مختصر خبرون
-
هندو برادريءَ جا ٻه اغوا ٿيل نوجوان کي پوليس اڃان تائين بازياب نه ڪرائي نه سگھي
چار ڏينهن اڳ صالح پٽ کان ڪنڌرا ايندي هندو برادريءَ جا ٻه اغوا ٿيل نوجوان ڪنڌرا واسي انيل ڪمار ۽ صالح پٽ واسي ساگر کي پوليس اڃان تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي اغوا ٿيل نوجوانن جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي. ڪنڌراجي اغوا ٿي ويل نوجوان انيل ڪمار جي وارثن وٽ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي حڪم تي ايڊمنسٽريٽر روهڙي اعجاز احمد پلهه ۽ ٽي او فنانس نثار منگي پهچي همدري جو اظهار ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي صدر ۽ گروپ چيف طرفان دوائن جو عطيو
نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي صدر قمر حسين ۽ گروپ چيف ڊاڪٽر آصف اي بروهي جي ذاتي دلچسپي ۽ خاص هدايتن تي نيشنل بئنڪ سکر جي ريجنل هيڊ محمد زمان پاران ڊي سي او آفيس خيرپور ۾ ڊي سي او محمد عباس بلوچ ۽ اِي ڊي او هليٿ ڊاڪٽر احسان الله سيال کي ست لک روپين جي ماليت جي مختلف بيمارين جي دوائون ڏنيون ويون جيڪي تازو برسات متاثرن جي علاج لاءِ استعمال ۾ آنديون وينديون. ان موقعي تي نيشنل بئنڪ سکر جي عملدارن معشوق علي خواجه، محمد رمضان بلوچ، بشير احمد سنگهڙ ۽ خيرپور نيشنل بئنڪ جي ايريا مئنيجر ممتاز علي ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
برساتن مان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ حڪومت موثر قدم کڻي: جاويد ميمڻ
سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته حاليه برساتن مان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ حڪومت موثر قدم کڻي ۽ آبادگارن، هارين، جي بيٺل فصل تباهه ٿيڻ تي انهن جي نقصان جي ازالي جي لاءِ مالي امداد جو فوري انتظام ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان ايندر برسات متاثرن جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حاجي شفيع عباسي، برڪت علي سولنگي، عبدالرحيم سيٺي، شڪيل قريشي ۽ ٻيا به موجود هئا. حاجي محمد جاويد ميمڻ جو چوڻ هو ته بدامني ۽ لاقانونيت جي ڪري سنده ۾ معيشت، صنعت ۽ زراعت پهريان ئي زبون حالي جو شڪار آهي
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽي ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو
ضلعي ائڊمنسٽريٽر ٺٽو محمد جعفر عباسي ھڪ نوٽيفڪيشن ذريعي قلم 144 لاڳو ڪري ضلعي جي نالين، سم نالين، ڪينالن وغيره کي ڪٽ ھڻي زرعي زمينن مان بيٺل پاڻي نيڪال ڪري نالين، سم نالين، ڪينالن وغيره ۾ ڇوڙ ڪرڻ تي پابندي وجھي ڇڏي آهي. اھڙو حڪم 8 سيپٽمبر 2011ع تائين نافظ العمل رھندو.
وڌيڪ پڙھو -
بيروزگار نوجوانن جي احتجاج کي 2 هفته مڪمل
ٺٽو پريس ڪلب اڳيان بيروزگار نوجوانن جي احتجاج کي 2 هفته مڪمل، احتجاجي ڪيمپ تي گرده ۽ ٻار کپائڻ جا هوڪا ڏيئي احتجاج جو سلسلو جاري ڪنهن به چونڊيل نمائندن توڙي حڪومت معاملي جو نوٽيس نه ورتو، گذريل 14 ڏينهن کان پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري گرده کپائڻ ۽ پنهنجا ٻار کپائڻ لاءِ هوڪا ڏيئي احتجاج ڪندڙ ٺٽي جي بيروزگار نوجوانن جي احتجاج کي ٻه هفته مڪمل ٿي ويا آهن گذريل ڏهاڙي به عنايت شاهه ، ممتاز شيخ، احسان جاکرو ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ ڊگري يافته بيروزگار نوجوانن ٺٽي ضلعي جي سرڪار توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ غير مقامي ماڻهن جي ڀرتي ۽ کين نوڪرين ۾ نظرانداز ڪري ويساهه گهاتي ڪرڻ خلاف احتجاج جاري رکيو ۽ ڪيمپ تي پنهنجا گرده ۽ معصوم ٻارڙا کپائڻ جا هوڪا ڏيندا رهيا
وڌيڪ پڙھو -
پاڪستان انٽر نيشنل هيومن رائيٽس آرگنائيزيشن سکر جي باڊي ٽوڙي ويئي
)پاڪستان انٽر نيشنل هيومن رائيٽس آرگنائيزيشن سکر ڊويزن جو اجلاس دايو هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن جي صدارت صوبائي صدر محمد انيس زئي ڪئي ۽ ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڊگهي عرصي کان سکر ڊسٽرڪٽ جي عهديدارن جي ناقص ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي سکر ڊسٽرڪٽ جي باڊي توڙي وئي جڏهن ته عمران علي دايو کي سکر ڊويزن جو صدر نامزد ڪيو ويو ۽ ان کي اهي ذميواريون ڏنيون ويون ته سکر ڊويزن ۽ ڊسٽرڪٽ جي باڊين کي تشڪيل ڏنو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
همدرد فائونڊيشن جو منشور انساني خدمت ۽ اتحاد جي ذريعي غير سياسي بنياد تي سماجي بهتري جي لاءِ عملي خدمتون پيش ڪري رھي آھي
همدرد فائونڊيشن جو منشور انساني خدمت ۽ اتحاد جي ذريعي غير سياسي بنياد تي سماجي بهتري جي لاءِ عملي خدمتون پيش ڪرڻ آهي. ته جيئن ڏکويل انسانيت جي خدمت انصاف جي بالادستي، بقائ انسانيت جو تحفظ ۽ امن ۽ محبت کي عام ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن جدوجهد ممڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار سکر همدرد اتحاد جي چيئرمين سيد سلطان شاهه همدرد فائونڊيشن جي مرڪزي هيڊ آفيس جي تزئين ۽ آرائش جي ڪم جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پنهنجي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته همدرد اتحاد جو مشن ۽ منشور ملڪ جي غريب ۽ مظلوم عوام ۾ باهمي همدردانه اتحاد قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ محبت جي فروغ کي اجاگر ڪرڻ ضلعي استحڪام جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ، اندرون سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ امن ۽ امان جي بحالي ، علائقائي مسئلن جو حل ۽ انهن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ قانون پسند پر امن ماڻهن جي حقن جو تحفظ جو دفاع ڪرڻ آهي.
وڌيڪ پڙھو -
واحد بخش ناريجو جا قاتل اڃان گرفتار نه ٿي سگھيا، وارثن جو احتجاج
اٺ ڏينهن اڳ گمبٽ تعلقه جي ڳوٺ کرڙي ناريجه ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل واحد بخش ناريجو ۽ واقعي ۾ زخمي ٿيل سندس گهر ڀاتين جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا ناريجا برادري جي ماڻهن جو پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڌرڻو گمبٽ پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙ محمد صديق ناريجو ، حبيب الله ناريجو ، علي محمد ناريجو ، مسمات عجيبان خاتون ۽ ٻين اخبار وارن کي ٻڌايو ته اٺ ڏينهن اڳ ڏهن کان وڌيڪ جوابدار جن ۾ علائقي جو بدنام ڌاڙيل اصغر ناريجو ، غلام مصطفي ناريجو ، غلام رسول ناريجو ، عبدالرحمٰن ناريجو ۽ ٻيا ڳوٺاڻي واحد بخش جي گهر ۾ داخل ٿي ننڊ ۾ ستل گهر ڀاتين مٿان لٺن ، ڪهاڙن ۽ لوهي سيخن جو وسڪارو لاهي ڏنو
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور سيوريج اسڪيم استعداد موجب فنڪشنل آهي ـ ترجمان نساسڪ
نارٿ سنڌ اربن سروسز ڪارپوريشن (نساسڪ) چيو آهي ته گذريل ٽن ڏينهن جي لاڳيتي غير معمولي بارشن ۽ بجلي جي شديد بحران باوجود خيرپور شهر جي ڪنهن به مرڪزي علائقي ۾ بارش جو پاڻي غير معمولي طور تي بيٺل نه آهي ۽ نئين سيوريج اسڪيم سميت سمورو سرشتو ۽ ڊسپوزل اسٽيشنز پنهنجي استعداد موجب فنڪشنل آهن ۽ ڪم ڪري رهيا آهن. بارش جي اڳڪٿي کي مد نظر رکندي نساسڪ جي آفيسرن سميت اضافي عملو به عيد ۽ بارش وارن ڏينهن ۾ ايمرجنسي ڊيوٽين تي موجود آهي. گذريل ڏينهن جاري ٿيل هڪ پڌرائي ۾ نساسڪ وضاحت ڪندي چيو آهي ته 19 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل ڊرينيج اسڪيم پنهنجي مڪمل استعداد موجب ڪري پئي. نساسڪ ترجمان حسن علي شاهه چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ مجموعي طور پوندڙ غير معمولي بارشن جي نتيجي ۾ خيرپور شهر ۾ نئين تعمير ٿيل ڊرينيج اسڪيم مٿان تعمير ٿيل روڊ ٽن هنڌن کان ويهجي ويو
وڌيڪ پڙھو -
تحفظ فراهم ڪيو وڃي، عورت جي اپيل
ٻه مهينا اڳ ڪاري قرار ڏنل گهوٽڪي رهواسڻ مسمات قائم خاتون قتل جي ڊپ کان سکر ۾ سعيد سرهندي روڊ تي پهچي ميڊيا کي ٻڌايو ته مڙس بلاول ملڪ پنهنجي ڀائٽي ۽ ڄاٽي اصغر مل سان ڪارو قرار ڏئي کيس طلاق ڏني بعد ۾ وڏيري عبدالله ملڪ ۽ لال خان گڏاڻي جرڳو ڪري قتل جو فيصلو ٻڌايو ان ڪري پنهنجي ٻارن سان قتل جي خوف کان هتي پهتي آهيان اعلي اختياريون تحفظ فراهم ڪندي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪن.
وڌيڪ پڙھو