۾ بدنام ڌاڙيل شريف شر پنھنجي ساٿين جمن شر، علي حسن ،الله بجايو ۽ ايوب شر کي گرفتار ڪري ورتو ايس ايس پي مطابق ڌاڙيل وٽان ھڪ ايئر ڪرافٽ گن 2 ڪلاشن ڪوف 1300 گوليون ۽ ٻيو سامان ھٿ آيو آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو پرائيس ڪنٽرول جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي ڪندو

    )ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو پرائيس ڪنٽرول جي سلسلي ۾ سکر ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن سان 03 آگسٽ 2011 تي صبح جو 11 وڳي پنهنجي آفيس جي ڪميٽي روم ۾ هڪ گڏجاڻي ڪندو.

    وڌيڪ پڙھو
  • خيرپور مان پورهيت کان ڦر خبر

    خيرپور (ڊر ) هٿياربندن جي پورهيت کان ڦر خبر موجب ٽن هٿياربندن ممتاز گرائونڊ روڊ تي ايندڙ کجور منڊيءَ تان رحمت الله منگي کي هٿيارن جي زور تي روڪي هزارين روپيه روڪ موبائيل فون ڦري فرار ٿي ويا اي سيڪشن پوليس واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • هيلٿ ٽيڪنيشن شير خان ميتلو تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

    هيلٿ ٽيڪنيشن شير خان ميتلو تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو خبر موجب اڱاري جي ڏينهن پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي سڏ تي هيلٿ ٽيڪنيشن شير خان متيلو تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري جي اڳواڻي قادر بخش پير زادو ، عجيب جوڳي ، ممتاز تنيو ، اعجاز ملاح ، لائق سيال ، عبدالله ڪناسرو ، علي راض ، ممتاز مهيسر ، آصف ميمڻ ، ڪري رهيا هيا انهن چيو ته ڊاڪٽرياڻي رخسانه ميتلو پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ بيگناهه شير خان ميتلو تي ڪيس داخل ڪرايو آهي هنن چيو ته چوويهن ڪلاڪن اندر داخل ڪيس واپس نه ورتو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو

    وڌيڪ پڙھو
  • شيل پاڪستان پاران ڪڻي وسيلي انعام ورهائڻ جي تقريب سکر جي مقامي هوٽل ۾ ٿي گذر ي

    شيل پاڪستان پاران ڪڻي وسيلي انعام ورهائڻ جي تقريب سکر جي مقامي هوٽل ۾ ٿي گذر ي جنهن ۾ شيل پاڪستان سکر ريجن جي آفيسر محمد احسن حسين ڪنڊيارو جي رهواسي وزير علي اڄڻ کي سندس ٽرڪٽر جي چاٻي حوالي ڪئي وئي ان موقعي تي هن ميڊيا کي ٻڌايو ته ان کان اڳ 0 9 موٽر سائيڪلون ۽ ڪل 9 ٽڙيڪٽر عوام کي انعام طور ڏئي چڪا آهيون اساب پنهنجي بهترين پروڊڪٽ عوام کي پهچائي خوشي محسوس پيا ڪريون بعد ۾ هڪ ريلي ڪڍي شهرين کي شيل پاڪستان جي سرگرمين بابت آگاهي ڏني وئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • سکر ۾ وڌندڙ بدامني ،چوري جي وارداتن ۾ اضافي ۽ ڊي پي او خلاف مظاھرو

    سکر ۾ وڌندڙ بدامني ،چوري جي وارداتن ۾ اضافي ۽ ڊي پي او خلاف سکر جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ واپارين سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهري ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪندي سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي آل سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي هارون ميمڻ، حاجي عبدالرزاق عاصي،سعيد مغل ۽ ٻين چيو ته پوليس شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۽ وارداتن کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي عوام جي جان ۽ مال محفوظ ناهي جيڪڏهن ڪنهن شهري سان زيادتي ٿئي ٿي يا ڪنهن جي چوري يا ڦر لٽ ٿئي ٿي ته ان جو ڪوبه ازالو نه پيو ڪيو وڃي عوام کي ڪوڙا دلاسا ڏئي موٽائڻ جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته چوري ۽ ڦر ٿيل سامان موٽائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويندا رڳو سفارشن تي ايف آءِ آر داخل ٿينديون آهن هنن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته عام سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ڀرڪڻ جي رهواسي محمد اسحاق ميئو سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل

    شڪارپور جي ڳوٺ ڀرڪڻ جي رهواسي محمد اسحاق ميئو سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته سندس گهر ۾ گهڙي ڦر لٽ دوران مزاحمت تي هڪ پاڙي واري منظور مهر جي قتل ۽ ٻن ڄڻن ارشاد ميئو ۽ ديدار مهر جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي ڇوته ڏيڍ هفتو گذرڻ باوجود چڪ پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻوٽو ناهي ٻاري سگهي هن چيو ته هن افسوسناڪ واقعي بعد عدالتن مان انصاف جي اميد رکان ٿو ته هو پوليس کي دٻاءَ وجهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئشن چونڊ جي نتيجن کي عدالتن ۾ چئلنج ڪرڻ جو اعلان

    آپڪا ضلعي ٺٽي جي صدر غلام قادر بلوچ ، نياز ميمڻ، سيد سجاد علي شاهه، حسن ڍولو، ابراهيم راهمون، شوڪت راجپوت ، تاج بروهي ، مهتاب قريشي، قبول محمد شاهه، صالح قمبراڻي، جاويد سمون، اسدالله شاهه، چانڌي بروهي، علي گوهر ٻارڻ، احمد خان خشڪ، ولي محمد جاکرو ۽ ٻين ضلعي جي مختلف ڪلرڪ يونٽ جي عهديدارن گڏيل طور تي هڪ بيان جاري ڪري پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئشن خلاف هڪ ٽولي پاران سنڌ جي ضلعن ۾ چونڊ شيڊول پڌري ڪرڻ واري عمل کي بوگس قرار ڏنو آهي ۽ پنهنجي بيان ۾ جاڻائيندي چيو آهي ته اهڙي جاري ڪيل چونڊ شيڊول کي مرڪز ۽ صوبائي قيادت جي منظوري ناهي مليل جنهن ڪري هو نه رڳو انهي شيڊول کي ڪوڙو ۽ بوگس قرار ڏين ٿا پر سازشن جي اهڙي عمل جي پڻ سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

    وڌيڪ پڙھو
  • سکر ۾ سامهون عوام جي تفريح جي نالي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فحاشي پروگرام

    سکر(بيورورپورٽ)سکر جي ريلوي اسٽيشن سامهون عوام جي تفريح جي نالي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فحاشي پروگرام شروع ڪيا ويا آهن اهڙي عمل تي اڄ مرڪزي جامي مسجد سکر ۾ هزرين نمازين قرارداد پاس ڪندي ان جي فوري بند ٿيڻ جو مطالبو ڪيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button