مختصر خبرون
-
سکر غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي ڪچن ملازمن جو مظاھرو جاري
سکر غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي ڪچن ملازمن کي ريگولر نه ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهري وارو سلسلو جاري رکيو ملازمن نثار احمد، عرفان کوسو، غلام اصغر ۽ ٻين ڪاليج ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
حيدرآباد: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران پوليس ۽ تعليم کاتي ۾ ٽيسٽ جي تاريخ جو اعلان
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جي پوليس کاتي ۾ گريجوئيٽ ڪانسٽيبلز / هيڊ ڪانسٽيبلز کان اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر جي آسامين لاءِ شروعاتي لکت وارو ٽيسٽ انگلش ايسي 12 مارچ تي صبح جو 10 وڳي کان يارهين وڳي دوران ورتو ويندو، سنڌي / اردو ايسي 12 مارچ تي منجهند جو 2 وڳي کان 3 وڳي دوران ۽ جنرل ناليج جوشروعاتي لکت وارو ٽيسٽ 13 مارچ تي صبح جو 10 وڳي کان 11 وڳي دوران ورتو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
حيدرآباد: درگاهه حضرت سخي عبدالوهاب شاهه جيلاني رحه جو عرس مبارڪ 5 مارچ کان شروع ٿيندو
سنڌ جي اوقاف کاتي جي انتظاميه پڌرو ڪيو آهي ته درگاهه حضرت سخي عبدالوهاب شاهه جيلاني رحه جو ٽن ڏينهن وارو ساليانو عرس مبارڪ 5 مارچ کان 7 مارچ 2013 تائين حيدرآباد ۾ ملهايو ويندو جنهن ۾ هزارين عقيدتمند شرڪت ڪندا .
وڌيڪ پڙھو -
حيدرآباد: بئريسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙي مرحوم جي ورسي 9 مارچ تي منعقد ٿيندي
ننڍي کنڊ جي جديد ۽ وطن دوست سياستدان ۽ تحريڪ آزاديءَ جي رهنما بئريسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙي مرحوم جي 89 هين ورسي جي تقريب 9 مارچ 2013 تي شام جو 4 وڳي سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد جي ڊاڪٽر اين.اي بلوچ هال ۾ منعقد ڪئي ويندي
وڌيڪ پڙھو -
پوليس پاران بازياب ڪرايل عورت پيرڳوٺ جي عدالت ۾ پيش
صدرجي ڀٽيون لڳ مبينا اغوا بعد پوليس پاران بازياب ڪرايل عورت پيرڳوٺ جي عدالت ۾ پيش، عورت جي بيان ٻڌڻ بعد عدالت کيس والدين حوالي ڪري ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
ڪراچي واري واقعي خلاف صالح پٽ ۾ ھڙتال
صالح پٽ ۾ اهل تشيع جي نوجوانن ڪراچي واقعي خلاف شٽربند هڙتال ڪرائي ، ٽائرن کي باهيون ڏئي ڪراچي واقعي ۾ ملوث تنظيمن خلاف فوري طور تي ڪارروائي جو مطالبو ڪندي جوابدران کي ٽياس تي ٽنگڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ۽ سڄو ڏينهن شهر بند رهيو
وڌيڪ پڙھو -
پ پ سرڪار دهشتگردن آڏو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو آھي، عبدالله شر پير
نواز ليگ اڳواڻ عبدالله شر چيو آهي ته پ پ سرڪار دهشتگردن آڏو ڪنڌ جھڪائي معصوم شهرين جي قتل عام کي تماشي جيان ڏسي رهي آهي جيڪا سرڪار جي کلي ناڪامي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردن جو راڄ قائم ٿي چڪو آهي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا : بدامني ۽ ڦرلٽ خلاف احتجاجي مظاھرو
نڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڦر لٽ جي واقعن جي خلاف شهرين حليم الله ڀٽو مير مرتظي جلباڻي، عزيز الله ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي ا
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا :مڱڻهار برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو
هنڱورجا جي گل شاهه غازي محلي ۾ مڱڻهار برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو هڪ نوجوان چاقون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو تفصيل موجب هنڱورجا جي گل شاهه غازي محلي ۾ مڱڻهار برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان وقار احمد مڱڻهار زخمي ٿي پيو جنهن ڪري هنڱورجا اسپتال داخل ڪيو ويو. زخمي نوجوان ٻڌايو ته بناسبب جي موتي حملو ڪري زخمي ڪيو ويو آهي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
پ پ پ ملڪ جي عوام جي بي لوث خدمت ڪئي آهي، سيد علي نواز شاهه رضوي
صوبائي وزير ٻيلو کاتو سيد علي نواز شاهه رضوي چيو آهي ته پ پ پ جي موجوده جمهوري حڪومت پنهنجي 5سالن واري مدي دوران ملڪ جي عوام جي بي لوث خدمت ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو