مختصر خبرون
-
سکر:ڊي آئي پوليس ڪانسٽيبل کي ھٽائي ڇڏيو
ڊي آئي جي پوليس سکر رينج امير احمد شيخ عوامي شڪايتن تي پوليس ڪانسٽيبل محمد مراد مهر انچارج پوليس پڪٽ گلاب اوڍو ٿاڻو کينجهون ضلع گهوٽڪي کي سسپينڊ ڪري ، پوليس لائن ضلعي گهوٽڪي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
ٺري ميرواهه: تعلقه ڪائونسل جي ملازمن کي پگهارون ڏياريون آهن، عبدالحميد جمالي
تعلقه ڪائونسل ٺري ميرواهه جي ٽرانزيشن آفيسر عبدالحميد جمالي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مون ذاتي ڪوششن سان تعلقه ڪائونسل ٺري ميرواهه جي ملازمن کي پگهارون ڏياريون آهن ، ۽ تعلقه ڪائونسل جي اڪائونٽ مان صرف ملازمن جي پگهارن جا پئسا ڪڍرايا آهن
وڌيڪ پڙھو -
ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ بند ڪريو، ڳوٺاڻن جو مظاھرو
ڳوٺ کبڙ جوڳي ۾ ٺهندڙ سي سي بلاڪ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ خلاف ڳوٺ کبڙ جوڳي جي رهواسين مور جوڳي ، عنايت الله جوڳي ، علي حيدر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ترقي پسند پاران بک ھڙتال جاري
سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٽنڊو محمد خان جي ڊپٽي ڪمشنر برڪات رضوي جي مبينه ڪرپشن ۽ ايندڙ امڪاني ٻوڏن ۾ ٽندو محمد خان جي ناڪاره ڊرينيج سسٽم خلاف ٽئين ڏينهن رضا خاصخيلي،اقبال حاجاڻو، ذوالفقار علي صبحپوٽو، نديم درس، ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪن تعلقه ميونسپل آفيس سامهون شاميانو هڻي علامتي بک هڙتال جاري رکي
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ: اڻڄاتل پير سن جو لاش هٿ آيو
شهدادڪوٽ ويجهو اڻڄاتل پير سن جو لاش هٿ آيو ، سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي،شهر ويجهو قبي سعيد خان باءِ پاس وٽان 70 ورهين جي اڻڄاتل شخص جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ: ڪارھن جي الزام تحت نوجوان قتل
شهدادڪوٽ ويجھو هٿياربندن ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان (35) ورهين جي نوجوان کي قتل ڪري ۽فرار ٿي ويا ـ تعلقي ميروخان جي بهرام ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ بُٺي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 35 ورهين جي منور علي پٽ محمد علي چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا
وڌيڪ پڙھو -
پيرڳوٺ: قتل جي جوابدار جي گرفتاري جي دعويٰ
پيرڳوٺ پوليس پاران قتل ڪيس جي مک جوابدار کي پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوٰي، رپورٽ موجب پيرڳوٺ پوليس دعوٰ ڪندي چيو آهي ته ڪالهه خفيه اطلاع ملڻ تي پوليس لوڊا موڙ وٽان قتل ڪيس جي جوابدار مجاهد ٻپڙ کي پسٽل سميت گرفتار ڪري کيس لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
پير جو ڳوٺ:ملڪ حڪومت جي غلط پالسين سبب تباهي ڪناري پهتو آهي، ن ليگ
نواز ليگ ضلعي خيرپور جي اڳواڻن ايڊوڪيٽ ڪي بي ڪٻر، منظور مهيسر، عبدالله شر وڏا مهيسر ۾ نواز ليگ ڪارڪنن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ملڪ حڪومت جي غلط پالسين سبب تباهي ڪناري پهتو آهي جنهن لاءِ عوام کي گهرجي ته هاڻ اهڙن ٺڳن جي ڪوڙن دلاسن ۾ پنهنجي قميتي ووٽ جو زيان نه ڪن
وڌيڪ پڙھو -
پيرڳوٺ:مشهور بزرگ شهيد بادشاهه جي ميلي ۾ ملهه جا مقابلا۽ صوفي راڳ
پيرڳوٺ لڳ مشهور بزرگ شهيد بادشاهه جي ميلي ۾ ملهه جا مقابلا، صوفي راڳين سر وکيري سج اڀاري ڇڏيو، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ صدرجي ڀٽيون ۾ مشهور بزرگ شهيد بادشاهه جي هلندڙ ميلي ۾ سنڌ جي مشهور ملهه پهلواڻن علي نواز ميتلو، شاهنواز ميربحر، دلبر خان، ياسين احمد ۽ ٻين ۾ مقابلا ٿيا
وڌيڪ پڙھو -
پير جو ڳوٺ: ڀاءُ ڀيڻ اسلام قبول ڪري ورتو
پنو عاقل واسي ڀاءُ ڀيڻ پيرڳوٺ پهچي خانقاءِ راشديه ۾ اسلام قبول ڪري ورتو، شهر جي واپارين پاران مالي سهائته پڻ ڪئي وئي، رپورٽ موجب، پنو عاقل واسين ڀاءُ ڀيڻ لاکو پٽ سونو ماروائي ۽ سوني ڌيءُ سونو ماروائي (ڀيل) اڄ پيرڳوٺ پهچي درگاهه خانقاءِ راشديه ۾ مفتي محمد الرحيم سڪندري تي هٿ تي اسلام قبول ڪري ورتو آهي
وڌيڪ پڙھو