مختصر خبرون

  • برسات ۽ ٻوڏ ستيل فنڪارن ۽ اديبن کي امدادي ڏنا ويا

    سنڌ جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو جي هدايتن تي سنڌ جي برسات ۽ ٻوڏ سٽيلن علائقن جي 41 فنڪارن ۽ اديبن کي 20-20 هزار رپين جا چيڪ مالي سهائتا طور ڏنا ويا جن ۾ بدين ، ٺٽي ، سانگهڙ ، ميرپورخاص ، مٺي ۽ ٽنڊو محمد خان جا فنڪار ۽ اديب شامل آهن . فنڪارن ۽ اديبن ۾ غوث بخش بروهي ، محمد حسن ملاح ، محمد آچار سميجو ، جئرام جوڳي ، محمد ابراهيم ملاح ، مائي ڊاهي ، تاج پليجو ، جمن احمداڻي ، شاهنواز خاموش ۽ ٻيا شامل آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 ورھين جي راجڪماري جي اغوا بعد بيدرديءَ سان قتل واقعي کي 5 ڏينھن گذرڻ باوجود بھ وليد پوليس جوابدار گرفتار نھ ڪري سگھي

    لاڙڪاڻي شھر جي نظر محلي جي رھواسڻ 10 ورھين جي راجڪماري جي اغوا بعد بيدرديءَ سان قتل واري واقعي کي 5 ڏينھن گذرڻ باوجود بھ وليد پوليس جوابدار گرفتار نھ ڪري سگھي آھي، ان سلسلي ۾ سنڌ نيشنل پارٽي جو سربراھھ امير ڀنڀرو، ارشاد شيخ، نصر ا لله ابڙو، يسار سنديلو ۽ راجا ڏاھر پھچي سندس قتل ٿي ويل نينگريءَ جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ايس اين پي سربراھھ امير ڀنڀرو وارثن سان ڳالھائيندي چيو آھي تھ راجڪماري جي قتل واري واقعي جي خبر اخبارن ۾ پڙھي دلي صدمو پھتو ھيو

    وڌيڪ پڙھو
  • ضلعي ڪائونسل جي برطرف ملازمن پنھنجي بحاليءَ لاءِ ڪالھھ 55ھين ڏينھن بھ ھڙتال جاري رکي

    لاڙڪاڻي جي ضلعي ڪائونسل جي برطرف ملازمن پنھنجي بحاليءَ لاءِ ڪالھھ 55ھين ڏينھن بھ ڊي سي او عبدالعليم لاشاري جي خلاف نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي بک ھڙتال ۾ شامل ڪامران عباسي، محمد شفيق عباسي، نعمت ا لله ڀٽو، آفتاب جوکيو، امتياز سومرو، خالد حسين ڪوريجو ۽ ٻيا شامل ھئا، ان موقعي تي ھنن جو چوڻ ھو تھ اسان پنھنجي بحاليءَ لاءِ ڪندڙ احتجاج کي 55 ڏينھن گذري چڪا آھن، پر ڪوبھ سار لھڻ وارو ڪونھي ڪو، ھنن چيو تھ ڊي سي او عبدالعليم لاشاري بلاجواز جي اسان کي نوڪرين مان برطرف ڪري اسان جي خاندان کي بک ۽ بدحالي جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي، ڊي سي او واعدو ڪيو ھو تھ بجيٽ ايندي تھ توھان کي بحال ڪيو ويندو، پر اھا بجيٽ بھ ھڙپ ڪئي وئي آھي، پر ھن وقت تائين اسان کي بحال نھ ڪيو ويو آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • جيئي سنڌ تحريڪ پاران ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واھر نھ ڪرڻ خلاف احتجاج

    لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ پاران ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واھر نھ ڪرڻ خلاف گذريل ڏينھن ڪارڪنن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي نيشنل پريس ڪلب آڏو علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، جن ۾ رستم سانڊاڻو، امن سرھيو، عبدا لله ڀٽي، رضوان لغاري، خدا بخش سولنگي ۽ ٻيا شامل ھئا، ان موقعي تي ھنن جو چوڻ ھو تھ سنڌ حڪومت برسات متاثرن جي مدد نھ ڪري رھي آھي، جنھن جي ڪري متاثرين کليل آسمان ھيٺيان بکايل ۽ اڃايل ويٺل آھن ۽ حڪمران صرف پنھنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آھن، ھنن مطالبو ڪيو تھ متاثرن جي واھر ڪئي وڃي، نھ تھ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

    وڌيڪ پڙھو
  • سيد منورحسن 5 آڪٽوبر تي ڪشمور پهچندو

    جماعت اسلامي پاڪستان جو امير سيد منورحسن 5 آڪٽوبر تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪشمور پهچندو.جتي هو صبح جو ڏهين وڳي پراڻي نيشنل بينڪ چوڪ تي هڪ عظيم الشان جلسه عام کي خطاب ڪندو،جلسي کي صوبائي امير مولانا اسدالله ڀٽو سميت ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.جماعت اسلامي ضلعي ڪشمور جي اميرحاجي عبدالوهاب جکراڻي موجب امير جماعت جي دوري ۽ جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ تياريون شروع ڪيون ويون آهن.ان حوالي سان چاڪنگ،هينڊ بل ۽ پوسٽر پڻ لڳايا پيا وڃن.

    وڌيڪ پڙھو
  • گورنمينٽ اسلاميا آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج سکر ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽر آرٽس اينڊ ڪامرس جو ڪلاسسز 9 0 سيپٽمبر کان شروع ٿي چڪيون

    )گورنمينٽ اسلاميا آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج سکر ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽر آرٽس اينڊ ڪامرس جو ڪلاسسز 9 0 سيپٽمبر کان شروع ٿي چڪيون آهن ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقيوم منگي شاگردن کي والدين کي گذارش ڪئي آهي ته هو پنهنجي ٻارڙن کي ڪاليج موڪلين ٻي صورت ۾ سندن داخلا ختم ڪئي ويندي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ايگريڪلچر انڪم ٽئڪس جا گُشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر مقرر ڪئي وئي

    ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو خيرپور ضلعي جي آبادگارن ۽ زميندارن کي آگاهي ڏيندي ڄاڻايو آهي ته ايگريڪلچر انڪم ٽئڪس جا گُشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر مقرر ڪئي وئي آهي تنهن ڪري اُهي زميندار ۽ آبادگار جن جي سال 2010 ۽ 2011 جي سالانه زرعي آمداني 80 هزار روپين کان وڌيڪ آهي ته اُهي زرعي انڪم ٽئڪس جي فارم “اي” پنهنجي لاڳاپيل ڊي ڊي او روينيو جي ذريعي 30 سيپٽمبر تائين پنهنجن زرعي انڪم ٽئڪس جي گُشوارن جي جمع ڪرائڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • بيروزگار نوجوان تحريڪ ٺٽو پاران 25 ڏينهن به پريس ڪلب ٺٽو اڳيان مظاھرو

    ضلعي ٺٽي جي مختلف سرڪاري کاتن توڙي اين جي اوز ۾ نوڪريون ڏيڻ بجاءِ ٻاهرين ماڻهن جي سفارش جي بنيادن تي ٿيل ڀرتين خلاف بيروزگار نوجوان تحريڪ ٺٽو پاران 25 ڏينهن تي پڻ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان بيروزگار نوجوان ممتاز علي شيخ، عنايت شاهه ، سڪندر شاهه، هوش محمد عباسي ۽ ٻين پاران پنهنجا گرده ۽ معصوم ٻارڙا وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪن ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو، گرده ۽ ٻار وڪرو ڪندڙ بيروزگار نوجوانن چيو ته هو گذريل 25 ڏينهن کان مطالبن جي مڃتا لاءِ گرده ۽ معصوم ٻار وڪر ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏيئي رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • جي يو آءِ سکر پاران سنڌ ۾ برسات متاثرن جي صحيح واهر نه ڪرڻ خلاف سکر جي منزل گاهه مدرسي کان سعيد سرهندي روڊ تائين احتجاجي ريلي

    جي يو آءِ ضلعي سکر پاران سنڌ ۾ برسات متاثرن جي صحيح واهر نه ڪرڻ ۽ سکر جي عالم غلام مصطفي ڪمال پيرزادي جي قاتلن کر گرفتار نه ڪرڻ خلاف سکر جي منزل گاهه مدرسي کان سعيد سرهندي روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ۽ نعري بازي ڪئي ان موقعي تي مولانا محمد صالح انڍڙ ،حافظ غلام مصطفي ٻرڙو،مولانا عبدالڪريم عباسي،مولانا عبدالحق مهر،حافظ عبدالحميد مهر ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي بي حسي سبب سنڌ جا برسات متاثر ٻن هفتن کان لاوارثي ۽ اذيت جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن کين غريب متاثرن جو ڪوبه عملي احساس ڪونهين رڳو اعلان ۽ ڳالهيون ڪري وڌيڪ پريشان ڪيو پيو وڃي اعلي اختياريون نوٽيس وٺي انهن جي واهر ڪن

    وڌيڪ پڙھو
  • ٺٽو پوليس جا مختلف هنڌن تي ڇاپا ، موٽرسائيڪل ڦر ڪندڙ 2 ڄڻا گرفتار، 4 موٽرسائڪلون هٿ

    ٺٽو پوليس جا مختلف هنڌن تي ڇاپا ، موٽرسائيڪل ڦر ڪندڙ 2 ڄڻا گرفتار، 4 موٽرسائڪلون هٿ، ٺٽو پوليس ايس پي ٺٽو محمد علي وساڻ جي هدايتن تي مختلف جاين تي ڇاپا هڻي موٽرسائيڪل ڦر ڪندڙ غلامون عرف لونگ عارفاڻي ۽ محمد حسن ملاح کي گرفتار ڪري وٽانئن چار موٽرسائڪلون هٿ ڪيون آهن جڏهن ته جوابدارن هٿان هڪ پسٽل ۽ گوليون به هٿ ڪيون ويون آهن ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ٺٽو حاڪم علي جلباڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٺٽو مان 5 سجاول مان 7 ۽ مڪلي مان 4 موٽرسائڪلون ڦر ڪيون ويون هيون

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button