مختصر خبرون
-
پرائمري اسڪول استاد جي ملڪيت تي ڀائرن قبضوڪري ڇڏيو ،مدد جي اپيل
لاڙڪاڻو جي رٽائرڊ پرائمري اسڪول استاد در محمد ميمڻ جي ملڪيت تي ڀائرن قبضوڪري ڇڏيو وس وارن ۽ ميڊيا کي مدد جي اپيل
وڌيڪ پڙھو -
جيئي سنڌ قومي محاذ لاڙڪاڻو پاران ايس ايڇ او رحمت پور خلاف مظاھرو
جيئي سنڌ قومي محاذ لاڙڪاڻو پاران ايس ايڇ او رحمت پور وحيد ابڙو خلاف لاڙڪاڻو ميڊيا فورم آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو مظاھرين ٽائرن کي باھھ ڏئي رائل روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ذولفقار آباد رٿا خلاف روڊ بلاڪ
جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ذولفقار آباد رٿا خلاف ھوشو پارڪ اڳيان ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو جسقم لاڙڪاڻي جي اڳواڻن اطھر سومرو ، عزيز شيخ ، اشرف ڪلھوڙو ۽ ٻين مظاھري کي خطاب ڪندي چيوتھ سنڌ کي غلام ڪرڻ لاءِ ھٿ ٺوڪي ذوالفقار آباد رٿا پيدا ڪري سنڌي قوم کي غلام ڪيو پيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جو اجلاس ٺري ۾ ٿي گذريو
پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جو اجلاس ٺري ميرواهه ڀرسان ڳوٺ يار محمد خاصخيلي ۾ ٿي گذريو ، خاصخيلي راڄوڻي اتحاد پاران سڄي سنڌ اندر پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو اعلان
وڌيڪ پڙھو -
قبضي خورن کان بچايو وڃي، ڳوٺاڻن جو احتجاج
ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ صالح ڪلو ۾ ملڪيت ۾ حصي جي تڪرار تان ڪلا برادري جي مامي ۽ ڀاڻج وچ ۾ هلندڙ تڪرار سلسلي ۾ ڳوٺاڻي شفيع محمد،علي خان،ظهير ڪلو ۽ ٻين پريس ڪلب ڪنڊيارو پهچي احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته سندن ڀاڻج علي اڪبر ۽ ان جا ساٿاري محرم،سارنگ،علي حسن ۽ ٻيا هڪ بااثر زميندار جي چرچ تي سندن ڀيڻ کي ورغلائي ملڪيت ۾ حصو وٺڻ بهاني سندن ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا
وڌيڪ پڙھو -
علاج بجاءِ ڊاڪٽر اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو، ضعيف عورت جي دانھن
ڪنڊيارو جي نئين بکري پاڙي جي رهواسڻ 70 ورهيه ضعيف بيوهه عورت مسمات آست ملاح پريس ڪلب ڪنڊيارو ۾ احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته هوءَ بيوهه ۽ غريب عورت آهي جنهن کي ڪيتريون ئي بيماريون آهن جنهن جي علاج لاءِ اڄ جڏهن ِ سخت تڪليف واري حالت ۾ هوءَ تعلقه اسپتال ڪنڊيارو پهتي ته اتي مقرر بيرحم ڊاڪٽر اصغر شيخ سندس علاج ڪرڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو ۽ کيس تپاسڻ يا سمجهائڻ بجاءِ کيس گٿا لفظ ڳالهائي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
پنجاب مان مھمان ٿي آيل ٻار مڇيءَ جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت
محبت ديرو شهر ۾ پنجاب جي ضلعي مظفر ڳڙهه مان مهمان ٿي آيل 15 ورهيه نينگر شڪيل پٽ وسيم راجپوت مڇيءَ جي تلاءَ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويو آهي،جنهن جو لاش تلاءَ مان ڪڍڻ بعد سندس اباڻي شهر اماڻيو پيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
قبضي خورن کان بچايو وڃي، ڳوٺاڻن جو احتجاج
ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ صالح ڪلو ۾ ملڪيت ۾ حصي جي تڪرار تان ڪلا برادري جي مامي ۽ ڀاڻج وچ ۾ هلندڙ تڪرار سلسلي ۾ ڳوٺاڻي شفيع محمد،علي خان،ظهير ڪلو ۽ ٻين پريس ڪلب ڪنڊيارو پهچي احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته سندن ڀاڻج علي اڪبر ۽ ان جا ساٿاري محرم،سارنگ،علي حسن ۽ ٻيا هڪ بااثر زميندار جي چرچ تي سندن ڀيڻ کي ورغلائي ملڪيت ۾ حصو وٺڻ بهاني سندن ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا
وڌيڪ پڙھو -
ڦلپوٽابرادري جي سردار غلام حيدر ڦلپوٽو مسلم ليگ ف ۾ شموليت جو اعلان
فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي هڪ وڏي سياسي پارٽي آهي ايندڙ حڪومت فنڪشنل مسلم ليگ جي هوندي. سيد راشد شاهه راشدي. مسلم ليگ ف هائوس خيرپور تي مشهور سماج سڌارڪ تنوير وساڻ ۽ مسلم ليگ ن خيرپور جي ضلعي نائب صدر ۽ ڦلپوٽابرادري جي سردار غلام حيدر ڦلپوٽو مسلم ليگ ف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ۾ جسقم پاران ذوالفقار آباد رٿا خلاف احتجاجي مظاهرو
خيرپور ۾ جسقم پاران ذوالفقار آباد رٿا خلاف احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب خيرپور ۾ جسقم طرفان ذوالفقار آباد رٿا خلاف سوڪ سينٽر خيرپور کان پريس ڪلب خيرپور تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو