مختصر خبرون
-
نا معلوم ماڻهن فقير غلام علي شر جي دڪان کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو
ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ نا معلوم ماڻهن فقير غلام علي شر جي دڪان کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ، جنهن سبب دڪان ۾ پيل سمورو سامان ٽي وي فٽنگ ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو
وڌيڪ پڙھو -
موبائلن جي دڪان مان چوري
ٺري ميرواهه ٿاڻي جي وک پنڌ تي سامهون نامعلوم چور علي بخش ڀٽي جي موبائلن جي دڪان جي ڇت ٽوڙي موبائلون روڪ رقم ، ڪمپيوٽر جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا
وڌيڪ پڙھو -
نادرا ٺري ميرواهه عملي جي زيادتين خلاف مظاھرو
نادرا ٺري ميرواهه عملي جي زيادتين خلاف سمارٽ ڪارڊ نه ٺاهي ڏيڻ خلاف تعلقه اسپتال ٺري ميرواهه جي ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري نادرا ٺري ميرواهه عملي خلاف نعريبازي ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
ٺري ميرواهه شهر ۾ سوين بجلي جا چوري وارا ڪنيڪشن ڪاٽا ڪيا
سيپڪو سيٺارجه جي ايس ڊي او شفقت حسين ڀيلار ، لائن سپريڊنٽ ٺري ميرواهه جاويد حسين سان گڏجي ٺري ميرواهه شهر ۾ سوين بجلي جا چوري وارا ڪنيڪشن ڪاٽا ڪيا ، ۽ ڪنڊا ڪنيڪشن خلاف مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
ٻن ڏينهن اندر تعلقه ڪائونسل ٺري ميرواهه جي سمورن ملازمن کي ٻن مهينن جون پگهارون ڏنيون وينديون، ٽي او فنانس
ٽي ايم اي ٺري ميرواهه جي نئين مقرر ٿيل ٽي او فنانس محمد اسلم ميتلو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٻن ڏينهن اندر تعلقه ڪائونسل ٺري ميرواهه جي سمورن ملازمن کي ٻن مهينن جون پگهارون ڏنيون وينديون
وڌيڪ پڙھو -
ٺري ميرواهه ڀرسان ڏهن کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ برسات ۽ ٿڌ سبب مال ۾ بيماري پئجي وئي
ٺري ميرواهه ڀرسان ڏهن کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ برسات ۽ ٿڌ سبب مال ۾ بيماري پئجي وئي ، ڳوٺ عظيم خان دستي ، ڳوٺ عجيب دستي ، ڳوٺ سردار خان شر ، ڳوٺ هوت خان شر ۽ ٻين ۾ مال ۾ بيماري پئجي وئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
ٺري ميرواهه : ٻن مهينن کان ملازمن کي پگهارون نه ملڻ خلاف مظاھرو
گذريل ٻن مهينن کان تعلقه ميونسپل ميرواهه جي ڪچن ۽ پڪن ملازمن کي پگهارون نه ملڻ خلاف ملازمن معصوم ٻار ساڻ ڪري بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي ، ملازمن پاران ٽي ايم او ٺري ميرواهه انور بلوچ خلاف سخت احتجاج
وڌيڪ پڙھو -
اغوا ٿي ويل معصوم نينگر رافع ميمڻ کي پوليس اتنظاميه اڃان تائين بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام
هنڱورجا جي ميمڻ محلي مان اغوا ٿي ويل معصوم نينگر رافع ميمڻ کي پوليس اتنظاميه اڃا تائين بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ، ڊي آءِ جي سکر نينگر کي بازياب نه ڪرائڻ جي الزام هيٺ ايس ايچ او هنڱورجا امير چانگ کي معطل ڪري خيرپور لائين ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
پيءُ جي مار کان ڀڳل ٻار پنجن سالن کان غائب
پنج سال اڳ پيءُ جي مار کان ڊڄي ڪري گهر کان ڀڳل سکر جي علائقي جناح چوڪ جو رهواسي سلمان احمد اڃان تائين گهر ناهي پهتو، ان جو والد محمد اسلم شمسي پٽ جي تلاش جي لاءِ سکر پريس ڪلب پهچي ويو
وڌيڪ پڙھو -
5 سالن ۾ روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو
سکر جي احمد نگر ۽ شهباز ڪالوني ۾ ٺيڪيدار 5 سالن ۾ 3 مرتبه روڊ تي پٿر اڇلائي غائب ٿي ويو آهي، جنهن سبب علائقي واسي ٺيڪيدار ۽ انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو
وڌيڪ پڙھو