مختصر خبرون
-
پير ڳوٺ غوري برادري ۾ جھيڙو
) پيرڳوٺ لڳ غوري برادري ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل نوجوان جي واقعي جو 6 ڄڻن تي ڪيس داخل، پولس جا ڇاپا، گرفتاري عمل ۾ نه آئي، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ حاجنه شاهه ۾ پراڻي خوني تڪرار تان هلندڙ جيهڙي ۾ گذريل زخمي ٿيل غوري برادري جو نوجوان غوث بخش پٽ محمد مراد غوري واري واقعي ۾ فريادي حاڪم غوري جي فرياد تي جوابدارن ڀورل، امتياز، عبدالرشيد، مير، طارق، ضمير غوري سميت 6 مٿان پيرڳوٺ ٿاڻي تي قاتلاڻو حملو جو ڪيس داخل ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
6 مهينن لاءِ پاڻي ۽ بجلي جي وزارت ڏني وڃي هو ملڪ مان بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري ڇڏيندس: رحمت خان وردگ
تحريڪ استقلال جي سربراهه رحمت خان وردگ دعوا ڪئي آهي ته کيس 6 مهينن لاءِ پاڻي ۽ بجلي جي وزارت ڏني وڃي هو ملڪ مان بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري ڇڏيندو،سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ مارشلا جو ڪوبه امڪان ڪونهي حڪموت عدليا جي فيصلن جو احترام ڪري هن چيو ته سينيٽ جو چونڊون ملتوي ڪرڻ بجاءِ فوري اليڪشن ڪرائي وڃي ۽ عام چونڊن لاءِ عبوري حڪومت قائم ڪئي وڃي جيئن وچولي طبقي جا ماڻهو اسيمبلي ۾ پهچن ۽ جاگيرداراڻي نظام جو خاتمو ٿئي هن چيو ته ملڪ ۾ 6 1 صوبا۽ پنجاب ۾ 6 صوبا ٺاهيا وڃن
وڌيڪ پڙھو -
هر سال درياءَ ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائي جي ڪري عوام کي پاڻيءَ جي تڪليف ٿيندي آهي: محبوب علي سهتو
نساسڪ جي نااهليءَ ڪري شهري پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسي رهيا آهن مگر ناتجربيڪار آفيسر عوام کي رليف ڏيڻ بدران فوٽو سيشن ۾ مصروف آهن. اهڙن خيالن جو اظهار سکر ڊويزين جي ڪنوينر محبوب علي سهتو ڊويزن آفيس ۾ مائيڪرو ويو ڪالوني، نيوپنڊ جي هڪ وفد سان ملاقات دوران گفتگو ڪندي ڪيو. هن چيو ته هر سال درياءَ ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائي جي ڪري عوام کي پاڻيءَ جي تڪليف ٿيندي آهي. جنهن لاءِ نساسڪ پاران وڏا وڏا دعويٰ ڪيا ويا هئا ته پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪندي مگر ان لاءِ انهن ڪو به انتظام نه ڪري سگهي آهي ۽ هن سال به سکر جا شهري ساڳئي تڪليف ۾ آهن. مسجدن ۾ وضوءَ لاءِ پاڻي ميسر ناهي شهر اندر صفائي نظر نه پئي اچي. نساسڪ جي نااهل آفيسرن ۽ سفارشي ماڻهن صرف دعوائن تي گذارو ڪري رهيا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽو لڳ ٻوري بند نامعلوم شخص جو لاش مليو
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽو ڀرسان ٻوري ۾ بند نامعلوم لاش هٿ. ٺٽو لڳ ڇتوچنڊ ڀرسان ڪيبي فيڊر مان تشدد ٿيل ٻوري ۾ بند پيل لاش مليو آهي اطلاع تي پوليس لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال جي سردخاني ۾ رکرائي ڇڏيو آهي ، وارث نه ملڻ جي صورت ۾ لاش ايڌهي حوالي ڪيو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
ٺٽو ۾ روڊ حادثو، ھڪ اجل جو شڪار ٻه زخمي
ٺٽو ڀرسان سوزوڪي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ، هڪ فوت ٻه زخمي. ٺٽو لڳ باءِ پاس روڊ تي تيز رفتار سوزوڪي ڪار نمبر ADY 560۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار پٺاڻ ڪالوني جو رهواسي نور احمد ولد حاجي آغا ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سوزڪي سوار منٺار شورو ۽ اڪبر شورو زخمي ٿي پيا جن کي مقامي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
صحت ۽ ذائقا، خوراڪ بابت دنيا جون ڇرڪائيندڙ حقيقتون
دنيا جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪڏهن ماڻهن جي عام زندگي ۾ اهڙي تباهي آئي هجي؛ جيڪا ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ سرمائيدارن هن دئور ۾ آندي آهي.هڪ اندازي موجب دنيا جي ڪل دولت جو هڪ تمام وڏو حصو دنيا جي آنگرين تي ڳڻنجدڙ تمام ٿورن ماڻهن جي بينڪ بيلنس ۾ پيل آهن، جيڪي يا ته ملٽي نيشنل ڪمپنين جا مالڪ آهن يا سائينس جي ميدان جا.اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته،دنيا ۾ امير ترين ۽غريب ترين ملڪن جي ملڪيتن جي فرق جو تناسب وڌندوٿو رهي ٿو. هن وقت اهو بلڪل ايئن آهي جيئن گهر جا سڀئي ڀاتي گڏجي ڪمائين ۽ هڪ ماڻهو ڏنڊي جي زور تي اهي سڀ پئسا پاڻ وٽ رکي ڇڏي پوءِٻيا ڀاتي بک وگهي مرن يا بچن......
وڌيڪ پڙھو -
پري انٽري ٽيسٽ 2011 جو اکين ڏٺو احوال
انسان صدين کان وٺي اڻٿڪ محنت ڪندو رھيو آھي ڪو بھ سائنسدان ھجي يا مصنف يا جج ھجي يا مزدور ھجي يا ڪي شاگرد ھجن، ھر ھڪ کي پنھنجي دنيا سان منھن ڏيڻو پوي ٿو. ۽ ھڪ فرد کي ٻئي جو مسئلو تمام ننڍو نظر اچي ٿو پر پاڻ جڏھن ان جاءِ تي اچي ڏسن تھ خبر پئجي وڃين تھ گھڻي ويھين سئو آھي؟.. ڪنھن بھ شاگرد جو سورنھن سورنھن ڪلاڪ پڙھڻ جي باوجود پنھنجي ڊيڊي سان موبائل فون تي ڳالھائيندي ھاسٽل مان چيائين ڊيڊي!.. ھي ڪتاب کٽڻ جا نھ آھن، ڄڻ تھ سمنڊ جي ڇولين مان ھڪ لوٽي بھ نھ ڀري آھي...!!
وڌيڪ پڙھو -
موجوده حڪمرانن عوام کي مايوس ڪيو آهي، ڪرپشن ۽ ڦر لٽ جو بازار گرم آهي: ڪندي غلام شبير دايو ايڊوڪيٽ
پاڪستان مسلم ليگ ن پاران موجوده حڪومت کي ڪرپشن، مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ خلاف گو زرداري گو ريلي شمس آباد سکر کان نشاط چوڪ تائين مسلم ليگ ن سکر ڊويزن جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ سنڌ لائيرز فورم جي ميمبر غلام شبير دايو ايڊووڪيٽ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريليءَ ۾ مسلم ليگ جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ريليءَ ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي مهانگائي، ڪرپشن ختم ڪيو ۽ گو زرداري گو جا نعرا درج هئا، احتجاجي ريليءَ کي خطاب ڪندي غلام شبير دايو ايڊوڪيٽ چيو ته موجوده حڪمرانن عوام کي مايوس ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
جناح ويلفيئر ايسوسئيشن سکر پاران بيگم نصرت ڀٽو جي وفات تي هڪ تعزيتي اجلاس
مادري جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي وفات تي جناح ويلفيئر ايسوسئيشن سکر پاران هڪ تعزيتي اجلاس جنرل سيڪريٽري اصلاح الدين شيخ جي زير صدارت منعقد ٿيو، اجلاس ۾ امير الدين شيخ، نعيم بيگ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اصلاح الدين شيخ چيو ته بيگم نصرت ڀٽو عظيم زال ۽ عظيم ماءُ هئي ان جون پيپلز پارٽيءَ لاءِ عظيم قربانيون هيون، ان جي وفات ڪنهن سانحي کان گهٽ نه آهي، مسلم ليگ ق جي رهنما حاجي اعجاز ميمڻ چيو ته پاڪستان لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جون قربانيون ڪڏهن به فراموش نه ٿيون ڪري سگهجن
وڌيڪ پڙھو