مختصر خبرون
-
سکرجو خبرنامو
سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۽ ڀرپاسي ۾ عيد جا ڏينهن برسات جي ور چڙهي ويا ماڻهو عيد نماز پڙهڻ سميت تفريح ڪرڻ ۽ ملاقاتن کان محروم رهيا شهر ۾ ا هلندڙ برسات ڪري ڊرينيج سسٽم ناڪاره بڻيل، برسات سبب بجلي ۽ ٽيليفون جو نظام درهم برهم، سوين نمبر خراب، تيز برسات سبب ڪچا ۽ ڪکائون گهرن کي نقصان ماڻهو پٽ تي ويٺل ڪنهن به چونڊيل نمائندي غريبن جي سهائتا نه ڪئي. خبر موجب سکر سميت سڄي سنڌ ۾ هلندڙ طوفاني برساتن جو سلسلو اندرون سنڌ جي شهرن ۾ به گذريل 5 ڏينهن کان وقفي وقفي سان جاري آهي. اندرون سنڌ جي شهرن سکر، روهڙي، ڪنڌرا، صالح پٽ، پنوعاقل، گهوٽڪي، ڏهرڪي، اوٻاوڙو، ميرپور ماٿيلو، خيرپور، راڻي پور، گمبٽ، سيٺارجه، هنڱورجه، ٽنڊومستي، پير جو ڳوٺ، پريالو، ڳاڙهي موري، شڪارپور سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. تيز برسات پوڻ سبب هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ برسات جو پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ داخل ٿيڻ سبب لکين روپين جو نقصان پهتو آهي. جنهن ڪري علائقي واسي سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. گذريل 5 ڏينهن کان پوندڙ برسات سبب ڪچن ۽ ڪکاون گهرن تي سخت نقصان پهتو آهي. ۽ نقصان پهتل گهرن جا رهواسي…
وڌيڪ پڙھو -
مولانا ڀٽو طرفان صحافي عبدالله دائود پوٽو سان امڙ جي وفات تي تعزيت
جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو۽ سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا شهدادپور جي سينيئر صحافي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صدر عبدالله دائود پوٽو جي امڙ جي وفات تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي مرحومه جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل جي دعا ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
تباهي آڻيندڙ سم نالن کي پيل گهارن کي هفتو گذرڻ جي باوجود اڃان تائين نه ٻڌو ويو
ٺٽي ضلعي جي ٽن تعلقن ميرپوربٺورو، جاتي ۽ سجاول جي 8 يوسيز ۾ تباهي آڻيندڙ سم نالن کي پيل گهارن کي هفتو گذرڻ جي باوجود اڃان تائين نه ٻڌو ويو آهي جنهن سبب علائقي واسين جي لکين ايڪڙ ايراضي زرعي زمين ۾ بيٺل فصل ٻڏي تباهه ٿي ويا آهن ۽ هزارين ماڻهو سخت متاثر ٿي بي يارو مددگار بڻجي ويا آهن پر حڪومت پاران متاثر علائقن کي اڃان تائين نه آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي جنهن سبب علائقي واسي سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن،
وڌيڪ پڙھو -
ڪانائي ڍنڍ ويجهو فقير محمد جتوئي ۾ هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪئمپ لڳائي ويندي
گمبٽ جي هڪ سماجي تنظيم سيو دي لائيف (سِلو) پاران ڪانائي ڍنڍ ويجهو فقير محمد جتوئي ۾ هڪ ڏينهن واري مفت طبي ڪئمپ لڳائي ويندي جنهن ۾ ماهر ڊاڪٽر علائقي واسين جو مفت چڪاس ۽ مفت طبي مشورا ڏنا ويندا جڏهن ته کين سماجي تنظيم پاران مفت دوائون پڻ مهيا ڪيون وينديون.
وڌيڪ پڙھو -
ڊاڪٽر سيد نجف علي شاهه نيشنل پروگرام فار فيملي پلاننگ اينڊ پرائمري هيلٿ ڪيئر جي چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڏنو
ڊاڪٽر سيد نجف علي شاهه نيشنل پروگرام فار فيملي پلاننگ اينڊ پرائمري هيلٿ ڪيئر ۾ ضلعي خيرپور جي لاءِ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر جي مقرري ٿيڻ کانپوءِ چارج وٺي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
عوام جو تحفظ فراهم ڪرڻ پوليس جي اولين ذميواري آهي: ڊي آءِ جي سکر
)ڊي آءِ جي سکر ريجن سيد عباس بخاريءَ چيو آهي ته عوام جو تحفظ فراهم ڪرڻ پوليس جي اولين ذميواري آهي. نوشهروفيروز، گهوٽڪي ۽ خيرپور ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي ويئي آهي. جڏهن ته سکر ۾ جرائم جي خاتمي لاءِ ايس ايس پي کي خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر ضلعي ۾ امن امان کي برقرار رکڻ ۽ عوامي شڪايتن جو فوري ازالو ڪرڻ متعلقه ايس ايس پيز جي فرضن ۾ شامل آهي. ان جي باوجود ڊي آءِ جي آفيس ۾ شڪايتون موصول ٿيندي ئي ڪارروائي جا احڪامات ڏنا ويندا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
ايران کان سکر اسمگنل ٿيندڙ ڊيزل جا 9 ٽينڪر برآمد ڪري ڊرائيور ۽ ڪلينر کي گرفتار ڪيو ويو: اي ڊي آءِ جي سکر
)اي ڊي آءِ جي سکر ۽ اسپيشل ٽيم جي ميمبر منظور حسين سانگريءَ چيو آهي ته ڊي آءِ جي سکر جي خصوصي هدايتن جي مطابق ايران ۽ بلوچستان کان سکر ۾ ٿيندڙ اسمگلنگ جي روڪڻ لاءِ ڇاپا مار ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن. جنهن ۾ ڪپڙا مارڪيٽ ۾ قائم غير قانوني پان پراگ وڪرو ڪندڙ دڪاندار خلاف ڪارروائي ڪري چاليهه ٻوريا پان پراگ جا برآمد ڪري بي سيڪشن ٿاڻي حوالي ڪيا ويا هئا. پر متعلقه ٿاڻي پاران ڪيس داخل نه ڪيو ويو هو. منظور سانگريءَ وڌيڪ چيو ته گذريل هفتي ايران کان سکر اسمگنل ٿيندڙ ڊيزل جا 9 ٽينڪر برآمد ڪري ڊرائيور ۽ ڪلينر کي گرفتار ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
تعليمي بورڊ حيدرآباد اڄ ھوم اڪنامڪس گروپ جو نتيجو پڌرو ڪندو
تعليمي بورڊ حيدرآباد جي امتحانن واري ڪنٽرورل پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته هائير سيڪنڊري سرٽيفڪيٽ پارٽ ون ۽ ٽو ( يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس ) هوم اڪنامڪس گروپ جي سالياني امتحان 2011 جو نتيجو سڀاڻي 17 آگسٽ 2011 تي منجهند جو 3 وڳي پڌرو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
سکر پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 4 1 جواري گرفتار
سکر پوليس جو شمس آباد واري علائقي ۾ جوا جي اڏي تي ڇاپو، 4 1 جواري گرفتار، پوليس داءُ تي لڳل لکين روپيا هٿ ڪري ورتا، اي سيڪشن پوليس سکر جي علائقي شمس آباد جي علائقي ۾ جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي 4 1 جوارين کي گرفتار ڪري ورتو ۽ داءُ تي لڳل لکين روپيا هٿ ڪري ورتا آهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
عوامي تحريڪ ۽ ٺٽو بار جي وڪيلن پاران سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ خلاف ريليون
عوامي تحريڪ ۽ ٺٽو بار جي وڪيلن پاران سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ خلاف دار دار ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا ، ٺٽو بار ايسوسيئشن جي صدر اعجاز شاهه، ۽ پنهون عقيلي جي اڳواڻي ۾ايڌ ي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ۽ پ پ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. جڏهن ته عوامي تحريڪ پاران مٺا خان لاشاري، صاحب خان کوسو، عثمان لاشاري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي ويئ. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ڌرتي هزارين سالن جي تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ ڌرتي آهي جنهن کي انتظامي ٻن حصن ۾ ورهائڻ سنڌ دشمنن جي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ برابر آهي
وڌيڪ پڙھو