مختصر خبرون
-
ڪنگري ۾ پوليس اهلڪار هٿان پرائمري استاد قتل
ڪنگري ۾ پوليس اهلڪار هٿان فنڪشنل ليگ تعلقي صدر جو چاچو گوليون هڻي بيدردي سان قتل، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، جوابدار بندوق سميت گرفتار
وڌيڪ پڙھو -
10 ساله درويش صفت نينگر سان مبينا اجتماعي بدفعلي
پيرڳوٺ لڳ 10 ساله درويش صفت نينگر سان مبينا اجتماعي بدفعلي، نينگر ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور اسپتال داخل، ڪيس داخل نه ٿيو، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڪولاب جيئل ۾ 10 ساله نينگر نعمت الله پٽ محمد سليمان ڪانڌڙو سان ٻن جوابدارن مبينا بدفعلي ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
ٺري ميرواهه :واھن بند ھئڻ خلاف آبادگارن جو مظاھرو
سدارنگ واهه ، بلاول واهه هڪ هفتي کان بند هجڻ خلاف سدارنگ واهه ۽ بلاول واهه جي سوين آبادگارن پاران بلاول واهه جي پل کان احتجاجي مارچ ٺري ميرواهه پريس ڪلب آڏو سڪل فصل کڻي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو
وڌيڪ پڙھو -
پيرا ميڊيڪل تعلقي ڪنگري جي چونڊن ثناءُ الله ميمڻ صدر چونڊجي ويو
رورل هيلٿ سينٽر ۾ پيرا ميڊيڪل تعلقي ڪنگري جون چونڊون، ثناءُ الله ميمڻ صدر چونڊجي ويو، رپورٽ موجب، پيراميڊيڪل تعلقي ڪنگري جون چونڊون رورل هيلٿ سينٽر پيرڳوٺ ۾ پيرا ميڊيڪل ضلعي خيرپور جي آرگنائيزر ممتاز حسين مهيسر جي نگراني ۾ ٿي گذريون
وڌيڪ پڙھو -
پير جو ڳوٺ: پي ايس ٽي جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو
احمدپور جي شهرين پاران پي ايس ٽي جا آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي عبدالله شر، طاهر مهيسر، گل حسن مهيسر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا
وڌيڪ پڙھو -
پيرڳوٺ لڳ جوڳي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گڏهه جي پئسن تان جهيڙو
پيرڳوٺ لڳ جوڳي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گڏهه جي پئسن تان جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي، اين سي داخل، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ جوڳي ۾ جوڳي برادري جي ٻن ڌرين مشتاق جوڳي ۽ وزير جوڳي ۾ گڏهه جي پئسن جي ڏيتي ليتي تان جيهڙو ٿي پيو
وڌيڪ پڙھو -
ڪنگري جي ڪچي ۾ اوڍا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو
ڪنگري جي ڪچي ۾ اوڍا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مرڻينگ، اسپتال داخل، رپورٽ موجب، ڪنگري جي ڪچي واري علائقي فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمود خان اوڍو ۾ اوڍا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڏيڍ جريب زمين جي مالڪي تان راڻو خان اوڍو ۽ ربين خان اوڍو جي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو
وڌيڪ پڙھو -
پيرڳوٺ ۾ نوجوان ناري مڙس ۽ ڏيرن جي ظلم کان تنگ ٿي ٿاڻي تي پهچي وئي
پيرڳوٺ ۾ نوجوان ناري مڙس ۽ ڏيرن جي ظلمن کان تنگ ٿي ٿاڻي تي پهچي وئي، اين سي داخل، مڙس گرفتار، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ جي ڪچي آبادي پاڙي جي رهواسڻ 18 ساله نوجوان ناري نائله ڌيءُ مرحوم غلام اڪبر ميربحر پيرڳوٺ ٿاڻي تي پهچي دانهيندي چيو آهي ته سندس مڙس رمضان ڇڄڙو ۽ ڏير ممتاز ڇڄڙو مٿس ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي
وڌيڪ پڙھو -
بهبود آبادي ڏينھن واري ڏينھن تي خيرپور ۾ واڪ جو اھتمام 11 جولاءِ تي
هر سال11 جولاءِ تي آبادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ حڪومت جي بهبود آبادي واري کاتي پاران صوبي اندر پڻ هر سال 11 جولاءِ تي آبادي جو عالمي ڏينهن طور تي ملهايو ويندو آهي
وڌيڪ پڙھو -
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور 9 جولاءِ تي عام واهپي جي شين جي قيمتن مقرر ڪرڻ جي گڏجاڻي ڪندو
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ضلعي اندر عام واهپي کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن جي مقرري لاءِ 9 جولاءِ 2012 تي صبح جو 11 وڳي درٻار هال ڊي سي آفيس خيرپور ۾گڏجاڻي ڪندو
وڌيڪ پڙھو