مختصر خبرون
-
بورڊ آف انٽر ميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ۾ سيد غلام مجتبيٰ شاه کي چيئرمين مقرر ڪرڻ حڪومت جو هڪ بهتر عمل آهي: سپلا
بورڊ آف انٽر ميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ۾ سيد غلام مجتبيٰ شاه کي چيئرمين مقرر ڪرڻ حڪومت جو هڪ بهتر عمل آهي، سپلا جو پراڻو مطالبو رهيو آهي ته سرڪاري سرپرستي ۾ تعليمي ادارن ۽ سنڌ جي تمام تعليمي بورڊن ۾ حاضر سروس ملازمن کي ترقي ڏئي ڪري اعليٰ عهدن تي فائز ڪيو وڃي. ان عمل سان هڪ طرف ادارن جي اندروني ۽ بيروني مسئلن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي ته ٻئي طرف صحيح حل جلد ممڪن ٿي سگهندو. سيد غلام مجتبيٰ شاه سکر بورڊ ۾ مختلف عهدن تي فائز رهي ڪري پنهنجا فرض احسن طور تي انجام ڏيندو رهيو آهي ان جو بورڊ جي اعليٰ عهدي تي فائز ڪرڻ بورڊ لاءِ هڪ سٺو قدم ثابت ٿيندو.
وڌيڪ پڙھو -
ڪسٽم اهلڪارن ڪوئيٽه کان ڪراچي ويندڙ مسافر مان غير قانوني سامان بر آمد ڪيو
سکر سٽي باءِ پاس تي ڪسٽم اهلڪارن ڪارروائي ڪندي ڪوئيٽه کان ڪراچي ويندڙ مسافر بس کي روڪي ڪري تلاشي ورتي ته ڇت تي ٻورين ۾ بند وڏي تعداد ۾ غير قانوني سامان بر آمد ڪيو، ذريعن مطابق ڪيترن ئي ٻورن ۾ موجود لکين روپين جي ماليت جا موبائل فون ۽ اليڪٽرانڪ سامان هيو، جيڪو ڪوئيٽه کان ڪراچي اسمگلنگ ڪيو پيو وڃي، انٽيليجنس اهلڪارن جي مبينه طور تي ڪارروائي بعد ڪيس داخل ڪرڻ بدران قبضي ۾ ڪيل سڄو سامان سرڪاري گاڏي ۽ نجي گاڏين ۾ وجهي ڪري ڪسٽم آفيس منتقل ڪري ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
بيگم نصرت ڀٽو مشڪل وقت ۾ پارٽيءَ کي متحد رکيو ۽ ملڪ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.: مسلم ليگ فنڪشنل
مسلم ليگ فنڪشنل ضلع سکر جي اڳواڻ سيد غضنفر شاهه موسوي، سماجي اڳواڻ سيد نسيم عباس شاهه، سيد جواد شاهه، سيد سجاد حسين شاهه موسوي، رضوان احمد شيخ، سلمان احمد شيخ سميت ٻين پيپلزپارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرپرسن بيگم نصرت ڀٽو جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪوي آهي. هنن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو مشڪل وقت ۾ پارٽيءَ کي متحد رکيو ۽ ملڪ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان جي وفات سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ڪڏهن ڀرجي نه سگهندو. جمهوريت لاءِ ڀٽو خاندان جون بي پناهه قربانيون آهن. ان جو مثال تاريخ ۾ نه ملندي ۽ ڀٽو خاندان ڏنل قربانين ملڪي تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
نئين بس ٽرمينل ڀرسان ڊينٽر پينٽر ڪالونيءَ ۾ جاري ترقياتي ڪمآخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن: سکر
موٽر ورڪس ايسوسئيشن جي صدر تاج محمد شيخ چيو آهي ته نئين بس ٽرمينل ڀرسان ڊينٽر پينٽر ڪالونيءَ ۾ جاري ترقياتي ڪمآخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ ضلعي انتظاميا پاران مڪمل دٻاءُ آهي ته جلد کان جلد مسترين کي شهر کان ٻاهر منتقليءَ تي يقيني بنايو وڃي. موٽر ورڪس ايسوسئيشن جي مجلس عامله جي هڪ اهم اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هيو، ان موقعي تي نائب صدر شفيق آرائين، سرپرست اعليٰ جان خان، عارف، ذاڪر خان، شڪيل ڀٽي، الاهي بخش سميت ٻيا زميدار به موجود هئا. اجلاس ۾ تنظيمي امور ۽ خاص ڪري مسترين کي ٻاهري منتقليءَ جي حوالي سان تفصيلي غور و فڪر ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
سکر ڀرسان مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب 2 مزدور دٻجي فوت ٿي ويا
سکر جي علائقي وڏي سبزي مارڪيٽ ڀرسان مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب 2 مزدور دٻجي فوت ٿي ويا، فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندا ويا، فوتي ٺل جا رهواسي هئا، خبر موجب سومر ڏينهن سکر جي علائقي وڏي سبزي مارڪيٽ ويجهو سوسائٽي روڊ وٽ مٽيءَ جي ٽريڪٽر ٽرالي ڀريندڙ 2 مزدور نهال خان، خوشدل بنگلاڻي مٽي ڀري رهيا هئا ته اوچتو مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ سبب ٻئي مزدور دٻجي فوت ٿي ويا
وڌيڪ پڙھو -
ڀٽو جو وارث ڀٽو آهي ۽ مرحومه بيگم نصرت ڀٽو جي ميت المرتضيٰ هائوس آندي وڃي: پي پي شھيد ڀٽو
محترمه نصرت ڀٽو جي ميت جي سکر ايئرپورٽ تي آمد جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو گروپ پاران سکر ايئرپورٽ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرو ڪندڙن حڪومت خلاف شديد نعريبازي ڪندي چيو ته محترمه نصرت ڀٽو جو جنازو المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي مان کڻڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا، مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هيو ته ڀٽو جو وارث ڀٽو آهي ۽ مرحومه بيگم نصرت ڀٽو جي ميت المرتضيٰ هائوس آندي وڃي جتي غنويٰ ڀٽو ۽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر آخري رسمون ادا ڪن.
وڌيڪ پڙھو -
قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جو مئٿ ڊپارٽنمنٽ جو سنڌي شاگرد ايڪسيڊنٽ ۾ فوت
قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي مئٿ ڊپارٽنمنٽ جي ٽئين سيمسٽر ۾ پڙھندڙ سنڌي شاگرد ظھير احمد ھڪ ڪار ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿي ويو۔ وڌيڪ تفصيل بعد ۾
وڌيڪ پڙھو -
مرڪزي جمعيت اهلحديث پاڪستان پاران برسات متاثرن جي امداد لاءِ سکر ۾ ھڪ تقريب ٿي گذري
مرڪزي جمعيت اهلحديث پاڪستان جي پاران سنڌ جي برسات متاثرن ۽ ٻوڏ متاثرين ۾ امداد جي ٽئين مرحلي ۾ مرڪزي جامع مسجد اهل حديث مارچ بازار ۾ هڪ تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ اهل حديث يوٿ فورس پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ مرڪزي جمعيت اهل حديث جي مرڪزي رهنما قاضي رياض قدير، عبدالله بن ام مڪتوم ٽرسٽ جي چيئرمين ميان محمد سليم ضيا، مرڪزي جمعيت اهل حديث پاڪستان جي مرڪزي ريليف ڪميٽي جي ميمبر مولانا عبدالرحمان ثاقب،ضلعي امير مولانا محمد عثمان ۽ ٻيا موجود هئا. سکر ڊويزن جي سوين متاثرن ۾ روڪ رقم ۽ سامان تقسيم ڪيو ويو. ان موقعي تي قاضي رياض قدير چيو ته قدرتي آفتن ۽ مصيبتون در اصل اسان جو امتحان آهن جيڪي صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ گهرجي
وڌيڪ پڙھو -
ڪنڌرا لڳ اسپتال ڀرسان هٿياربندن مجلس وحدت مسلمين سيڪٽر ڪنڌرا جي اڳواڻ کان ڦر
ڪنڌرا لڳ اسپتال ڀرسان هٿياربندن مجلس وحدت مسلمين سيڪٽر ڪنڌرا جي اڳواڻ مير انور ٽالپر جو پٽ مير حيدر بخش ٽالپر جي ڪار کي روڪي هزارين روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هن واقعي خلاف مجلس وحدت مسلمين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
يونين ڪائونسل ڊيليگٽس لوڪل ڪائونسل ايسوسئيشنز طرفان سکر ۾ تربيت ورڪشاب جو پروگرام ڪيو ويو
يونين ڪائونسل ڊيليگٽس لوڪل ڪائونسل ايسوسئيشنز طرفان سکر ۾ تربيت ورڪشاب جو پروگرام ڪيو ويو، جنهن ۾ يوسي بچل شاهه مياڻي، راهوجه ۽ يوسي نئون ڳوٺ جي چونڊيل چيئرمينن سميت ميمبرن شرڪت ڪئي. ورڪشاپ کي خطاب ڪندي طالب حسين مهر ۽ افضل علي چنه چيو ته هي تربيتي پروگرام وو آرگائيزيشن لوڪل ايسوسئيشن، ديولوشن ٽرسٽ فار ڪميونٽي ۽ پاور مينٿ جي اڳواڻي هيٺ هر ڏينهن مختلف يونين ڪائونسلن ۾ ٽريننگ جو پروگرام رٿيو ويندو آهي
وڌيڪ پڙھو