مختصر خبرون
-
شاگردن لاءِ “سنڌ ۾ فني تعليم جي اهميت”جي عنوان سان هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو
سنڌ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ حيدرآباد ( اسٽيوٽا) پاران حيدرآباد ريجن جي ماتحت ڪيريئر ڪائونسلنگ اينڊ پيلسمينٽ سينٽرز حيدرآباد پاران سر غلام حسين هدايت الله اسڪول جي شاگردن لاءِ “سنڌ ۾ فني تعليم جي اهميت”جي عنوان سان هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو .
وڌيڪ پڙھو -
جمعيت مشائخ اهلسنت پاڪستان جو اجلاس ٿي گذريو
جمعيت مشائخ اهلسنت پاڪستان ضلع سکر جو اهم اجلاس ضلعي صدر علامه پير مير محمد قريشي جي صدارت ۾ ٿيو، ضلعي ميمبرن ، شوريٰ، عامله پاران ڀرپور شرڪت ڪئي، تلاوت ۽ نعت رسول مقبول ﷺ سان پير ميان محمد سومر سهروردي اجلاس جو آغاز ڪيو، ميمبرن درگاهن تي بم ڌماڪن ۽ قاتلانه حملن جي پر زور مذمت ڪئي،اها حڪومت جي ڪمزوري آهي يا اسلام دشمن عناصرن جي پشت پناهي ڪري رهي آهي، دهشت گردي پڪڙيا به وڃن ٿا پر انهن جو چالان عدالت ۾ پهچڻ کان پهريون ئي ڇڏي ڏنو وڃي ٿو.
وڌيڪ پڙھو -
سکر: ڦرڪ ڪندڙ جوابدارن کي سزا ڏياري وڃي، آل پاڪستان سومرا ايسوسئيشن
آل پاڪستان سومرا ايسوسئيشن جي اڳواڻ ۽ شهيد سنڌ الله بخش سومري جي پوٽي عقيل عباس سومري کان ڦرڪيل سامان هٿ ڪري جوابدارن کي سزا ڏياري وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار سومرا لايرز فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ نذير احمد سومرو، هادي بخش سومرو، مجيب الرحمٰن سومرو، محمد علي سومرو ۽ ٻين وڪيلن سيشن ڪورٽ سکر اڳيان احتجاج ڪيو.هوڏانهن سومرا اتحاد جي سکر جي صدر صدرالدين سومرو جنرل سيڪريٽري خميسو خان سومرو ۽ ٻين واقعي جي مذمت ڪندي اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
سکر جي صحافين پاران محمود احمد آفريدي جي قتل جي مذمت
سکر جي صحافين قلات ۾ سينيئر صحافي محمود احمد آفريدي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته قاتلن کي گرفتار ڪري صحافي جي وارثن جي مالي مدد ڪئي وڃي ان ڏس ۾ هڪ اجلاس عمر سومرو جي صدرات هيٺ ٿيو
وڌيڪ پڙھو -
ٽي ايم او ناروجي بدلي خلاف احتجاجي مظاهرو
ي ايم او نارو ظفر اقبال ڦلپوٽو جي بدلي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو بدلي نه روڪڻ جي صورت ۾ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ، تفصيل موجب تعلقي نارو جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين ٽي ايم او نارو ظفر اقبال ڦلپوٽو جي بنا جواز بدلي ڪرڻ خلاف محمد علي ، فدا حسين، علي گوهر، غلام عباس، بشير احمد، امتياز احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي ٽي ايم او جي بدلي روڪيو جا نعرا هنيا.
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: سڀاڻي کان مفت اکين جي ڪئمپ
لڪياري ويلفيئر ٽرسٽ پاران سيد ارشاد احمد شاهه ميموريل اسپتال ۾ سڀاڻي اڄ کان ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي طبعي ڪئمپ اڄ لڳائي پئي وڃي . جنهن جو افتتاح درگاهه سخي ناصر شاهه جي گادي نشين ۽ لڪيار ويلفيئر ٽرسٽ جو سربراهه پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ڪندو.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ۾ گورنر تبديل نه ٿيندو، منظور حسين وساڻ
جيلن جو صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي عليحدگي جي باوجود گورنر تبديل نه ٿيندو، ايم ڪيو ايم الڳ ٿي چڪي آهي، واپس نه ايندي، هاڻي ڪائي چال ڪٿان هلائي آهي
وڌيڪ پڙھو -
سکر: پاڪستان فنڪشنل مسلم ورڪز ڪنوينشن جون تياريون مڪمل
اڄ 18 فيبروري تي منجهند 12 وڳي سکر ريلوي اسٽيشن سامهون رلوي گرائونڊ ۾ پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ طرفان رٿيل ورڪز ڪنوينشن جون تياريون مڪمل
وڌيڪ پڙھو -
ايم ڪيو ايم جو حڪومت کان ڌار ٿيڻ ڊرامو آهي، فنڪشنل ليگ
فنڪشنل مسلم ليگ تعلقه ٺري ميرواهه جي گڏجاڻي مسلم ليگ فنڪشنل جي آفيس ٺري ميرواهه ۾ ٿي گذري جتي سٽي ٺري ميرواهه ۽ يونين ڪائونسل ٺري ميرواهه جون باڊيون چونڊيون ويون
وڌيڪ پڙھو -
ڪوئيٽا واقعي خلاف ٺري ميرواھ ۾ ھڙتال
ڪوئٽه بم ڌماڪي خلاف شيعه علماء ڪائونسل ٺري ميرواهه پاران ٺري ميرواهه ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪرائي وئي ، جڏهن ته هزارين مومنين علامه اسد علي شر ، علامه النبي بخش دانش ، علامه رضا حسين رضواني ، زنوار سينگار حسين مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، جلوس جي صورت ۾ ٺري ميرواهه شهر جو گشت ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو