مختصر خبرون
-
جيئي سنڌ محاذ پاران سڀاڻي سکر۾ ريلي ڪڍي ويندي
جيئي سنڌ محاذ پاران سڀاڻي سکر۾ صبح 10 وڳي تير چوڪ کان گهنٽاگهر تائين حق خوداراديت ريلي ڪڍي ويندي جنهن جي اڳواڻي عبدالخالق جوڻيجو ڪندو
وڌيڪ پڙھو -
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ پوليو مھم جي صدارت ڪئي
گڏجاڻي۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ٻُڌايو ته ايندڙ پوليومهم دوران هر لاڳاپيل تعلقي جي ٽي ايم اي پاران پوليو ٽيمن کي ٽرانسپورٽ ۽ جڏهن ته لاڳاپيل تعلقي اسسٽنٽ ڪمشنرن پاران پنهنجن تعلقن جي بي ايڇ يو تي پوليو مهم دوران ٽن ڏينهن لاءِ برف مهيا ڪندا.
وڌيڪ پڙھو -
پاڪستان نيوي ۾ بطور سيلر جي ڀرتي لاءِ رجسٽريشن جاري آهي
ڪمانڊر پاڪستان نيوي آفيسر انچارج ذوالفقار احمد ڄاڻايو آهي ته پاڪستان نيوي ۾ بطور سيلر جي ڀرتي لاءِ رجسٽريشن جاري آهي ان سلسلي ۾ رجسٽريشن جي آخري تاريخ 08 جون 2012 مقرر ڪئي وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جو وڏو ڀاءُ فوت
وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جو وڏو ڀاءُ سيد علي نواز شاهه لاڏاڻو ڪري ويو سند س جنازي نماز رات سکر جي مدرسي منزل گاهه ۾ عشا جي نماز بعد ادا ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
پير جو ڳوٺ :50 ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي وئي
سيپڪو پريالوءِ اختيارين رهتن جي آڙ ۾ ڪوٽ مير محمد شهر سميت 50 ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي، چورين جو آزار وڌي ويو، رهواسي سخت گرمي ۽ مڇرن جي آزار سبب عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور
وڌيڪ پڙھو -
ڪراچي واري واقعي خلاف پير ڳوٺ ۾ شٽربند هڙتال
پيرڳوٺ ۾ قومپرستن ۽ نواز ليگ ڪارڪنن پاران ڪراچي واقعي ۽ حيدر آباد ۾ جسمم اڳواڻ جي قتل خلاف پوري سنڌ جيان پيرڳوٺ ۾ پڻ ڪارڪنن شٽربند هڙتال ڪرائي احتجاجي ريلي ڪڍي
وڌيڪ پڙھو -
امڪاني ٻوڏ واري صورتحال جي حوالي سان رابطو نمبر
چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن سکر آغا اعجاز احمد خان پاران ايگزيڪيٽوِ انجنيئر بئراج ڊويزن سکر آفتاب احمد کوسو کي فلڊ ايمرجنسي آفيسر جڏهن ته اسسٽنٽ ايگزيڪيٽوِ انجنيئر ريگيوليشن سب ڊويزن سکر عبدالستار ساريو کي فلڊ لائيزان آفيسر نامزد ڪيو ويو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
بهادر خان اڄڻ کي خيرپور لاءِ امڪاني فلڊ ايمرجنسي ۾ فوڪل پرسن نامزد ڪيو ويو
چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن سکر آغا اعجاز احمد خان پاران ايگزيڪيٽوِ انجنيئر ايريگيشن ويسٽ خيرپور بهادر خان اڄڻ کي خيرپور لاءِ امڪاني فلڊ ايمرجنسي ۾ فوڪل پرسن نامزد ڪيو ويو آهي. جنهن سان آفيس نمبر 0243-9280143 تي رابطو ڪري امڪاني ٻوڏ جي حوالي سان ضروري معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
وڌيڪ پڙھو -
سکر ۽ ڀرپاسي ۾ گرمي جي شددت ۾ اضافو
سکر ۽ ڀرپاسي ۾ گرمي جي شددت ۾ اضافو ٿيڻ شرط بجلي جي بندش ۾ اضافو ڪيو وي آهي جنهن سبب عام وهنوار توڙي ڪاروبار سخت متاثر بڻيل آهي غريب ماڻهو سخت پريشاني جو شڪار بڻيل آهن
وڌيڪ پڙھو -
سکر پوليس ٻن شخصن کي چرس سميت گرفتار ڪري ورتو
سکر سي سيڪشن پوليس آئوٽر سنگل وٽان طالب مهر کي ٻن ٽي ٽي پسٽلن سوڌو آباد پوليس عبدالقدوس ميراڻي کي هڪ ٽي ٽي پسٽل سوڌو ۽ نيو پنڊ پوليس ٻن ڄڻن امام بخش گڏاڻي ۽ رخسار مهر کي 13 سئوگرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.
وڌيڪ پڙھو