مختصر خبرون

  • منھنجي گهر واري رحمت خاتون کي سندس مائٽن زبردستي قيد ڪري ڇڏيو آهي: ڪنڌرا رھواسي

    ڪنڌرا ڀرسان ڳوٺ ابراهيم تنيو جي رهواسي نوجوان نسيم الله تنيو ڪنڌرا پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سندس گهر واري رحمت خاتون کي سندس مائٽن زبردستي قيد ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته منهنجي گهر واري رحمت خاتون پنهنجي ماءُ سان ملڻ لاءِ گهر وئي ته جوابدارن ان کي زبردستي ڪمري ۾ بند ڪري قيد ڪري ڇڏيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • مولانا ڀٽو طرفان شڪارپور جي تعليمي ماهر تجمل شاهه جي وفات تي دلي ڏک جو اظهار

    جماعت اسلامي سنڌ جي امير مولانا اسدالله ڀٽو،ممتازسهتو ۽ مجاهد چنا شڪارپور جي برک تعليمي ماهر پروفيسر سيد تجمل حسين شاهه جي لاڏاڻي تي دلي ڏک ۽ غم جو اظهار ڪندي مرحوم جي لاءِ مغفرت ۽ پوئنرن لاءِٰ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • شڪارپور جي ميمڻ ۽ سنجراڻي برادري ۾ جهيڙو

    ميمڻ ۽ سنجراڻي برادري ۾ جهيڙو ٻه سنجراڻي شديد زخمي ، پوليس ٻه ميمڻ برادري جا نوجوان گرفتار . تفصيل موجب سنجراڻي برادري جا ڪجهه نوجوان ميمڻ برادري سان واسطو رکندڙ نوجوان زوهيب ، شعيب ولد جاويد ميمڻ ۽ فياض ، عمران ولد عبدالغفور سان معلومي ڳالهه تان اٽڪي پيا جنهن تان پسٽل جو فائر ٿيڻ سبب سنجراني برادري جا ٻه نوجوان محمد الياس ، غلام ياسين ولد سابقه يو سي ناظم نور حسن سنجراڻي سخت زخمي ٿئي پيا

    وڌيڪ پڙھو
  • موجوده حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عوام سان ٿيل ڪمٽمينٽ کي پوري ڪندي صوبي جي شهرن جي معاشي توڙي سماجي حالت بهتر ڪري رهي: وڏو وزير

    سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عوام سان ٿيل ڪمٽمينٽ کي پوري ڪندي صوبي جي شهرن جي معاشي توڙي سماجي حالت بهتر ڪري رهي آهي. هن چيو ته سانوڻي جي برسات ۾ 457 ارب جو نقصان ٿيو آهي جڏهن ته گذريل سال ٻوڏ ۾ 444 ارب روپين جو نقصان ٿيو هو. وڏو وزير اهڙو اظهار سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ نارٿ سنڌاربن سروسزڪارپوريشن (نساسڪ)پاران گند ڪِچري کڻڻ جي حوالي سان جديد سرشتي جو افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزير اعلى چيو ته موجوده حڪومت تعليم ۽ صحت جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کنيا آهن جڏهن ته عوام جي معاشي ۽ سماجي حالت بهتر بڻائي کين هر ممڪن سهولتون ڏنيون پيون وڃن. وڏي وزير چيو ته هاڻوڪي سانوڻي واري برسات ۾ 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿياآهن

    وڌيڪ پڙھو
  • جماعت اسلامي ۽ الخدمت طرفان نوري آباد جي متاثرن ۾ امداد تقسيم

    جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سڪريٽري ۽ اڳوڻي ايم پي اي مولاناعبدالوحيد قريشي الخدمت فائونڊيشن ضلعي ڄام شورو جي امير سان گڏجي نوري آباد ۾ برسات متاثر هڪ سو ٻارنهن 112 خاندانن ۾ راشن بيگ ورهايا.ان موقعي تي مولانا عبدالوحيد قريشي خطاب ڪندي چيو ته جماعت اسلامي ۽ ان جو فلاحي ادارو الخدمت هميشه مشڪل گهڙي ۽ قدرتي آفتن جي موقعي تي پنهنجي متاثر ڀائرن جي هر ممڪن واهر ڪئي آهي.مظلوم ماروئڙن جي خدمت ۽ ڏکويل انسانن جي زخمن تي پها رکڻ کي جماعت اسلامي ۽ الخدمت پنهنجو اخلاقي،ديني ۽ قومي فريضو سمجهي ٿي.هن زور ڀريو ته حڪومت کي متاثرن جي مدد لاءِ سڀئي وسيلا ڪتب آڻڻ گهرجن

    وڌيڪ پڙھو
  • مولانا ڀٽوسومر ڏينهن ٽنڊو آدم جي متاثر علائقن جو دورو ۽ امدادي سامان ورهائيندو

    الخدمت طرفان استادن جي جڳ مشهور تنظيم،تنظيم اساتذه (تاپ)ضلعي سانگهڙ،تعلقي ڄام نواز علي جي ڳوٺ احمد لاکو ۾ 30 خاندانن جڏهن ته ٽنڊو آدم تعلقي جي 70 کان وڌيڪ برسات متاثرن خاندانن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو.ان موقعي تي ضلعي اڳواڻ ۽ اڳوڻي يوسي ناظم عبدالعزيز غوري چيو ته جماعت اسلامي برسات متاثر عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر ڪو نه ڇڏيندي.حڪومت کي پڻ گهرجي ته هو متاثرن جي بلا تفريق امداد ڪرڻ سان گڏ انهن جي بحالي ۽ آبادڪاري لاءِ سنجيده قدم کڻي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ٺٽي جو خبرنامو

    ٺٽي ضلعي جي برسات متاثرين جي امداد نه ٿيڻ ۽ امدادي سامان جي ورهاست ۾ ڪرپشن خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ۽ چونڊيل نمائندن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ، ٺٽي شهر جي ڪچي آبادي سميت ضلعي جي برساتي پاڻي هيٺ آيل مختلف علائقن جي برسات متاثر ماڻهن، نوجوانن ۽ سماجي ڪارڪنن ايڌي سينٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ٺٽو آڏو نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ، احتجاج ڪندڙن گڏهن تي بينر هڻي ٺٽي مان چونڊيل نمائندن جو احتجاجي سرڪس ڪڍيو، سماجي اڳواڻ اسحاق خشڪ، مظهر علي ۽ اميد علي جي اڳواڻي ۾ برسات متاثڙين جي ڌرڻي سبب نيشنل هاءِ وي بلاڪ ٿي ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • ملڪ جي ڪنهن به علائقي ۾ آيل قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: ڊي سي او

    ڊي سي او خيرپور محمدعباس بلوچ خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور خيبرپختونخواهه کان خيرپور جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خدمت ڪرڻ جي جذبي سان آيل شاگردن سان ڊي سي او هائوس تي هڪ گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي ڊي سي او شاگردن جي اهڙي جذبي جي واکاڻ ڪندي چيو ته ملڪ جي ڪنهن به علائقي ۾ آيل قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي جوش ۽ جذبي تحت آفت سٽيل علائقن ۾ رهندڙ پاڪستاني ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ گهرجي. ڊي سي او خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور خيبرپختونخواهه جي شاگردن سان مخاطب ٿيندي ٻُڌايو ته سندن اهڙي ڪوششن مان سنڌ توڙي ٻين صوبن جي شاگردن کي سبق پرائڻ گهرجي.

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جا وڌيڪ 9 استاد پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ چين ۽ مليشيا روانا ٿي ويا

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جا وڌيڪ 9 استاد پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ چين ۽ مليشيا روانا ٿي ويا آهن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران ٻاهرين يونيورسٽين سان ڪيل معاهدن جي روشني ۾ يونيورسٽي جي استادن جي اعليٰ تعليم واري منصوبي تحت اينيمل هسبنڊري اينڊ وٽرنري سائنسز فيڪلٽي جا رياض احمد لغاري، امداد لغاري،۽ فهميده سمون، ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جا نياز احمد واهوچو، خالد احمد ٽالپور نانجنگ ۽ بيجنگ يونيورسٽيون چين۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي جو ذوالفقار مهر ۽ پڃل ٻٽ ملائشيا جي يونيورسٽي آف پترا جايا ۾ پي ايڇ ڊي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • مولانا ڀٽو جي سکر جي امير حزب الله جکرو سان تعزيت

    جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽوجماعت اسلامي ضلع سکر جي امير ۽ مدرسه تفهيم القرآن جي مهتمم مولانا حزب الله جکرو جي ڀيڻ جي وفات تي گهر وڃي ڪري تعزيت ڪئي.هن مرحومه جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا ڪرڻ لاءِ ڌڻي در دعا ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button