مختصر خبرون
-
کجور منڊي ۾ گڏهه گاڏي واري مٿان تشدد، پورهيتن جو احتجاج
کجور منڊي خيرپور ۾ دوڪان ٻاهران گڏهه بيهارڻ تان منڊي جو سيٺ مڇرجي پيو، گڏهه گاڏي واري مٿان تشدد، پورهيتن جو احتجاج.
وڌيڪ پڙھو -
بشير خان قريشي جا جزا پرڏيهه مان چڪاس نه ڪرائڻ خلاف علامتي بک هڙتال
جسقم تعلقي ڪنگري پاران بشير خان قريشي جا جزا پرڏيهه مان چڪاس نه ڪرائڻ خلاف پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي بک هڙتال ۾ بشير احمد مهيسر، فياض جاگيراڻي، نعيم انصاري، زاهد جاگيراڻي، نعيم انصاري، اظهر مهيسر، علي حر جاگيراڻي، جاويد پنهيار، علي گل پنهيار ۽ ٻيا شامل آهن بک هڙتال ڪندڙ چيو ته اسانجي رهبر بشير خان قريشي جا جزا پرڏيهه مان چڪاس نه ڪرائڻ جسقم سان وڏي ويساهه گهاتي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
هٿياربندن جو موٽر سائيڪل تي حملو، هڪ ڄڻو قتل
ڳاڙهي موري لڳ هٿياربندن جو موٽر سائيڪل تي حملو، ڇتي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، سندس ڀاءُ معجزانه طور بچي ويو
وڌيڪ پڙھو -
ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت
اسٽيل ٽائون لڳ قومي شاهراهه تي قائداعظم پارڪ ويجهو ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي
وڌيڪ پڙھو -
ابراهيم حيدري لڳ سمنڊ ۾ مهاڻن سان ڀريل ٻيڙي اونڌي
ابراهيم حيدري لڳ سمنڊ ۾ مهاڻن سان ڀريل ٻيڙي اونڌي ٿي ويئي، 6 مهاڻن مان 3 ٻڏي ويا جڏهن ته ٽن کي بچايو ويو، لاپته مهاڻن جي ڳولا جاري
وڌيڪ پڙھو -
ڪولاب جيئل ۾ ايم اين اي طرفان اسٽريٽ لائيٽ لاءِ ڏنل پئسا ھڙپ
ٽنڊومستي لڳ ڪولاب جيئل ۾ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو طرفان اسٽريٽ لائيٽ لاءِ ڏنل پنجاهه لک رپيا انجنيئر ۽ ٺيڪيدار هڙپ ڪري ويا.
وڌيڪ پڙھو -
جوابدار پسٽل سميت گرفتار
پيرڳوٺ پوليس جوابدار کي پسٽل سميت گرفتار، لاڪ اپ حوالي، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ پوليس پيرڳوٺ جي ڪنڀر محلي وٽان هڪ جوابدار رضا محمد ڪنڀر کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ پسٽل هٿ ڪري ورتو آهي
وڌيڪ پڙھو -
پورھيتن جو مزدوري نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاھرو
پيرڳوٺ لڳ کجين جي باغ تي پورهيو ڪندڙ شڪارپور واسي پورهيتن جو بيکر پاران مزدوري نه ڏيڻ خلاف احتجاج
وڌيڪ پڙھو -
سيپڪو خلاف درخواست داخل
حڪومتي اعلانن ۽ دعوائن جي ابتڙ رمضان شريف جي مقدس مهيني دوران به سيپڪو پاران بجلي جي غيرقانوني لوڊشيڊنگ واري عمل خلاف ڪنڊيارو تعلقه بار ايسوسيئيشن پاران وڪيل مظهر علي ميتلو معرفت سيپڪو ڪنڊيارو ۽ ٺارو شاهه جي ايس ڊي او ۽ ڪنڊيارو جي گرڊ اسٽيشن جي انچارج خلاف ڪنڊيارو جي فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ورتي آهي
وڌيڪ پڙھو -
آصف زرداري جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو
ڪنڊيارو جي ملاح هائوس تي ملڪي صدر آصف علي زرداري جي 57هين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو،ان موقعي تي پي پي ضلعي نوشهري فيروز جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ آفتاب ملاح پاران سندس سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي پي پي جي رهائي ڪاميٽي سميت مختلف ذيلي ڪاميٽي جي سوي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو