مختصر خبرون
-
اغوا ٿيل نوجوان کي پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي
پيرڳوٺ لڳ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل نوجوان کي پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي، وارث عيد جدائي ۽ غم ۾ گذاريندا، رپورٽ موجب، 5 ڏينهن اڳ پيرڳوٺ لڳ جيها مسجد اسٽاپ وٽان زمين کي پاڻي ڏيندڙ هٿياربند ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل نوجوان بشير احمد جيهو کي پيرڳوٺ پوليس ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب نه ڪرائي سگهي آهي
وڌيڪ پڙھو -
پاڻي جي کوٽ جي سبب وقتي طور واهن ۾ پاڻي جي وارا بندي
آبپاشي کاتي خيرپور ايسٽ ڊويزن جي ايگزيڪيٽوِ انجنيئر خيرپور فيڊرايسٽ ڪئنال جي واهن جي وارا بندي جي شيڊيول جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جي کوٽ جي سبب وقتي طور واهن ۾ پاڻي جي وارا بندي ڪئي پئي وڃي
وڌيڪ پڙھو -
ايِ ڊي او اي ۽ ڊي او ستادن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ پيا ڪن، پ ٽ الف ڪنگري
پ ٽ الف تعلقي ڪنگري جي اڳواڻن جمال مهيسر، سرور ڪانهر ، مير عبدالستار ٽالپر، سيد نور نبي شاهه راشدي ۽ ٻين پيرڳوٺ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ايِ ڊي او اي تعليم خيرپور، ڊي او خيرپور توڙي اي ڊي او تعليم ڪنگري جي آفيسن ۾ استادن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ پيا ڪن
وڌيڪ پڙھو -
نواز ليگ پاران خوشي ۾ وڏا مهيسر ۾ ريلي ڪڍي وئي
نواز ليگ سربراهه نواز شريف پاران محمد ايوب شر کي نواز ليگ سنڌ جو سينئر نائب صدر مقرر ڪرڻ جي خوشي ۾ وڏا مهيسر ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي نواز ليگ اڳواڻ عبدالله شر، ايڊوڪيٽ منظور مهيسر، خان محمد شر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا
وڌيڪ پڙھو -
ٻوڏ متاثرن نوجوانن پاران احتجاجي مظاهرو
ڪنگري جي ڪچي جي ڳوٺ صادق ڪلهوڙو جي ٻوڏ متاثرن نوجوانن پاران ماستري جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پيرڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي نادر ڪلهوڙو، حافظ محمد نواز، غلام اصغر ڪلهوڙو، بشير ڪلهوڙو، امير سلطان ڪلهوڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا
وڌيڪ پڙھو -
جتوئي، ڪلوڙ ۽ ناريجا تڪرار جو نبيرو اڄ راڻيپور ۾ ٿيندو
ڪنگري جي ڪچي ۾ 22 کان وڌيڪ جانيون ڳڙڪائيندڙ جتوئي، ڪلوڙ ۽ ناريجا تڪرار جو نبيرو اڄ راڻيپور ۾ ٿيندو، رپورٽ موجب، ڪنگري جي ڪچي جھلي ڪلواڙي ۽ فيض محمد ٻنڊو واري علائقي ۾ جتوئي، ڪلوڙ ۽ ناريجا برادري جي ڌرين ۾ 4 هزار ايڪڙ زمين جي مالڪي تان هلندڙ خوني تڪرار جنهن ۾ 22 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن
وڌيڪ پڙھو -
مڊل اسڪول جو هيڊماستر ڪاري ڪامڻ وگهي فوت
پيرڳوٺ لڳ مڊل اسڪول جو هيڊماستر ڪاري ڪامڻ وگهي فوت، گهر ۾ ڪهرام، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ مگرجي ۾ مگرجي مڊل اسڪول جو هيڊ ماستر 45 ساله امام بخش راهوجو (سانگري) ڪاري ڪامڻ وگهي فوت ٿي ويو
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ جي ناري ڪارنھن جي الزام قتل
شهدادڪوٽ ويجھو سجاول جوڻيجي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ بخشو ساريو ۾ جوابدار پرويز ساريو پنهنجي نوجوان سوٽِ ناري شبيران ساريو کي ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو
وڌيڪ پڙھو -
ڪيترائي سال گذرڻ باوجود سندن ڪوبه پروموِشن نه ڪيو ويو آهي، جي ايس ٽي استاد
پيرڳوٺ ۾ جي ايس ٽي استادن پاران ناظم شيخ، مير عنايت ٽالپر، حميد کنڀڙو، روشن گهمرو ۽ ٻين پيرڳوٺ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي هزارين جي ايس ٽيز سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي جيڪي پنهنجي مقرري واري ٽائيم کان وٺي هن وقت تائين ساڳئي گريڊ ۽ ڪيڊر ۾ ڪم ڪري رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
ڪراچي مان اغوا ٿيل ناري جي اغوا جو 5 ڄڻن تي ڪيس داخل
5 ڏينهن اڳ ڪراچي مان اغوا ڪيل ڪنگري واسڻ ناري جي اغوا جو 5 ڄڻن تي ڪيس داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي، مڙس پاران پٽينش پڻ داخل ڪرائي وئي
وڌيڪ پڙھو