مختصر خبرون

  • پاڪستان ۾ ٽوئيٽر جي سروس بلاڪ

    ٽوئيٽر تي نبي پاڪ صلي الله عليه و آله وسلم جي حوالي سان توھيز آمين مواد جي ڪري پاڪستان ۾ پي ٽي اي اڻ ڄاتل مدي تائين پابندي ھڻي ڇڏي آھي۔

    وڌيڪ پڙھو
  • سکر ويجھو بس کي حادثو، 3 مسافر اجل جو شڪار

    سکر جي ويجھو سانگي باءِ پاس وٽ ٽريڪٽر ٽرالي بچائيندي ڪراچي کان لاھور ويندڙ بس ڪلٽي ٿي پئي جنھن مان ٽي مسافر فوت ٿي ويا ۽ 16 زخمي۔ زخمين کي پنو عاقل ۽ سکر جي اسپتال پھچايو ويو جتي ڪجھ مسافرن جي حالت خطري جھڙي آھي۔

    وڌيڪ پڙھو
  • جعلي عامل بابا کي گرفتار ڪريو

    سکر ۾ ميراڻي برادري جي عورتن سعيد سرهندي روڊ تي ايوب گيٽ واري علائقي سان واسطو رکندڙ جعلي عامل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي نعرا هنيا ويا ان موقعي تي تهمينا ميراڻِي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي سندس خلاف نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • پٽيوالي جي شاگردن سان غير اخلاقي حرڪت

    سکر جي مينارا روڊ تي نجي اسڪول جي پٽيوالي پاران شاگرد سان غير اخلاقي حرڪت جي ڪوشش ٿيڻ بعد شاگرد جي والدين ۽ مائٽن پاران پٽيوالي کي سخت مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪيو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • سکر ۾ آنڌاري، بجلي بند

    سکر ۾ ڇنڇر جي شام زوردار آنڌاري سبب عام وهنوار سخت متاثر ٿيو آهي واپڊا وارن پاران بجلي جي بندش سبب رات دير تائين ڪيترائي علائقا اونده جي ور چڙهي ويا آهن جڏهن ته ڪجهه وٽن جي ڪرڻ ۽ ڪچن گهرن جي ڇتين اڏامڻ سبب گاڏين وچ۾ ٽڪر ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • بوڪ اسٽور کي باهه، لکين رپين جو سامان سڙي رک

    پيرڳوٺ ۾ بوڪ اسٽور کي باهه، لکين رپين جو سامان سڙي رک، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ ۾ درگاهه روڊ تي قائم سيد محمد علي شاهه راشدي جي بوڪ اسٽور ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب اوچتو باهه لڳڻ ڪري دوڪان ۾ پيل ڪتاب، اسٽينشري جو سامان، روڪ رقم سڙي رک ٿي ويا

    وڌيڪ پڙھو
  • صدرپارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 21 مئي جو طلب ڪري ورتو

    صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 21 مئي جي شام پنجين وڳي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن کي ترڪ وزيراعظم رجب طيب اردگان خطاب ڪندو. صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو آهي. ترڪ وزيراعظم پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دور ڪندو. ان کان اڳ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي سندس ترڪي جي گذريل دوري دوران ترڪ پارليامينٽ کي خطاب لاءِ مدعو ڪيو ويو هو

    وڌيڪ پڙھو
  • پير جو ڳوٺ: اغوا نارين جو اڃان پتو نه پيو

    وڏا مهيسر مان اغوا ڄاڻايل ٽن عورتن جو پتو نه پيو، 8 ڄڻن خلاف اغوا جو ڪيس داخل، هڪ گرفتار ، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز، رپورٽ موجب، وڏا مهيسر مان هڪ هفتو اڳ اغوا ڄاڻايل نوجوان ناري رخسانه زال اشفاق مهيسر، جاويدان زال ماجد مهيسر، وزيران زال ارباب مهيسر جو سخت ڳولا باوجود وارثن کي پتو نه پئجي سگهيو آهي هوڏانهن احمدپور ٿاڻي تي ارباب مهيسر جي فرياد تي جوابدارن ظفر ميتلو، گلشير ميتلو، ممتاز ميتلو ۽ ميتلا برادري جي ٽن عورتن سميت 8 ڄڻن مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • پير جو ڳوٺ : مجتبي راشدي جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع

    پيرڳوٺ ۾ ناليواري دانشور ۽ قومپرست اڳواڻ مجتبي راشدي جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع، 10 کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ ۾ ناليواري دانشور ۽ قومپرست اڳواڻ سيد مجتبيٰ راشدي جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي وئي آهي جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ علائقي جي 10 کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو آهي. هوڏانهن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو افتتاح اڳوڻي تعلقه ناظم ۽ پ پ اڳواڻ سيد عبداللطيف شاهه راشدي ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • هيڊ ماسترياڻي جي زيادتين خلاف شاگردياڻين جومظاھرو

    گرلس پرائمري اسڪول پريالوءِ جي هيڊ ماسترياڻي جي زيادتين خلاف شاگردياڻين جو پيرڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي رابعيه اسمه، فردوس شيخ ۽ بيون ڪري رهيون هيون ان موقعي تي شاگردياڻين جو چوڻ هو ته پريالوءِ گزلس پرائمري اسڪول جي هيڊماسترياڻي محموده مهر پنجون پاس سرٽيفڪيٽ ڏيڻ عيوض سرعام مسڪين شاگردياڻين کان في سرٽيفڪيٽ تي 500 رپيه رشوت گهري رهي آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button